ڪتاب تي تبصرونئون

ڪتاب تي تبصرو: ڪپر ڪورون جھليون

شاعري کي پرکڻ لاءِ معيارن مان چند هي آهن ته شاعري لاءِ هڪ خيال، تخيل جي بلندي ٻيو فني انفراديت ٿي سگهن ٿا، جن ۾ منفرد لطيف خيال ۽ منفرد مضبوط ڪافيا، رديف ۽ موسيقي قابل ذڪر آهن، جن جي بنياد تي شاعر کي هڪ خاص  مقام حاصل ٿي سگهي ٿو. غزل جي مڃتا لاءِ مذڪوره لوازمات يا گهرجون پوريون ڪرڻ لازمي آهن. انور ساگر جيڪڏھن ان معيار تي پورو لهي ٿو ته ان کي ضرور مڃتا ملي سگهي ٿي.

انور ساگر جي غزل کان وڌيڪ هن جي نظم ۾ دم آهي، خيال، ردم، رواني، خارجي داخلي معاملن جو کليل اظهار ڪيو آهي. انور ساگر ڪانڌڙو شاعري ۾ قابل استاد الهنواز رڪڻائي جو شاگرد ۽ راشد مورائي، آسي زميني، احمد سولنگي ۽ ٻين جي صحبت مان فيضياب ٿيڻ جي ڳالھ ڪئي آهي، پر ان جي باوجود سندس غزل جا قافيا ۽ رديف ڪافي ڪمزور ڏٺا ويا آهن، جن جا ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا.

قافيي ۾ لفظ جا آخري ٻه حرف ساڳيا اچن ته اهڙو قافيو طاقتور هوندو آهي، شاھ لطيف جي شاعري ۾ اهڙا قافيا استعمال ڪيا ويا آهن، انور جي غزل جي قافيي ۾ رڳو آخري هڪڙو حرف ڪتب آندو آهي، جيڪو ڪمزور قافيو آهي.

لٿي = لڳي، ٽڙي، وهي، ٻڏي، لڪي هي هڪڙي غزل جا قافيا آهن.

ٻئي غزل جا قافيا؛

پاڇا، لياڪا، دريا، تختا، ص 59.

انور رديف ۾ سواليه نشان، عجب جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو شاعري ۾ اوپرو ۽ عجيب آهي.

مصرعن جو غير موزون  هجڻ جا مثال:

“درياھ جي اکين ۾ واري نه سگهيا” ص 52.

“قطرو درياھ کان جي وسري وڃي ڇا ٿيندو؟”

هن فلسفي جو پاسو فڪري وڃي ڇا ٿيندو؟”

“وارثيءَ جو واءُ هڪڙو مان به ٿو سانڍي رکان”

انور جي غزل ۾ حرف جر جو بيجا استعمال به عام آهي، جيڪو هڪ عيب سمجهو وڃي ٿو.

مثال؛ ۽، ته به، ته، سوال جو استعمال.

انور ساگر ڪانڌڙو جي غزل ۾ فني گهرجن جي جائزي کانپوءِ خيال ۽ تخيل کي ڏسجي ته ان ۾ ڪا خاص انفراديت نٿي ڏسجي، اڪثر روايتي خيال، تخيل جو اظهار ملي ٿو.

جسماني حسن، سونهن، عام جذبات، احساسن، ارمانن، آرزوئن، حسرت ۽ جستجو جو ذڪر ملي ٿو.

محبوب کان شڪايت، محبت ۾ جفا، ناڪامي، پڇتاءُ ۽ ڏکن جو اظهار ملي ٿو، ڪٿي به مثالي پيار يا وفا، سپردگي، قرباني، سچائي، بي غرض، خلوص، جانثاري جي جذبن جو اظھار نٿو ملي.

سنڌ جي قديم مذهب، تصوف ۽ تاريخ سان وابستگي جو ڪو نه موضوع ملي ٿو نه وري همعصر رجحانات يا افڪار جو ڪو اظهار ملي ٿو. انور ساگر ڪانڌڙو جي شاعري کي آسپاس جي همعصر شاعرن سان ڀيٽ ڪري ڏسجي ته هن جي شاعري کان ٻين همعصر شاعرن جي شاعري ۾ فڪري بلندي ۽ فني پختگي وڌيڪ نظر اچي ٿي. سندس شاعريءَ ۾ موضوع، جذبات، وابستگي، عشق، جمالياتي اظهار جي لحاظ کان انفراديت جي اڻاٺ يا ڪال محسوس ٿئي ٿو.

انور جا نظم ڪافي ڊگها ۽ طويل لکيل آهن جن ۾ ڪجھ رواني، تسلسل به ڏسجي ٿو، طويل نظم لکڻ جو تجربو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندو آهي، هي شاعر جي خصوصيت ٿي سگهي ٿي. هن جا نظم هن جي انفرادي احساسن ۽ جذبن جو اظهار آهن. انور ساگر کي نظم جو شاعر چئي سگهجي ٿو، غزل تي هن جي گرفت ڪافي ڪمزور آهي. غزل ۾ مڃتا جي معيارن کي ڇهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناھي. غزل تخيل جي بلندي، گهرائي، جدت ۽ ظرافت جو نالو آهي.

***