خاص

وزيراعظم پاران پهرين مئي کان ملڪ مان لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ڪرڻ جي هدايت

وزيراعظم شهباز شريف عوام کي عيدالفطر جو وڏو تحفو  ڏيندي 30 اپريل تائين سمورن مسئلن جو خاتمو ڪري پهرين مئي کان ملڪ مان لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت به ڪئي آهي. اڱاري تي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ بجلي جي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي اعليٰ سطح جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته شهباز شريف اسپيڊ تي عمل پيدا ٿيندي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان بند پيل 27 بجلي گهرن مان 20 کي فعال بڻايو ويو آهي. 20 بجلي گهرن جي ٻيهر هلڻ سان بجلي جي پيداور ۾ اضافو ٿيو آهي، گذريل حڪومت چئن سالن ۾ بجلي گهرن لاءِ ٻارڻ خريد نه ڪيو، موجوده حڪومت صرف ٻن هفتن ۾ نه رڳو ٻارڻ جو انتظام ڪيو، پر انهن بجلي گهرن کان بجلي جي پيداوار وڌائي لوڊشيڊنگ جو خاتمو به ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ بجلي جي مجموعي پيداوار تقريبن 18500 ميگاواٽ آهي، گهرج جي لحاظ کان بجلي جو شارٽ فال 500 کان 2000 ميگاواٽ آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي حڪومت سنڀاليندي ئي بريفنگ ڏني وئي هئي ته 27 بجلي گهر ٻارڻ نه هجڻ جي ڪري يا ٻين فني خرابين جي ڪري بند پيل آهن. لوڊشيڊنگ جو وڏو سبب گذريل حڪومت جو بجلي گهر هلائڻ لاءِ ٻارڻ جي وقت سر فراهمي جو منصوبو نه هجڻ آهي.