نئون

فرانس يورپ سان آمريڪا خلاف فوج ٺاهيندو: ٽرمپ ناراض

فرانس جي صدر امانوئيل ميڪرون پاران يورپ سان ملي ڪري يورپ جي گڏيل فوج ٺاهڻ جي اعلان تي ٽرمپ ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪا جي صدر ٽرمپ اهڙي اعلان کانپوءِ ٽوئيٽ ذريعي چيو آهي ته اهو توهين آميز قدم آهي. پنهنجي ٽوئيٽر ۾ ٽرمپ وڌيڪ چيو آهي ته فرانس کي نيٽو جي بجيٽ ۾ پنهنجو حصو وڌائڻ گهرجي نه ڪي رڳو آمريڪا نيٽو جي بجيٽ جو هڪ وڏو حصو برداشت ڪندو رهي. ياد رهي ته فرانس جي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته يورپ جي حفاظت يورپ ئي بهتر انداز ۾ ڪري سگهي ٿو، پنهنجي حفاظت لاءِ آمريڪا تي نٿا ڀاڙي سگهون. هن چيو ته هڪ اهڙي فوج ٺاهڻ گهرجي جيڪا يورپ کي نه صرف روس ۽ چين پر خود آمريڪا کان به محفوظ رکي سگهي. ياد رهي ته امانوئيل ميڪرون هن کان پهريان به ان قسم جي گڏيل يورپ جي فوج ٺاهڻ جي تجويز ڏئي چڪو آهي، جنهن جي جرمني جي چانسلر اينجلا مرڪل به حمايت ڪئي آهي. جڏهن ته برطانيه ان جي مخالفت ڪئي هئي.