خاص

خشڪ ٿيندڙ ڪاٺ مان بجلي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي

سويڊن جي انجنيئرن ٻوٽن ۽ وڻن جي فطري ڪيفيت کي اهڙي ريت وڌايو آهي جو وڻن ۾ نمي ۽ خشڪ ٿيڻ جي قدرتي چڪر مان بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ڪيٽي ايڇ ائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي ماهرن مطابق ڪاٺ ۾ نمي ۽ خشڪي جي عمل کي  ”ٽرانسپائريشن“ چيو وڃي ٿو جيڪو سمورن ٻوٽن ۽ وڻن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن ٻوٽن جو پاڻي بخارات بڻجي اڏامي ٿو ته ان مان حياتياتي بجلي (بايو اليڪٽرسٽي) پيدا ٿئي ٿي. جڏهن ته بجلي جي خفيف مقدار کي وڌائڻ لاءِ ڪاٺ جي خليات جي ري انجنيئرنگ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سوڊيئم هائيڊرو آڪسائڊ استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ڪاٺ جي سيلز (گهرڙن) کي گهڻو وڌيڪ جذب ٿيندڙ ۽ وسيع بڻايو ويو آهي ته جيئن پاڻي ان ۾ وڌيڪ وڃي سگهي ۽ نڪري سگهي. يعني پاڻي جي آمدورفت جيتري وڌندي ان عمل ۾ ٺهندڙ بجلي اوتري ئي وڌيڪ ٿيندي ان لاءِ ڪاٺ جي پي ايڇ سطح ۾ پڻ ردوبدل ڪئي وئي آهي. انجنيئر يو آن يوآن لائي ٻڌايو ته اسان معمول جي ۽ پوءِ تبديل ٿيندڙ ڪاٺ جي سطح، گهرڙن، پاڻي جي گذرڻ جهڙن سمورن عملن جو جائزو ورتو آهي. اهڙي ريت ڪاٺ مان هڪ وولٽ في چورس سينٽي ميٽر تائين بجلي خارج ڪري سگهجي ٿي.