بلاگنئون

حماس ۽ اسرائيل جي هٿيارن جو جائزو (حصو پهريون)

آڪٽوبر 2023 ۾ حماس جي اسرائيل تي حملي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٽوئٽر، ايڪس تي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي وئي، اها تصوير هڪ ٽريننگ مينوئل هئي، جنهن کي اسرائيلي فوجين هڪ حماس جي ويڙھاڪ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس کيسي مان ڪڍي هئي. هن مينوئل ۾ تصويرن جي ذريعي وڏي تفصيل سان هدايتون ڏنل هيون ته اسرائيلي مرڪوا مارڪ فور ٽينڪ کي ڪيئن تباهه ڪري سگهجي ٿو. انھيءَ مينوئل ۾ ٻه راڪيٽ لانچر ڏيکاريا ويا هئا، جن مان هڪ چيني هو ۽ ٻيو روسي.
ٽينڪ تي سائو ۽ ڳاڙهو نشان لڳائي ٻڌايو ويو هو ته ٽينڪ جا ڪهڙا حصا ڪمزور آهن. سائي نشان جو مطلب هو ته انهن حصن کي نقصان پهچائي ٽينڪ کي عارضي طور تي بيڪار ڪري سگهجي ٿو. ان جڳهه تي حملي کانپوءِ اسرائيلي فوجين کي ٽينڪ جي مرمت ۾ ڪجهه وقت لڳندو. جڏهن ته ڳاڙهي نشان جو مطلب اهو آھي ته انهن جڳهين تي حملو ڪرڻ سان ٽينڪ کي گهڻو نقصان پهچندو. اهڙو نقصان به ٿي سگهي ٿو جو اهو جنگ جي ميدان استعمال جي قابل ئي نه رهي. ان کان سواءِ مرڪوا ٽينڪ جي حفاظتي نظام کي ناڪام ڪرڻ لاءِ به هن مينوئل ۾ تفصيل سان هدايتون لکيل هيون.
هن ٽريننگ مينوئل کان علاوه ڪجهه اهڙيون وڊيوز به سامهون آيون آھن جن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته ڪيئن حماس جا ڊرون فضا مان اسرائيلي ٽينڪ تي بم ڪيرائي کين تباهه ڪري رهيا هئا. انهن وڊيوز ۽ مينوئلز سان اهو طئي ٿي ويو هو ته غزه جي زميني جنگ ۾ اسرائيلي مرڪوا ٽينڪن ۽ حماس جي آر پي جي سيون راڪيٽن ۾ زبردست مقابلو ٿيندو، جيڪو شروع جي ٽن چئن مهينن ۾ ڪجهه حد تائين ٿيو به، پر غزه جي جنگ ۾ صرف هي ٻه هٿيار استعمال نه ٿي رهيا آھن. ڇو ته هي هڪ پيچيده قسم جي شهري جنگ آھي، جنهن ۾ گهٽين اندر، ڪيترن منزلن وارن عمارتن ۾، ٺڪاڻن ۽ سرنگهن ۾ جنگيون ٿي رهيون هيون. ان ۾ يقينن بي شمار هٿيار هئا ۽ هي اهي هٿيار هئا جن لاءِ اسرائيل ۽ حماس ڪيترن ڏهاڪن کان تياريون ڪري رهيا هئا ۽ انهن جو ذخيرو به ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ست آڪٽوبر 2023 کانپوءِ ٻنهي پاسي مان جيڪي به هٿيار استعمال ٿيا، انهن مان هڪ اهم ترين جو جائزو توهان جي سامهون رکنداسين ۽ هي به ٻڌائينداسين ته اسرائيل پنهنجي سموري طاقت جي باوجود اڃان تائين حماس جي مزاحمت کي ختم ڇو نه ڪري سگهيو آهي.
اسرائيلي فوج، آئي ڊي ايف وٽ غزه جي شهري جنگ لاءِ اهم هٿيار ان جون ٻه بندوقون آهن. انهن ۾ هڪ آهي ٽيوور گن ۽ ٻي آهي نيگيو لائيٽ مشين گن. انهن ٻنهي بندوقن جو مقابلو حماس جي اي ڪي فورٽي سيون ڪلاشنڪوف ۽ چيني “ٽائپ ايٽي” مشين گن سان آهي. ٽيوور گن هڪ اهڙي رائفل آهي جنهن کي خاص طور شهري جنگ لاءِ ئي تيار ڪيو آهي. ان جي ڊزائين عام بندوقن کان گهڻي مختلف آهي. عام بندوقن ۾ ميگزين ٽرگر جي اڳيان لڳل هوندو آهي جنهن سان ان کي بيلنس ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. جڏهن ته ٽيوور ۾ ميگزين ٽرگر کان پٺيان لڳل آهي. ان ڪري هن بندوق جو بيلنس عام بندوقن کان بهتر آهي. گهڻي استعمال ٿيندڙ بندوقن ۾ حفاظت جا سوئچ ساڄي پاسي تي ٿيندا آهن، جنهن جي ڪري ساڄڙيلن لاءِ بندوق جو استعمال آسان ٿيندو آهي، پر کاٻڙيلن کي ان ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي، پر ٽيوور ۾ حفاظت جا سوئچ رائيٽ ۽ ليفٽ ٻنهي سائيڊن تي آهن. ان ڪري ٻنهي هٿن جا ماڻهو ان کي آساني سان استعمال ڪري سگهن ٿا. ٽيوور گن ۾ جديد ترين ليزر سائيٽ سسٽم لڳل آهي. ان ڪري مخصوص ٺڪاڻن، سرنگهن ۽ گهٽ روشني وارين عمارتن جي اندر به ان سان نشانو لڳائڻ آسان آهي. هي بندوق هڪ منٽ ۾ 950 گوليون فائر ڪري سگهي ٿي. ان جي رينج 550 ميٽر يعني اڌ ڪلو ميٽر کان ڪجهه وڌيڪ آهي. اسرائيلي فوجي ٽيوور گن کان اڳ آمريڪن ايم سڪسٽين ۽ ايم فور رائفلز استعمال ڪندا هئا، پر هن بندوق کانپوءِ انهن آمريڪي بندوقن کي استعمال ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. ٽيوور گن جي مقابلي ۾ حماس فائٽرن گوريلن جي مشهور زمانه “اي ڪي فورٽي سيون” ڪلاشنڪوف استعمال ڪندا آهن. هي بندوق هڪ منٽ ۾ 600 گوليون فائر ڪري سگهي ٿي. ان جي اثرائتي رينج ساڍا ٽي سئو ميٽر آهي. يعني رينج ۽ فائر ريٽ ٻئي اسرائيلي ٽيوور گن کان تمام گهٽ آهن. ان کانسواءِ ان ۾ ٽيوور گن جهڙو بيلنس ۽ ليزر سائيٽ جھڙا سسٽم به نه آهن.
حماس جي اي ڪي فورٽي سيون جي هڪ خوبي اهڙي آهي جيڪا ٽيوور بندوق (گن) کان بهتر آهي. اهو هي آهي ته اي ڪي فورٽي سيون ۾ 7.62 ملي ميٽر جو رائونڊ استعمال ٿيندو آهي. جڏهن ته ٽيوور گن جي هڪ رائونڊ جو سائيز 5.6 ملي ميٽر آهي. يعني اي ڪي فورٽي سيون، ٽيوور کان وڌيڪ ڳرا رائونڊ فائر ڪندي آهي. ان ڪري ان جي گولي دشمن کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿي. اسرائيل هن جنگ ۾ جيڪا ٻي بندوق استعمال ڪري رهيو آهي اها نيگيو لائيٽ (Negev) مشين گن آهي. هي بندوق هڪ هزار پنجاهه رائونڊ في منٽ فائر ڪري سگهي ٿي. ان جي رينج هڪ ڪلو ميٽر کان ڪجهه وڌيڪ آهي. هن مشين گن ۾ ٻه وڏيون اهم خوبيون آهن. پهريون هي آهي ته ان ۾ اسرائيل جو جديد ترين سائيٽ سسٽم “ڊيگر” لڳل آهي. هي ڪمپيوٽرائزڊ اوزار آهي جيڪو پنهنجا ٽارگيٽ پاڻ ٽريڪ ڪندو آهي ۽ بندوق باز کي ٻڌائيندو آهي ته ان کي ڪنهن وقت فائر ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه هي حماس جي ڊرونز جي رخ ۽ رفتار کي ٽريڪ ڪري گن کي پاڻ انهن تي لاڪ ڪري ڇڏيندو آهي. ان ڪري بندوق بازلاءِ پنهنجي ٽارگيٽ کي نشانو بنائڻ تمام آسان ٿي ويندو آهي. چون ٿا ته هي سسٽم آٽوميٽڪ ٽريڪنگ واري پراڻي ٽيڪنالاجين کان 350 سيڪڙو بهتر آهي. نيگيو گن جي هڪ ٻي خوبي هي آهي ته ان جون گوليون ڪنڪريٽ جي ٿلهي ڀت کي به ڦاڙي سگهن ٿيون. يعني دشمن هڪ ٻن ڀتين جي آڙ وٺي به ان گن کان نه بچي سگهي ٿو. نيگٽو گن جي مقابلي ۾ حماس جا فائٽرز ٽائپ ايٽي چيني مشين گن جون مختلف ڪاپيون استعمال ڪندا آهن. هي بندوق جي وڌ کان وڌ رينج ڏيڍ ڪلو ميٽر آهي. جڏهن ته هيءَ هڪ منٽ ۾ اٺ سئو رائونڊ فائر ڪري سگهي ٿي. ان ۾ به نيگيو گن جهڙا رائونڊ استعمال ٿيندا آهن ان ڪري ممڪن آهي ان جون گوليون به ڀتين کي چيري اندر داخل ٿي سگهن ٿيون. ان جي رينج به اسرائيلي نيگيو لائيٽ مشين گن کان ڪجهه وڌيڪ آهي. اصل ڳالهه اھا آهي ته نيگيو جي مقابلي ۾ هن ۾ هڪ تمام وڏو جھول آهي. اهو هي آهي ته حماس جي ٽائپ ايٽي ۾ “ڊيگر” جهڙو جديد ٽريڪنگ سسٽم نه آهي. ان ڪري ان جو ٽارگيٽ هٽ ڪرڻ اسرائيلي گن جي مقابلي ۾ مشڪل آهي. يعني بندوق باز کي ڪا به مشيني گائيڊنس نه ملي سگهندي.
هاڻي ڳالهه ڪريون ٿا سڀني کان اهم هٿيارن يعني مرڪوا ٽينڪ ۽ آر پي جي سيون جي مقابلي جي. جنهن جو شروعات ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي. اسرائيلي فوج غزه جي جنگ ۾ مرڪوا ايم ڪي فور ٽينڪ استعمال ڪري رهي آهي. هن ٽينڪ کي اھڙي طرح ڊزائين ڪيو ويو آهي ته هن جو عملو (اسٽاف) دشمن جي حملي کان محفوظ رهي. هن جي عملي لاءِ ٽينڪ جي اندر جو ڪيبن جيڪو ٺهيل آهي، ان جي چوڌاري آرمر جي، مضبوط اسٽيل جا ڪيترا تہه آهن. ان کان علاوه ٽينڪ جو مٿيون حصو جنهن کي ٽوريٽ چوندا آهن ۽ جنهن تي بندوق لڳل هوندي آهي ان کي به تمام گهڻو مضبوط بڻايو ويو آهي. ڪنهن به پاسي کان ايندڙ فائر هن تحفظ کي ٽوڙي اندر موجود عملي کي نقصان نه پهچائي سگهندو. ايتري قدر جو ڊرونز جي ذريعي مٿانھينءَ کان ڪيرايل بم به ان کي ٽوڙي اندر ويٺل سپاهين کي نقصان نه پهچائي سگهندا. ٽوريٽ ڇاڪاڻ ته ٽينڪ جي فائرنگ سسٽم کي به ڪنٽرول ڪندو آهي، ان ڪري هتي ڪنهن به نقصان کي منهن ڏيڻ جو به فوري انتظام آهي. اهو هن طرح جو ٽوريٽ کي آرمرڊ، اسٽيل پليٽون مٿي ٺاهي رکي الڳ الڳ حصن ۾ ٺاهيو ويو آهي. يعني ٽوريٽ کي پهچندڙ ڪنهن به نقصان جو مطلب صرف هي هوندو ته ان جون ڪجهه پليٽون ئي متاثر ٿيون آهن. انهن پليٽن کي فوري طور بدلائي ٽينڪ جو فائر سسٽم ٻيهر چالو ڪري سگهجي ٿو. هي سڀ ته هن ٽينڪ جا طاقتور نقطا هئا، پرهن ٽينڪ ۾ به ڪجهه ڪمزوريون آهن، جن مان حماس فائٽرز فائدو وٺڻ جي لاءِ ئي ٽريننگ مينوئل جاري ڪيو هو. اصل ۾ ٽينڪ ۾ عملي کي محفوظ رکڻ لاءِ ان جا ڪمزور پوائنٽس ٽينڪ جي ٻاهريان حصن ۾ شفٽ ڪيا ويا آهن ته جيئن ڪنهن به صورت ٽينڪ جو عملو متاثر نه ٿي سگهي، پر هن جو نقصان اھو ٿيو آهي ته ٽينڪ تي ٻاهران نشانو لڳائي ان کي گهٽ ۾ گهٽ عارضي طور تي ناڪارا ڪرڻ آسان ٿي ويو آهي. انهن ڪمزور هنڌن ۾ هڪ ٽينڪ جو انجڻ پوائنٽ آهي، جيڪو ٽينڪ جي اڳئين حصي ۾ لڳل آهي. ان کي تباهه ڪرڻ سان ٽينڪ مفلوج ٿي ويندي ۽ هلڻ جي قابل نه رهي سگهندي. ٻي ڪمزور پوائنٽ هٿيار اسٽوريج وارو حصو آهي. حالانڪه مرڪوا ٽينڪ جا شيلز هن جي محفوظ حصي اندر ئي هوندا آهن ۽ انهن کي اتي کان ئي لوڊ ڪيو ويندو آهي، پر ايمرجنسي استعمال لاءِ ڪجهه هٿيار جهڙوڪ: گرنيڊز ۽ فيول گيلنز ٽينڪ جي پٺئين حصي ۾ باسڪٽس ٺاهي انهن ۾ رکي ڇڏيندا آهن. هي شيون عملو تڏهن استعمال ڪندو آهي جڏهن ٽينڪ بيڪار ٿي چڪي هجي ۽ عملي جي زندگي جو مسئلو هجي. اهي باسڪٽس بظاهر محفوظ ھوندا آهن. ڇاڪاڻ ته اڳيان کان ايندڙ فائر انهن کي نقصان نه پهچائي سگهندا آھن، پر هي ته اها جنگ جي صورتحال شهري جنگ ۾ مختلف آهي ڇو ته گوريلا ڪنهن به طرف کان اچي سگهن ٿا، ان ڪري پوئين طرف رکيل هٿيار اسٽوريج به هڪ ڪمزور هنڌ بڻجي ويو آهي. ان کي تباهه ڪرڻ سان ٽينڪ جي ٽوريٽ کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن طرح ٽوريٽ گهمي نه سگهندو ۽ ٽينڪ جي چوڌاري فائر ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي. ٽينڪ صرف هڪ ئي طرف فائر ڪري سگهندي. مرڪوا ٽينڪ جا هي اهي ٻه تمام ڪمزور هنڌ آهن، جن تي حماس جي ڊرونز ستين آڪٽوبر تي بم ڪيرائي ٻن ٽينڪن کي نقصان پهچايو هو، پر انهن ٽينڪن جو باقي حصو محفوظ رهيو هو. انھيءَ ڪارڻ ٽينڪ جو مٿيون آرمر ايترو مضبوط آهي جو ڊرون کان ڪيرايل بم به ان جو ڪجهه نٿا بگاڙي سگهن. ان کان علاوه هڪ ٻي ڳالهه ته ڀلي مرڪوا ٽينڪ ۾ سپاهين جي حفاظت جو تمام گهڻو خيال رکيو ويو آهي، پر هڪ ڪمي ان ۾ به آهي. اها هيءَ ته مضبوط ڪيبن ۾ ويٺل ٽينڪ ڪمانڊر کي ٻاهر جي دنيا جو مڪمل ٿري سڪسٽي اينگل نظر نٿو اچي سگهي. ڪڏهن ڪڏهن ان کي ٽينڪ جي مٿان لڳل هيچٽ، ڍڪ کي هٽائي مٿو ٻاهر ڪڍي بيٽل فيلڊ جو جائزو وٺڻو پوي ٿو. بس اھو لمحو ان لاءِ تمام ڪمزور ۽ خطرناڪ هوندو آهي. هو ڪنهن به لمحي نشان باز جو نشانو بڻجي سگهي ٿو. اسرائيل جا ڪجهه ٽينڪ ڪمانڊر غزه ۾سنائپر فائر جو شڪار به بڻيا آهن. مرڪوا ٽينڪ جي انهن ئي ڪمزورين کي سامهون رکي حماس پنهنجن ويڙھاڪن لاءِ ٽريننگ مينوئل تيار ڪيو ھو. هن ۾ ٽينڪ جي ڪمزور حصن جي نشاندهي ڪندي انهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ راڪيٽس، اينٽي ٽينڪ ميزائلن ۽ روڊ سائڊ بم حملن جي هدايتون لکيون هيون. هن مينوئل ۾ هڪ ٻي اهم ڳالهه هي هئي ته ٽينڪ جي مشهورِ زمانه حفاظتي نظام، سو ڪالڊ “ٽرافي سسٽم” کي ڪيئن بيڪار ڪرڻ آهي. ٽرافي سسٽم اهو آهي ته مرڪوا ٽينڪ تي چار ننڍڙا ريڊار لڳل هوندا آهن. اهي ٽينڪ طرف ايندڙ ڪنهن به ميزائيل يا راڪيٽ کي ڊيٽيڪٽ ڪندا آهن. ان کانپوءِ ٽينڪ کان ميٽل جون گوليون يا ننڍڙا راڪيٽ فائر ٿيندا آهن جيڪي ان ميزائيل يا راڪيٽ کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. حماس جي فائٽرز ڪنهن طرح هي اندازو لڳائي ورتو ته جيڪڏهن تمام ويجهو کان ٽينڪ تي راڪيٽ فائر ڪيو وڃي ته ٽرافي سسٽم فوري رد عمل نٿو ڪري سگهي. ان ڪري مينوئل ۾ فائٽرز کان هي چيو ويو ته اهي ٽينڪ جي انتهائي ويجهو وڃي راڪيٽ فائر ڪن. انھيءَ سبب جي ڪري حماس ويڙھاڪ آر پي جي سيون راڪيٽس سان مرڪوا ٽينڪ کي ويجهو کان نشانو بڻائيندا رهيا آهن. ڇو ته ان ۾ تمام گهڻي بهادري گهرجي پر يقينن گوريلا فائٽرز دليري سان ئي ته وڙھندا آهن، هٿيارن جي ڊوڙ ۾ ته اهي تمام گهڻو پٺتي هوندا آهن. توهان کي جنگ جي شروعاتي ڏينهن جي اها وڊيو ضرور ياد هوندي جنهن ۾ هڪ حماس فائٽر ڊوڙندو اسرائيلي ٽينڪ جي ويجهو پهچي، ان جي ڪمزور حصي تي بم لڳائي ٿو ۽ پوءِ واپس مڙي ٿوري فاصلي کان ٽينڪ تي راڪيٽ به فائر ڪري ٿو. ٽينڪ کي باهه لڳي ٿي ۽ ان جو هڪ حصو يا پارٽ ڪري ٿو پوي. هن ڪريل ننڍڙي حصي کي حماس فائٽر کڻي واپس ڀڄي وڃي ٿو. هن ئي طرح ڪيترائي ڀيرا اهڙو به ٿيو آهي ته مرڪوا جي اسرائيلي ڪمانڊر جيڪو ٽينڪ کان ٻاهر نڪري بيٽل فيلڊ جو جائزو وٺي رهيو هو، انهن کي حماس سنائپرز قتل ڪري ڇڏيو. حماس اسرائيل جنگ جي ڇهن مهينن کانپوءِ اڄ جي صورتحال اھا آهي ته مرڪوا ٽينڪ جي ڪمزور پوائنٽس جو مسئلو ته جيئن جو تيئن آهي، پر ٽينڪ جي اندر آئي ڊي ايف سپاهين کي خطري ۾ وجهڻ وارو مسئلو اسرائيلي فوج حل ڪري ورتو آهي. اهو هن طرح ته انهن غزه جي جنگ ۾ مرڪوا ٽينڪ جو پنجين جنريشن وارو ورجن بارڪ سپر ٽينڪ به لانچ ڪري ڇڏيو آهي. هن ٽينڪ ۾ ڪمانڊر کي ٿري سڪسٽي وي لاءِ هيچٽ کولڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هو ٽينڪ جي اندر ئي هڪ هيليمٽ پائي ۽ پوءِ جنهن طرف ڏسندو، ان کي ٽينڪ جي ديوارن جي پار سڀ ڪجهه نظر ايندو. هي وڏي شاندار ايجاد آهي جنهن ۾ ڪجهه سينسر ۽ ڪيمرائن جي مدد سان ديوارن جي پار ڏٺو ويندو آهي. ان سان ڪمانڊر وڏي آساني سان بيٽل فيلڊ جو جائزو وٺي فوري طور ڪنهن به ٽارگيٽ کي لاڪ ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه ٽينڪ جي اندر ٽچ اسڪرين به لڳل آهن جن تي ٽينڪ جي سينسر ۽ ريڊار جو سڄو ڊيٽا ڏيکاريل آهي. هن ڊيٽا جي مطابق جيڪا به ڪارروائي ڪرڻي هجي اهو ٽچ سسٽم جي مدد سان فوري ٿي سگهي ٿو. هن طرح هي هڪ اسمارٽ ٽينڪ بڻجي ويو آهي ۽ ان جي اندر موجود سپاهين کي دشمن کان بچڻ يا ان تي فائر ڪرڻ ۾ ڪا مشڪل نه ٿيندي. هي ٽينڪ چئني طرفن کان هن طرح سيل آهي ته ڪنهن عام حملي جي صورت ۾ ان جي عملي کي ڪجھ به نه ٿيندو. ها هن ئي ليول جي اينٽي ٽينڪ ميزائلن سان جي مقابلو هجي ته ٻي ڳالهه آهي، جيڪو اڃان حماس فائٽرن وٽ موجود نه آهي. مرڪوا ٽينڪ جي هن نئين ورجن ۾ ڪميونيڪيشن به اڳين ورجنز جي مقابلي ۾ تمام گهڻي بهتر ڪئي وئي آهي.
***