آمريڪا جي ٻيلن ۾ خوفناڪ باهه: 53 ماڻهو فوت
آمريڪي رياست هوائي جي مائوي ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه تي ٽن ڏينهن بعد به قابو نه ٿي سگهيو آهي، آمريڪي نشرياتي اداري مطابق رياست هوائي جي ڪائونٽي مائوي جي ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سان فوتين جو انگ 53 تائين پهچي ويو آهي. دونهين سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت خراب آهي، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. تيز هوا باهه کي ڦهلائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. باهه ويجهي ڳوٺ لهينا تائين پهچي وئي، جنهن ڪيترين ئي رهائشي عمارتن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. ڳوٺ کي خالي ڪرايو ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻيلن ۾ لڳندڙ خوفناڪ باهه جو بنيادي سبب موسمياتي تبديليون آهن. ماحول دوست طرز زندگي کي اختيار ڪري ۽ زهريلن مادن جي گهٽ ۾ گهٽ استعمال سان اسان پنهنجي زمين کي انهن اوچتين آفتن کان بچي سگهون ٿا.