ايڊيٽوريلنئون

برطانيه جي سياست ۾ متل گڙٻڙ ۽ پاڪستان جو ايندڙ بجيٽ

برطانيه اهو ملڪ آهي، جنهن جو راڄ سڄي دنيا تي قائم رهيو ۽ سندس حڪمرانيءَ ۾ سج به نه لهندو هو. دنيا جي هر کنڊ ۾ سندس ڪالونيون موجود هيون، پر پوءِ ٻئين عالمي جنگ کانپوءِ برطانيه کي پنهنجي ڪالونين کي آزاد ڪرڻو پيو ۽ آهستي آهستي برطانيه سسندي سوڙهو ٿي ويو. هن وقت برطانيه جي سياست ۾ ڪافي دلچسپ تبديليون نظر اچي رهيون آهن. ليبر پارٽي جي موجوده وزيراعظم تي سخت دٻاءُ آهي ته هو استعيفيٰ ڏئي گهر وڃي. هن وقت برطانيه ۾ بجيٽ ۽ ٽيڪس وڏو بحث بڻيل آهن. موجوده حڪومت جو چوڻ آهي ته ان کي ورثي ۾ هڪ “بليڪ هول” (معاشي خسارو) مليو، جنهن کي ڀرڻ لاءِ موجوده حڪومت سخت فيصلا ڪيا، پر مخالف ڌر (ڪنزرويٽو/ٽوري پارٽي) طرفان موجوده پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ ٽوري پارٽيءَ کي نئين سر اڀرڻ جو موقعو ملي ويو آهي ۽ سندس مهانگائي ۽ بجيٽ جو بيانيو عوام جو وڃايل اعتماد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

ٽيڪس هر ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان جي گهٽجڻ ۽ وڌجڻ سان حڪومتون لهن ۽ چڙهن ٿيون. اهوئي سبب آهي جو موجوده حڪومت جي مٿان ٽوري پارٽي تنقيد ڪري رهي آهي ته موجوده حڪومت ٽيڪس ۾ اضافو ڪري عوام کي معاشي دٻاءُ ۾ وڌو آهي، جنهن جي ڪري  سيڙپڪار ڀڄي رهيا آهن. ٽوري پارٽي سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جي حق ۾ آهي. بريگزٽ کي بچائڻ به هن پارٽيءَ جي منشور جو حصو آهي. ٽوري پارٽي چاهي ٿي ته غير قانوني طور ايندڙ ماڻهن کي روڪيو وڃي ۽ پوليس جي طاقت کي وڌائڻ، ڏوهن لاءِ سخت سزائون مقرر ڪرڻ ۽ برطانيه جي پراڻن ادارن جهڙوڪ: بادشاهت ۽ چرچ جي روايتي خانداني ڍانچي کي برقرار رکيو وڃي. چئي سگهجي ٿو ته برطانيه هن وقت وري هڪ نوجوان ٻار وانگر پنهنجون عادتون نئين سر جوڙي رهيو آهي ۽ زندگي گذارڻ لاءِ سکڻ جي عمل ۾ آهي. هن وقت ليبر پارٽي جي مقبوليت گهٽجي رهي آهي، جنهن جو سبب ٻارن جا ڪجهه فائدا ۽ سياري ۾ بزرگن کي ملندڙ ڪجهه فائدن جي ڪٽوتي عوام کي ڪاوڙايو آهي. موجوده حڪومت ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ کي خراب حالتن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٽوري ان جو سياسي فائدو وٺڻ لاءِ تنقيدي بيانيو جوڙي رهي آهي. گذريل حڪومتن بريگزٽ جو فيصلو ڪيو جنهن سبب برطانيه ۾ سستن مزدورن جي کوٽ ٿي چڪي آهي، يورپ مان ايندڙ شين تي وڌيڪ ٽيڪس ۽ ڪاغذي ڪارروائي سبب قيمتون ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌي رهيون آهن. ان هوندي به برطانيه جي ناڻي جو مستحڪم هجڻ ماڻهن لاءِ هڪ وڏو سهارو آهي. برطانيه جي موجوده صورتحال جي ذميداري گذريل چوڏهن سالن جي ڪنزرويٽو حڪومت (ٽوري پارٽي) تي اچي ٿي، جنهن بچت جي اصولن کي اختيار ڪندي عوامي خدمتن، جنهن ۾ اسپتالن ۽ تعليم جي بجيٽ ۾ وڏي ڪٽوتي ڪئي، جنهن جو نتيجو هن وقت ملڪ ۾ تباهيءَ جي صورت ۾ نظر اچي رهيو آهي.

ملڪ جو صحت جو نظام NHS ڊهي چڪو آهي. بورس جانسن، لزٽرس ۽ رشي سونڪ ملڪي معيشت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا. لزٽرس صرف 45 ڏينهن وزيراعظم رهي، پر سندس معاشي منصوبي جنهن ۾ هن وڏي بنياد تي ٽيڪسن ۾ ڪٽوتي ڪئي، برطانوي معيشت کي لوڏي ڇڏيو. جنهن جو بار اڄ به عام ماڻهو کڻي رهيو آهي. گذريل چوڏهن سالن جي غلط پاليسين جو سڄو بار هن وقت جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي ڪلهن تي آهي، تان جو کيس پنهنجي پارٽيءَ جي اندران به دٻاءُ آهي ته هو استعيفيٰ ڏئي. برطانوي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ تنقيد لزٽرس جي فيصلن تي ڪئي وڃي ٿي. رشي سونڪ، لزٽرس ۽ ڪيمرون جهڙا وزيراعظم جن آڪسفورڊ مان تعليم حاصل ڪئي، اتان جي اعليٰ طبقي مان هجڻ ڪري عام ماڻهن جي تڪليفن کان ناواقف رهيا ۽ کين سياست جي بنيادي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو نه هجڻ ڪري ملڪي سياست کي سمجهي نه سگهيا. سياست ۾ وڏيون ڊگريون ڪافي ناهن، بلڪه هڪ سياستدان جو بنيادي ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ اهم آهي. ان جو ئي نتيجو آهي جو اڄ برطانيه جا ماڻهو اسپتالن ۾ قطارن ۾ بيٺل آهن. اسان کي به پنهنجي سياسي نظام ۾ برطانوي سياسي پسمنظر سان ڀيٽ ڪري ڏسڻ جي ضرورت آهي ته اسان هن وقت ڪٿي بيٺل آهيون ۽ ڪهڙا ماڻهو سياست جي سمجهه رکن ٿا، ڪهڙن ماڻهن سياست ۾ بنيادي ادارن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪهڙا ماڻهو مٿان کان پيراشوٽ ذريعي سياست ۾ لاٿا ويا آهن ۽ لاٿا وڃن ٿا. پاڪستان ۾ به هن وقت بجيٽ جي تياري ٿي رهي آهي. عوام جي مٿان نوان ٽيڪس لڳايا ويندا، وفاق صوبن سان ناراض رهي ٿو، اين ايف سي ايوارڊ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ هميشه جهيڙي جو سبب بڻيل رهي ٿو، پر اسان ادارتي سڌارن بجاءِ انهن پاسن تي ڌيان ڏيون ٿا جيڪي ملڪ کي فائدو ڏيڻ بجاءِ نقصان ڏين ٿا. ڇو جو پاڪستان ۾ به لزٽرس جهڙا ڪيترائي سياستدان ايندا ويندا رهن ٿا. اميد آهي ته برطانيه جيڪو ڪڏهن اسان جو حاڪم رهيو ۽ پاڪستان جيڪو سندس ڪالوني رهيو ٻئي پنهنجن معاشي مسئلن مان آرام سان نڪرندا. ڇو ته عوام چاهي برطانيه جو هجي يا پاڪستان جو معاشي بار هڪ حد تائين کڻي سگهي ٿو ۽ سياست ۾ غير استحڪام واري حالت ملڪ کي ترقيءَ جي پٽڙيءَ تان لاهي ڇڏي ٿي. وفاق ايف بي آر کان صحيح طريقي سان ڪم وٺي ته ملڪ جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.