وزير اعظم ڪراچي جي دوري ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي جي تاجرن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو
اڄ ڪراچي ۾ وزير اعظم مختلف ترقياتي پيڪيجن جو اعلان ڪيو ۽ انهن تقريبن ۾ ڪٿي به وزير اعليٰ سنڌ نظر نه آيو ۽ نه ئي ڪراچي جي تاجر برادري جا نمائندا نظر آيا جنهن تي تاجر برادري تشويش جو اظهار ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ ان خيال جو اظهار ڪيو ته وفاق طرفان سڄو ترقياتي بجٽ گورنر جي سرپرستي ۽ نگراني ۾ خرچ ڪيو ويندو، ڇو ته کين سنڌ حڪومت تي ڀروسو نه آهي.