بلاگنئون

پيٽرول ۽ ڊيزل پمپن جي ڊجيٽل سسٽم ۾ بي ايماني ڪير روڪيندو؟

عام ڳالھ آھي ته پيٽرول پمپن جي ڊجيٽل سسٽم ۾ ھٿرادو طور تي پيٽرول ۽ ڊيزل جو مقدار گھٽ ڏيڻ واري بي ايماني شروع کان جاري آھي، ان ئي بي ايماني سان پيٽرول پمپن جي مالڪن ۽ ملازمن کي وڏو فائدو رسي ٿو، ھڪ سروي، تجربي ۽ مشاھدي مطابق ھڪ لٽر پيٽرول يا ڊيزل تي ھڪ کان ڏيڍ پوائنٽ گھٽ ڏيڻ جي ٽيڪنيشنس کان سيٽنگ ڪرائي ويندي آھي، جنھن ڪري خريدار کي ھڪ لٽر تي 10 کان 15 سيڪڙو تائين گھٽ مقدار ۾ پيٽرول ملندو آھي، جنھن جو اندازو به نه ٿي سگھندو آھي، ان طرح جڏھن ڪو شخص 10 ليٽر پيٽرول خريد ڪندو آھي ته ان کي ليٽر جي مقدار ۾ 10 جي بجاءِ 9 يا ان کان به گھٽ ساڍا 8 ليٽر پيٽرول ملندو آھي ايئن ڊيزل به ايتري ئي مقدار ۾ ملندو آھي، عام طرح جڏھن ڪو پنھنجي گاڏيءَ ۾ 500 رپين جو پيٽرول ڀرائڻ لاءِ ويندو آھي ۽ ميٽر مان 50 رپين جو پيٽرول اڳ ۾ ڪو ٻيو ڀرائي نڪتل ھوندو آھي ته ان 50 ۾ ٻڙي جو اضافو ڪري پيٽرول ڏيڻ شروع ڪيو ويندو آھي، خريدار کي بي خبري ۾ ان طرح 450 رپين جو پيٽرول ملندو ڇو ته 50 رپين جو پيٽرول اڳ ۾ ئي نڪتل ھوندو آھي، جڏھن ميٽر زيرو کان شروع نه ٿئي ته پڪ سمجھي ڇڏجي ته توھان کان اڳ ۾ خريد ڪري ويل پيٽرول توھان جي بل ۾ شامل ٿي ويندو، اھو فائدو پيٽرول پمپ جي ان ملازم جي حصي ۾ ايندو جيڪو ايئن ڪندو ھوندو. مثال طور: جڏھن اسان ڪنھن پمپ تان 1000 رپين جو پيٽرول خريد ڪريون ٿا ته اسان کي پھرين اھو ڏسڻ کپي ته پمپ جو ڊجيٽل ميٽر زيرو پوزيشن ۾ آھي به يا نه؟ پيٽرول پمپن جا ملازم اٽڪل بازي سان 100 رپين جو پيٽرول وٺي ويل جو 100 وارو انگ نه مٽائيندا آھن، ان دوران اگر اسان 1000 جو پيٽرول خريد ڪرڻ وارا پھتاسين ۽ اسان ميٽر جي پوزيشن کي زيرو تي نه ڏٺو يا پوزيشن زيرو تي نه آڻائي ته 100 رپين وارو نڪتل پيٽرول به اسان جي بل ۾ لڳي ويندو.
ڇو ته پمپ وارو 100 ۾ رڳو ھڪ ٻڙي جو اضافو ڪري اسان کي پيٽرول ڏيندو جيڪو 1000 جي بجاءِ اسان کي 1000 جي قيمت ۾ 900 رپين جو ملندو، ايئن روزانو ھزارين ماڻھن کي سندن ادا ڪيل قيمتن مطابق پوري قيمت جو پيٽرول نه پيو ملندو آھي ۽ اھي سمجھندا پيا آھن ته انھن جي گاڏين جو ايورج گھٽ آھي يا سمجھندا پيا آھن ته ھنن جون گاڏيون وڌيڪ پيٽرول استعمال ڪن ٿيون، ايئن اھي مسترين کان سيٽنگون ڪرائڻ ۾ لڳا پيا ھوندا آھن ۽ اصل حقيقت کان بي خبر رھندا آھن. اڪثر ڊرائيور 1000 رپين جي پيٽرول وٺڻ بجاءِ 999، 995 يا 990 جو پيٽرول وٺندا آھن ته جيئن نمبر نئين سر ٽائپ ٿين ۽ پيٽرول پوري مقدار ۾ ملي، انھن کي به پيٽرول يا ڊيزل پوري مقدار ۾ ان ڪري نه ملندو آھي جو 10 پوائنٽن مان ھڪ يا ڏيڍ پوائنٽ ڊجيٽل سيٽنگ ۾ کٽل ھوندي آھي، 1000 جو پيٽرول ڀرائڻ واري کي بي ايماني سبب 900 يا 850 جو پيٽرول ملندو آھي، جيڪا ھڪ عام قسم جي بي ايماني آھي، ڪٿي ڪٿي ته اھا 10 تي 2 پوائنٽن جي بي ايماني به ٿي سگھي ٿي. ميٽرن ۾ اھڙي سيٽنگ ڪري ڏيڻ وارا مخصوص ٽيڪنيشن ھڙيون سيٽينگون ڪري ڏيڻ لاءِ ھزارين رپيا وصول ڪندا آھن، اھي سيٽنگون، هٿرادو به ٿينديون آھن ته آٽو به ھونديون آھن، ان ڪري جو ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن کان بچڻ لاءِ پاڻ کي بچايو ويندو آھي ۽ خفيه بٽڻ کي چالو ڪري پمپ کي آٽو سيٽنگ تي آندو ويندو آھي يا خفيه بٽڻ کي بند ڪري هٿرادو بٽڻ تي آندو ويندو آھي، ھڪ اھم ڳالھ جو ڪير به خيال ناھي ڪندو ته جڏھن ڪو ڪنھن قيمت جو پيٽرول يا ڊيزل خريد ڪندو آھي ته اھو زيرو کان چالو ٿيندو آھي ۽ ٽائپ ٿيل رقم تي از خود بلاڪ ٿي ويندو آھي، پر پائپ لائين جيڪا ميٽر کان ٻاھر نڪتل ھوندي آھي ان ۾ جيڪو پيٽرول يا ڊيزل ھوندو آھي سو به خريدار جو ھوندو آھي، جيڪو روڪي ڇڏيو ويندو آھي، پيٽرول پمپن تي ملازمتون ڪندڙن جون پگھارون چيڪ ڪري ڏسو ته اھي معمولي ھونديون آھن، ڇو جو پيٽرول پمپن تي بي ايماني جو ھڪڙو نمونو انھن ملازمن کي ھزارن ۾ روزانو ڏھاڙي ڏياريندو آھي، اھو ايئن جو ھر ملازم روزانو جنرل ميٽر جي انگن اکرن تي چارج وٺندو آھي ۽ مالڪن کي ان ميٽر جي حساب سان ادائگيون ڪندو آھي، 100 جي بجاءِ 50 يا 500 جي بجاءِ 450 يا 1000 جي بجائي 900 جو تيل ڏيئڻ واري کي روزانو ھزارين رپين جي بچت ٿيندي آھي جيڪا نوڪري ڪنھن نوڪري کان وڏي فائدي واري نوڪري ثابت ٿيندي آھي.
ماپ تور ۾ گھٽائي مذھبي ڏوھ سان گڏ رياستي ڏوھ به آھي، قرآن مجيد ۾ ان جو چٽو ذڪر آھي ۽ ان عمل کان سختي سان منع به ڪيل آھي، اھو عمل غير قانوني به آھي ان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ادارا به قائم آھن ته جيئن ڪو به واپاري ڪنھن سان ماپ تور بي ايماني يا ٺڳي نه ڪري سگھي، اڳ ۾ عام دڪانن تي رکيل تورن ۽ ٻين اسڪيلن جي باقاعده چڪاس ٿيندي ھئي ساليانو تورا ڀيٽ ٿيندي ھئي، جن تي سال جا اڪريل ٺپا به لڳندا ھئا ۽ ڪنھن وٽ پراڻا تورا (وٽ) نڪرندا ھئا ته انھن تي ڏنڊ به لڳندا ھئا، پراڻن سير وارن تورن کي استعمال ڪرڻ جي به منع ٿيل آھي، ڊجيٽل بيلنس جي عام ٿيڻ سان اھي اختياريون خبر ناھي ڪٿي غائب آھن، شايد ڪرپشن جي پويان آھن، اھوئي سبب آھي جو عام ماڻھن کي شين جي صحيح تور ۽ ماپ نٿي ملي، يوريا يا ھر قسم جو ڀاڻ کنڊ، بُوسي، تيل جي بوتلن کان وٺي چانورن، اٽي، کير، دالين، ڳڙ ۽ ٻين شين جي تور ۽ ماپ ۾ بي ايماني عام ٿيندي پئي وڃي، جنھن کان عام خلق بي خبر آھي، جنھن جو ناجائز ۽ وڏو فائدو واپارين جي کيسن ۾ وڃي پيو.
ماپ ۽ طور ۾ بي ايماني ھڪ قسم جي سنجيده ٺڳي آھي، جنھن خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ به سزائن جا سيڪشن لاڳو آھن، جن کي عام پوليس به چاھي ته لاڳو ڪري سگھي ٿي، 420 ۽ 406 جا سيڪشن بي ايماني، امانت ۾ خيانت ۽ ٺڳي جي سلسلي ۾ پوليس به لاڳو ڪرڻ چاھي ته ڪري سگھي ٿي، پيٽرول پمپن تي ماپ تور کي آساني سان جھلي سگھجي ٿو. تيل 1000 جو ڪو وٺي تڏھن به ليٽرن ۽ ملي ليٽرن ۾ نمبر چيڪ ٿي سگھن ٿا. تيل ليٽرن ۾ وٺو تڏھن به انھن جي ڪيوبڪ پيمائش ٿي سگھي ٿي ان جا عام پيمانه بازارن ۾ موجود آھن، پيٽرول ۽ ڊيزل جي خريدار پوليس به آھن، پوءِ خبر ناھي ڇو ايڪشن نٿا ٿين؟