ايڊيٽوريلنئون

پرنس ڪريم آغا خان جو لاڏاڻو

            اسماعيلي برادري جي روحاني پيشوا ۽ سڄي دنيا ۾ فلاحي ڪمن لاءِ سڃاتو ويندڙ پرنس ڪريم آغا خان 4 فيبروري 2025 تي 88 سالن جي عمر ۾ پرتگال جي گاديءَ واري شهر لزبن ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پرنس ڪريم آغا خان جنهن جو اصل نالو ڪريم الحسيني هو، کين نه صرف اسماعيلي برادري، پر پوري دنيا ۾ گهڻي عقيدت ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. سندس ڏاڏي سر سلطان محمد آغا خان جيڪو اسماعيلي عقيدي جو 48 هون امام هو 1958ع ۾ پرنس ڪريم آغا خان کي اسماعيلي برادريءَ جو روحاني سربراهه مقرر ڪيو هو. هو گهڻي عرصي تائين اسماعيلي برادريءَ جو روحاني رهنما رهيو. اسماعيلي برادري کانسواءِ سموري دنيا ۾ کيس گهڻي عزت ۽ پذيرائي حاصل هئي، جنهن جو سبب سندس فلاحي ڪم ۽ ماڻهن جي مفاد لاءِ قائم ڪيل ادارن جو سڄي دنيا ۾ قائم ڪرڻ هو. سندس ڪيل انهن فلاحي ڪمن جي ڪري کيس سڄي دنيا ۾ سڃاتو ويندو هو. 48 هون اسماعيلي امام سر سلطان محمد آغا خان به سڄي دنيا ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.

            اسان جي ملڪ ۽ مسلم برادريءَ جي لاءِ هن جون ڪوششون يادگار آهن. پاڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي بانين مان هڪ هو ۽ 1907ع کان 1913ع تائين ان جي صدارت جي عهدي تي رهيو. کين ليگ آف نيشنز جي جنرل اسيمبليءَ جو صدر به منتخب ڪيو ويو هو. انهيءَ پسمنظر ۾ پرنس ڪريم آغا خان پنهنجي روحاني رهنمائي جي شروعات ڪئي ۽ پاڻ اسماعيلين جي 49 هين امام جي طور تي ۽ آغا خان جي لقب سان سڃاتو ويو. 13 ڊسمبر 1936ع تي سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ جنم وٺندڙ پرنس ڪريم آغا خان دنيا تي پنهنجا نه وسرندڙ نقش ڇڏيا آهن. سندن روحاني زندگيءَ سان گڏ سڄي دنيا لاءِ تعليم، صحت ۽ ترقي جي ٻين شعبن ۾ هن بي مثال ڪم ڪيا. پرنس ڪريم آغا خان سموري دنيا جي ماڻهن لاءِ مالي، علمي ۽ صحت جي سلسلي ۾ مدد لاءِ آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيو ۽ نيڪ ڪمن جي هڪ طويل سلسلي جو آغاز ڪيو جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. اهو ادارو دنيا جي 35 ملڪن ۾ غربت جي خلاف ۽ انساني زندگيءَ جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ عمل ۾ مصروف آهي.

            آغا خان ڊولپمينٽ نيٽ ورڪ جي هيٺ ڪم ڪندڙ ٻيا ادارا جيئن آغا خان فائونڊيشن، آغا خان هيلٿ سروسز، آغا خان پلاننگ اينڊ بلڊنگ سروسز، آغا خان اڪنامڪ سروسز ۽ آغا خان ايجنسي فار مائيڪرو فنانس شامل آهن. هن فن تعمير جي فروغ لاءِ آغا خان آرڪيٽيڪچر جو ادارو قائم ڪيو جنهن اسلامي فن تعمير کي فروغ ڏنو. هن مغل شهنشاهه همايون جي مقبري جي ٻيهر تعمير ڪرائي. سندن قائم ڪيل اداري آغا خان فائونڊيشن ڪراچي ۾ هڪ وڏي اسپتال ۽ ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي آهي جا ملڪ ۾ پنهنجي طرز جي منفرد درسگاهه آهي. پاڪستان ۾ آغا خان فائونڊيشن جو اهم ڪم پاڪستان جي اترين علائقن ۾ گلگت ۽ بلتستان جي ترقي آهي. 1980ع ۾ آغا خان فائونڊيشن هن خطي ۾ آغا خان رورل سپورٽ پروگرام، آغا خان هيلٿ سروسز، تعليمي ۽ فلاحي ادارن جو بنياد رکيو. اهوئي سبب آهي جو اڄ علائقي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ گلگت بلتستان ملڪ جي ٻين علائقن کان اڳيان آهي. پرنس ڪريم آغا خان تقريبن 70 سالن تائين اسماعيلي برادريءَ جو روحاني رهنما رهيو آهي. اسين اسماعيلي برادري ۽ سڄي دنيا سان هن جي لاڏاڻي تي پنهنجو غم ونڊيون ٿا. سڄي دنيا جي عالمي رهنمائن هن جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي، جن ۾ برطانيه جو بادشاهه ڪنگ چارلس، اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس شامل آهن. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کين “پريشان حال دنيا ۾ امن رواداري ۽ همدردي جي علامت قرار ڏنو آهي.” پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ کين وڏي نظر وارو ايماندار سخي ۽ اهم رهنما قرار ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته “غربت جي خاتمي صحت جي سارسنڀال ۽ صنفي مساوات ۾ پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن جي ذريعي هن غريب ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ بيشمار زندگين تي نه مٽجندڙ نقش ڇڏيا آهن.” پرنس ڪريم آغا خان هيءَ دنيا ڇڏي ويو آهي، پر هو ماڻهن جي دل ۾ ۽ دنيا جي تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو.