بلاگنئون

ڀنڀور جي تاريخ جو ثقافتي ‏‏‏۽ علمي پھلو

* ڀنڀور ۾ ثقافتي رنگ قديم عربي ۽ سنڌي شاعرن جي نظر ۾.
* ڀنڀور ۾ اسلامي دور کان اڳ ۾ تھذيب و تمدن تاريخي ڪتابن ۾.
* قديم دور ۾ ڀنڀور ۽ سنڌو تي وسندڙ شھرن ۾ رياضي جو علم.
علامه سيد سليمان ندوي تاريخ سنِڌ ۾ ديوان ابن نديم جي ڪتاب الفهرست مصري ڇاپي جي 232 صفحي جي حوالي سان عرب دور جي هڪ عربي شاعر ابوظلع سنڌي جو لکيل سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ قصيدو لکيو آهي جنھن جا ڪجھ شعر هي آهن:
لقد انکر اصحابي وما ذالک باالامثل
اذا ما مدح الهند و سهم الهند في المقتل
جڏهن سنڌ جي تعريف ٿئي ٿي ته منھنجا ڪجھ يار نٿا تسليم ڪن جيڪا نھايت نامناسب ڳالهه آهي.
لعمري انها ارض اذالقطر بها ينزل
يصيرالدم والياقوت والدرلمن يعطل
قسم آهي مون کي پنھنجي زندگيءَ جو ته جڏهن ان ڌرتي تي مينھن وسي ٿو ته اهو کير، ياقوت ۽ سکڻن ماڻھن لاءِ موتين ۾ تبديل ٿيندو آهي.
فمنھاالمسک ولڪافور والکافور والعمبر والمندل
واصناف من الطيب ليستعمل من تيفل
جڏهن ان ڌرتي تي مشڪ ڪافور ۽ صندل ٿين ٿا ته اتي گھڻائي خوشبوئن جا قسم پاڻ کي معطر ڪن ٿا.
وانواع الافاويه جوزالطيب والسنبل
ومنھا العاج والساج ومنھا العود والصندل
اتي مصالح جائفل سنبل ٿين ٿا. اتي عاج ۽ ساڳ عود ۽ صندل جھڙو ڪاٺ ٿئي ٿو.
ان التو تيا فيها ڪمِثل الجبل ولاطول
ومنها البير والنمر ومنها الفيل والدغفل
اتي جبلن جيڏا توتيا ٿين ٿا ۽ شينھن، چيتا ۽ ٻچن سوڌا هاٿي ٿين ٿا
ومنها الڪرڪ والببغاء والطاوس والجوزل
ومنها شجرالزانج والساسم والفلفل
اتي چڪور طوطا مور ۽ پاريهر پيدا ٿين ٿا. اتي ناريل، آبنوس ۽ ڪارن مرچن جا وڻ به آهن.
اهي عربي شعر ته ان عباسي خليفي جي دوست ابوظلع سنڌي بغدادي جا آهن، پر ڀٽ ڌڻي حضرت شاهه عبداللطيف رسالي جي انھن پنج سرن ۾ ڀنڀور جي شهر ۽ ان جي پسگردائي ۾ قدرت جي حسناڪين توڙي ڀنڀور جي تمدن ۽ ثقافت کي پنھنجي مخصوص انداز ۾ بيان ڪيو آهي. جنھن کي پڙهڻ سان ۽ ٻڌڻ سان پنھنجو پاڻ کي ڄڻ ته سسئي جي ڀنڀور ۾ بيٺل ڏسي سگھجي ٿو. وسيع ۽ شاندار بازاريون، ماڙيون، باغ، اوطاقون ۽ اوتارا سامهون نظر اچن ٿا. ڀنڀور ۽ ان جي پسگردائي جي عمده پيداوار، مشڪ، لاک، نير، ريشم پٽ ۽ ان جا ڪپڙا، سوٽي ململ جسم تي ڄڻ پھريل نظر اچي ٿي. سنڌي ململ جو واپار ٿيندي، ڪيچ مڪران مان بلوچي قافلا ايندي نظر اچن ٿا. پنھون جي قافلي ۾ کٿوري، جڙي بوٽيون، موتي، خراساني خشڪ ميوا، ريشمي ڪپڙا، نظر ايندا آهن. منصوره وانگر هتي به سوني سڪي جو رواج هو.
شاهه سائين اٺن جا ڪيئي قسم ۽ انھن جا سينگار، چڙا، دشالا، دهريون، موڙ، جھوڙا ۽ ڇيرن جو علم ڏنو آهي. مطلب ته ماڻھن جي عام رواجي لباس ۽ ثقافت سان گڏ ڀنڀور ۾ ٿيندڙ وڻن ٽڻن، ميون، پکين توڙي جانورن جو سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
موجوده کنڊراتن مان آرڪيالوجي جي ماهرن جيڪي آثار لڌا آهن. انھن تي سائنسي تحقيق اهي محقق ئي ڪري سگھن ٿا، پر اهو اندازو هر ذي علم لڳائي سگھي ٿو ته ڀنڀور پنھنجي عروج جي دور ۾ هڪ اعليٰ تھذيب يافته ۽ سلجھيل ماڻھن جو شهر هو، جيڪو ان وقت جي علمي ۽ ثقافتي تاريخ رکي ٿو، جنھن کان آگاهي هجڻ تمام ضروري آهي.
ڀنڀور ان وقت به پنھنجي موجن ۾ هو. جڏهن سنڌو ماٿري جي تھذيب دنيا ۾ موجود اعليٰ تھذيب يافتا علائقن ۾ علم و ادب، سائنسي سوچ، فلسفي ذهن، رياضيدان، عمارت سازي جا ماهر انجنيئر، بحري جهازن ٺاهڻ وارا ماهر، شاعر ۽ تاريخدان موجود هئا. جديد دور ۾ قديمي آثارن تي ٿيل تحقيقن مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٻڌن ۽ هندو برهمڻن جي دور ۾ به ڀنڀور ۾ لکيل پڙهيل ماڻھو رهندا هئا. هتي سامي آرامي واپاري رهندا هئا جيڪي سندن ٻولي ۾ خط لکندا هئا. ڪپڙن ۽ ٿانون تي به لکندا هئا. اهو وقت اهو هو جڏهن ڪاغذ جو رواج نه هو.
آرامي:
سامي خاندان جي هڪ ٻولي، جيڪا حضرت عيسيٰ عليه السلام کان پوءِ ڪيترين ئي صدين تائين عراق الجزائر شام فلسطين ۾ رائج هئي. جڏهن عبراني ۾ ٻولي ختم ٿي ته آرامي انھيءَ جي جاءِ والاري توريت جا ڪيترائي ڀاڱا آرامي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا اهي ٽارگم سڏيا ويا. آرامي جون ڪيئي شاخون آهن ستين صدي عيسوي کانپوءِ آرامي جي جاءِ تي آهستي آهستي عربي ٻولي ايندي وئي ۽ ان جي جڳهه والاريائين. عراق، شام، فلسطين، ڪنعان ۽ ڪن عرب علائقن ۾ آباد قومون سامي نسل جون آهن انھيءَ ڪري انھن جي ٻولين کي سامي زبانون چيو ويو سامي ۽ آرامي ساڳئي نسل جون ٻوليون آهن. سنڌيانا. ڀنڀور ۾ ٻن قسمن جون لکڻين جا نمونا رائج هئا. هڪ خروشتي جيڪو ساڄي کان کاٻي طرف لکيو ويندو جيڪو يوناني ۽ هندي حڪمرانن جي سڪن تي به استعمال ڪيل آهي. ٻيو نمونو کاٻي کان ساڄي طرف لکيو ويندو هو جنھن کي برهمڻي يا هندي چئبو آهي.
خروشتي:
خروشتي لکڻي چوٿين صدي ق. م کان ٽين صدي عيسوي تائين سنڌ ۽ گندارا ۾ موجود ھئي، ٽين صدي کانپوءِ ختم ٿي وئي. آرامي ۽ مصري لکتن مان پيدا ٿي ۽ سامي برهمڻي زبانون پڻ قديم آرامي ۽ مصري لکتن مان نڪتل هيون.
www.wikipedia.org
ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته اسلامي دور کان اڳ وارن سڪن ۽ ٿانون تي ارڌناگري ۽ لاڙي يا لوهاڻڪي رسم الخط لکيل آهي. سندس مطابق ٿانون تي جاميٽري جي ڊزائين جون شڪليون نقش ۽ مختلف چيزن جون شڪليون نظر اچن ٿيون.
ڊاڪٽر ايف اي خان جي مطابق ته ڀنڀور جي ماڻھن جي تھذيب سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ جو هڪ نئون باب کوليو آهي.
هاڻي آئون ڪجھ اهڙا حوالا پيش ڪريان ٿو جن مان ان دور جي سنڌين جي حساب داني جو پتو پوي ٿو. مشهور انگريز مصنف ول ڊيورانٽ لکي ٿو ته عربي زبان جو سائنسي ورثو گھڻو تڻو يوناني هو، پر ٻئي نمبر تي انھن تي هندستان (سنڌ) جو اثر هو. سنڌ ۾ 425 ق. م ۾ لکيل مقالو سڌانتا جو عربي ۾ ترجمو ڪيو ويو جيڪو علم فلڪيات جي موضوع تي لکيل آهي. انھن ترجمن ڪرڻ کانپوءِ هندستان جو ٻڙي جو تصور متعارف ٿيو.
ڪتاب زيج السنڌ الهندالڪبير سنسڪرت زبان ۾ فلڪيات جو ڪتاب آهي. جنھن کي خليفي منصور جي حڪم تي عرب ماهر فلڪيات محمد فزاري ترجمو ڪيو. هن ڪتاب ۾ 37 باب آهن. 116 جدولون سولر سسٽم جي سيارن جي حرڪت متعلق آهن. هندي نظام عدد ۽ ڏهائي سرشتو هند (سنڌ) جي رياضيدانن پھرين ۽ چوٿين صدي ۾ ايجاد ڪيو. جنھن کي بعد ۾ عربي رياضيدانن يعقوب الڪندي ۽ موسي الخوارزمي استعمال ڪيو. ڇهين صدي جو هڪ هندستاني رياضيدان برهم گپتا، جنھن کي رياضي جو ابو به چيو ويندو آهي. جنھن لائنيئر اڪويشن، ٻه درجي مساوات، ڪواڊريٽڪ اڪويشن ۽ انھن جا فارمولا ايجاد ڪيا. برهم گپتا رياضي جا انيڪ فارمولا جيڪي اڄ تائين قابل استعمال آهن، ايجاد ڪيا. ان سان گڏ جاميٽري، ٽرگناميٽري ۽ ڪلڪيولس جا فارمولا ٺاهيا. 8 پاءِ جي ويليو به سڀ کان پھرين هن ٻڌائي.
هندستان جي ان دور ۾ جنھن ۾ ڀنڀور پنھنجي عروج تي هو، جتي واپار ۽ تجارت ۾ استعمال ٿيندڙ حساب عددي نظامن جي ڄاڻ، رياضي جا بنيادي چار عمل، وزن ۽ ماپ جا فارمولا، جاميٽري ۽ نفعي نقصان جا حسابي عمل ڄاڻڻ کانسواءِ ڀنڀور جي سکيو ستابو شهر نٿو چئي سگھجي، جنھن جي ديبل بندر تي يونان، مصر، فارس ۽ هند جي ٻين شهرن جا تجارتي رابطا قائم هجن. هند سنڌ جي مھذب معاشري جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن ڌرتي جي ڪنھن غاصب حملي آور جو نالو تاريخ جي ڪنھن به ڪتاب ۾ نٿو ملي. جڏهن دنيا ۾ موجود ٻيا انسان جھنگلي جانورن جيان زندگي گذاريندا هئا. ان وقت به هڙاپا، موئن جو دڙو سنڌوءَ جي ڪناري تي اعليٰ تھذيب و تمدن جا مرڪز هئا. اهو سنڌو درياءَ ئي آهي جنھن جي ٻنھي پاسن تي مھذب معاشره پلجندا هئا، جنھن جو ڇيڙو ۽ ڇوڙ ٺٽو، ساڪرو ۽ ڀنڀور آهي. ڀنڀور جا ڀڳل ٽٽل برتن اهو ٻڌائين ٿا ته هتي جا رهندڙ سنڌي تھذيب و تمدن سان لبريز هئا. هتي جا باشندا حسينائن جي عزت، احترام ۽ انھن سان محبت ڪندڙ هئا. رانديون کيڏندا هئا. سنيڪ ليڊر جي راند سنڌو ماٿري جي ماڻھن جي ايجاد آهي. شطرنج هتي جي ايجاد آهي. سنيڪ ليڊرز جيڪا 13 صدي جي هڪ هندو بزرگ گياندو جي تخليق آهي جنھن ليڊرز کي نيڪين سان ۽ سنيڪس يعني براين سان تشبيهه ڏني. نلندا جي يونيورسٽي دنيا جي عظيم يونيورسٽي مڃي وڃي ٿي، جيڪا چوٿين صدي ۾ تعليمي ميدان ۾ هند جي عظيم ڪارنامن مان هڪ آهي. دنيا جي پھرين يونيورسٽي ٽيڪسيلا ۾ 700 ق. م ۾ قائم ٿي. جنھن ۾ ڏوراهين جا هزارين شاگرد پڙهندا هئا.
طوالت کان بچڻ لاءِ في الحال رياضي جي ميدان ۾ ٿيل قديم سنڌين جا ڪارناما لکيا ويا آهن، جيڪي مختصر ۽ اجمالي آهن. ان کان علاوه سنڌ جي طب ۽ جڙي ٻوٽين سان مختلف مرضن جا علاج ڪرڻ ۾ سنڌ جي تاريخ هڪ ٻيو طويل بحث آهي.
ابو ظلع سنڌي
References: 1.www.encyclopedianasindhiana.org (keyword:
www.arabi.com
2. ڪريم بخش خالد، ڀنڀور جي معاشرت، شاھ جي رسالي ۾، ڪتاب ڀنڀور ۽ ديبل، اشاعت اول 1986ع، ص 252
3.Khan F.A., Bhambhore, Department of Archaeolgy, Govt. of Pakistan Edition IV, 1976. Pg 15
4. ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڀنڀور جا آثار (مقالو) ڪتاب، ڀنڀور ۽ ديبل، سهيڙيندڙ.
5. رحيمداد خان مولائي شيدائي، تاريخ تمدن سنڌ
5. ڊاڪٽر ايف اي خان.
6. ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڀنڀور جا آثار (مقالو) ڪتاب، ڀنڀور ۽ ديبل، سهيڙيندڙ عبدالقادر منگي، ڇاپو پھريون جولاءِ 1986 ص1737.
7. ول ڊيورانٽ، اسلامي تھذيب جي تاريخ، سنڌيڪار همسفر گاڏهي ڇاپو پھريون ص 146،147.
8. حوالو ساڳيو، گوگل سورس.
***