بلاگنئون منهنجو مُحسن منهنجو بابا سانوڻ هنڱورجو Zahida Abro September 6, 2024September 6, 2024 column, Daily Humsari Newspaper, Sawan Hingorjo سونَ ورني سنڌ ڌرتي جي اوڀر پاسي واري ڪنڊ تي آباد هڪڙو حَسين خطو ٿرپارڪر پُڻ آھي، جيڪو هر لحاظ کان مالامال آھي، هن خطي تي اهڙين انمول هستين جنم ورتو آھي جن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ نه رڳو پنهنجي علائقي، پنهنجي خِطي جو نالو روشن ڪيو آھي مگر پنهنجي ڌرتي جو نانءُ پُڻ سونن اکرن ۾ لکرايو آھي، ٿر جي مُکيه شهر مٺي جيڪو ضلعي هيڊڪوارٽر پُڻ آھي انهي گڍي جي هنج ۾ آباد مٺي شھر کان 14 ڪلو ميٽر جي مُفاصلي تي اوڀر طرف اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ٻُگهار هنڱورجا ۾ ھڪ پورهيت ۽ هاري جي گهر ۾ 14 آگسٽ 1958ع ڌاري اک کوليندڙ سانوڻ هنڱورجو پُڻ هڪ آھي. جنهن کي سَموري سنڌ چاچي سانوڻ هنڱورجي جي نالي سان ڄاڻي سُڃاڻي ٿي. لطيف سرڪار، ڀڳت ڪبير، لوڪ ادب جي تمام سُٺي ڄاڻ رکڻ جي ڪري سنڌ جا ساڃاهه ونده، ڪچهرين جا ڪوڏيلا، ڀٽائي گھوٽ جا پانڌيئڙا، ڀڳت ڪبير جي دوهن جا شوقين، لوڪ ادب جا لاکيڻا ۽ لاڏا ساٿي، ادب ذوق دوست، ادب سان چاھ رکندڙ سان گڏ هر مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ رکوالا سڄي سنڌ جا مهان ماڻھو سانوڻ هنڱورجو کي نه رڳو شوق مان روبرو توڙي سوشل ميڊيا تي وڏي سِڪ، اُڪير يا شوق چاھ سان ٻُڌندا آھن، پر سندس وڊيوز رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي رکڻ سان گڏوگڏ شيئرنگ پُڻ ججهي تعداد ۾ ڪندا آھن سندس چاهيندڙن جو ججهي مقدار ۾ هلڪو موجود آھي، جيڪو هر وقت هر لمحي اتساهيندو رهندو آھي، اهو هڪ سُٺو سنئوڻ آھي. ڪُجھ مهينا اڳ ڀٽائي سرڪار جو پانڌيئڙو عطا چانهون خاص بابا جي ڪچهري ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ لئه سانگهڙ کان سِڌو اسانجي ڳوٺ ٻُگهار واري آشياني تي قرب جا قدم ڀري ڪهي آيو، وڊيو جا ٻه حصا رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي رکيائين جيڪي ايترا ته هلي ويا جنهن جو ڪو اندازو ئي نه ٿو لڳائي سگهجي، اهي مُحبت، پيار ۽ سِڪ ھُوندي آھي جيڪا ڇِڪي ايندي آھي. بابا سائين سانوڻ ھنڱورجو پرائمري جا پنج درجا سندس ئي ڳوٺ ٻُگهار مان پڙھي ڪري وڌيڪ پڙھڻ لئه مختلف ڳوٺن توڙي شھرن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ننڍي ھُوندي کان ئي ڏاڍو ذھين ۽ ھُوشيار هوندو هو، سندس پيءُ ڪُجھ سالن کان پوءِ کيس يتيم ڪري ويو، انهي ڪري مون تي منهنجي ڏاڏي جو نالو رکيو ويو، ھُو گهر جو وڏو فرد ھُجڻ ڪري ساريون ذميواريون هِن مٿان اچي ويون ۽ پوءِ پڙھائي سان گڏو گڏ محنت مزدوري ڪري گهر جو گاڏو پُڻ هلائيندو هو ۽ ائين ئي مٺ مان واري وانگر وقت پُڻ گُذرندو ويو. هي انهي دور جي ڳالھ آھي جڏھن سنڌ ۾ خاص ڪري ٽالپُر ۽ ميمڻ وڏا زميندار ۽ سَرهندي وارا ھُوندا هئا ۽ ڪاروباري لحاظ کان به وڏي عروج تي ڪاروبار ڪندا هئا، سو بابا سائين پُڻ وڃي انهن وٽ ڪم ڪار سانگي ڪم تي لڳو، ڪم ڪار جي عيوض ملندڙ مزدوري مان پنهنجو خرچ ۽ پنهنجي گهر جي راشن وغيره جي پورائي ڪندو هو، بابا سائين چوندو آھي ته اسان الاهي ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان ڪهڙين ڪهڙين اذيتن مان گُذريا آھيون، گهر جو ذميوار فرد ھُجڻ جي ناتي مون ڪاٺيون وڪيون، مون ڪنڊين جا پَن وڪيا، مون ڪنڊين جا ڇوڏا پُڻ وڪيا، مون اڱار (ڪوئلا) وڪڻي گهر جو گاڏو گهليو، مون جيترا سُور، درد، تڪليفون، ۽ سختيون ڏٺيون اهڙو ڪو وِرلي ئي ماڻھو هوندو جنهن سُورن جا سٿا ۽ دردن جا پھاڙ سَٺا هجن، سچ پڇو ته ڪڏھن ڪڏھن هڪ ويلو بغير کائڻ پيئڻ جي سمهي رهندا هئاسين، اهو پُڻ اسان مٿان ڏينهن آيا هئا جيڪي عذابن کان گهٽ ڪونه هئا. بابا سائين چوندو آھي ته آئون جهُڏي جي ويجهو ٽالپُرن وٽ پنهنجو ۽ پنهنجي گهر جي پيٽ گُذر لئه مُنشيپو ڪندو هوئس اُتي انهن جون ٻنيون ٻارا، هاري ناري، وڻج واپار ۽ گهرو ڪم ڪار کي آئون ڏسندو هوئس، انهن جي نظرثاني ڪرڻ منهنجي ذميواري هوندي هُئي، اتي ڪافي عرصو رهيس، ڪُجھ سالن بعد اتي ڪنهن اچي مونکي اهو ٻُڌايو ته سڀاڻي ماستري جا ميرپوخاص ۾ روبرو انٽرويو آھن خواهشمند حضرات پنهنجا اصلي ڪاغذات کڻي فلاڻي وقت ميرپورخاص جي فلاڻي آفيس تي پُڄن، مون جڏھن صاحب/ڀوتار سان ڳالھ ڪئي ته سختي سان منع ڪندي چيائين ھُتي پگهار تمام گهٽ ٿا ڏين هِتي تون ٻِيڻ تي اجورو کڻندو آھين ڪونهي اوڏانهن وڃڻ جي ضرورت ھِتي ئي پنهنجو ڪم ڪار سنڀالي ويهي رهو، مگر آئون ڀوتار کي رکو جواب ڏيئي نڪري وڃي انٽرويو واري هنڌ پهتس، انٽرويو وٺندڙن جُملي ٽي ڄاڻان صاحبان ويٺل هئا، ٽوٽل پنج کان ست سوال پُڇڻ کان پوءِ چيائون هنڱورجا آخري سوال پُڇون ٿا اگر انهي جو تون يڪدم جواب ڏئي وئين ته تون باقائده پاس آھين ۽ آرڊر کڻي وڃي اڄ ئي نوڪري ڪر، اهو سوال جدوولي جو هو ۽ هونئن به حساب ڪتاب ۾ بابا سائين الاهي هوشيار هو، سو بروقت سوال جو جواب ڏئي ۽ اتي ئي انهن کان آرڊر کڻي اچي گهر پُڳو ۽ جلدي پرائمري ماستري طور نوڪري لڳي ويو، توڙي جو انهي وقت پگهار تمام گهٽ ھُوندي هئي پر پوءِ ڀي سرڪاري نوڪري هئي آھستي آهستي پگهار پُڻ وڌندو ويو ۽ رب پاڪ جو شُڪريو مڃيندي پنهنجي سُڪون واري زندگي گهارڻ لڳو. بابا سائين سانوڻ هنڱورجو ننڍي ھُوندي کان ئي ڏاڍو ذھين ھُوشيار هوندو هو ھُو ننڍي ھُوندي کان ئي نصابي ڪتابن سان گڏ غير نصابي يعني ٻين مختلف موضوعن جي ڪتابن کي پُڻ وقت ڏيندو رهيو ۽ وري ماستر ٿيڻ کانپوءِ ڪتاب پڙھن لئه ڪافي سارو وقت ملي ويندو هو، سو اڳتي هلندي بابا سائين ڪتابن کي جام پڙھندو هيو، سندس گهر ۾ ججهي تعداد ۾ ڪتاب موجود هوندا هئا. جيڪي هاڻي پوري لائيبرري جي شڪل ڌاري ويا آھن. هندستان جي ڪنهن ڏاهي سياستدان تِلڪ چيو هو ته: ”مون کي جهنم ۾ وڌو وڃي، پر ڪتاب پڙھڻ جي اجازت ملي ته آءُ جهنم قبول ڪندس، ڇو جو جنت جڳ رستو ڪتابن مان ئي نِڪرندو آھي. انهي قول واري ڪار ته بابا پُڻ ائين آھي، بابا جي ياداشت الاهي ججهيري آھي ۽ اهڙي ياداشت رکندڙ ماڻھو هاڻي وڃي ڪو ورلي ملندو، جنهن کي هيتري ساري ياداشت ھُجي. بابا سائين توڻي جو هڪ سادو سُودو فقير منش ۽ سادگي پسند شخص ھُوندي پنهنجي اندر ۾ هڪ مهان ماڻھُو جي حيثيت رکي ٿو، جنهن لئه قومي اڳواڻ ۽ اسانجي مُحسن سائين نواز شاھ ڀاڏائي چوندو آھي ته ھي ٿر جو مرد قلندر چاچا سانوڻ ھنڱورجو ٿر جي لوڪ تاريخ جو زندھ روح آھي، سنڌ جي جيئري جاڳندي تاريخ آھي، جنھن وٽ لطيف کان سواء ڪبير ميران ء تلسي داس جي شاعري دامن کولي بيھندي آھي ھن جو انداز. بيان بہ غضب جو آھي تہ وري ھن جون محبتون بہ وسارڻ ڪميڻائپ ٿيندي. اها ھڪ حقيقت پُڻ آھي ته بابا سائين ننڍپُڻ کان ئي تاريخ جي ڪتابن کي ڪُجھ وڌيڪ وقت ڏيندو ھُيو، ۽ اڃا تائين انهي تسلسل کي ايئن ئي جاري رکندو اچي. مونکي چِٽو ياد آھي ته جڏھن به اسڪول جي طرف ويندو هيو ته اسڪولي دستاويز سان گڏ ڪُجھ ٻين ڪتابن ساڻ هڪ تاريخ جو ڪتاب پُڻ ضرور موجود ھُوندو ھيو، ۽ ٻي ڳالھ ته بابا سائين ڪچهرين ۾ وڃي ڪري ڪُجھ ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ جو الاهي شوق رکندڙ آھي ايتري قدر جو بابا سائين سان جنهن به هڪ ڀيرو روح سان رس ڀري رهاڻ ڪئي پوءِ ھُو ڀلين ڪير ۽ ڪٿي جو ڇو نه ھُجي مگر انهي کي تانگهه، سڪ، ڇڪ ۽ اڪير بار بار ملڻ تي مجبور ڪندي، ڪچهرين ۾ سَوين ماڻھن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ وارا گُر به ڪنهن ڪنهن منجھ ھُوندا آھن. بابا سائين نه رڳو هڪ وسيع علم رکندڙ سنڌي ٻولي جو ڄاڻون آھي بلڪ ھُو پاڻ به شاعري جي ميدان ۾ بيت ۽ گيت شوق ۽ چاھ سان لکندو آھي. ھُو رڳو پڙھڻ جي حد تائين محدود ناهي مگر جهونگاريندو پُڻ ڪمال جو آھي خاص ڪري انڊيا جا پراڻا گيت بابا جا پسنديده گيت رهيا آھن اج به سندس فون گئلري ۾ موجود آھن ۽ جنهن کي ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي منهن جهونگاريندو رهندو آھي، ڪنهن دوستاڻي محفل ۾ ڳائڻ وڄائڻ واري ماحول ۾ اردو جي خاص ڪري لتا منگيشڪر جا ڳايل ڪلامن سان گڏ سائين سائينداد ساند جا غزل گهڻي ڀاڱي جهونگاريندو رهندو آھي، ڪڏھن ڪڏھن منهنجي ننڍڙين کي سرچائيندي پُڻ انهي ڪِرت ۾ مصروف نظر ايندو رهندو آھي، انهي فن سان پُڻ ڏاڍي دلچسپي اٿس. بابا سائين سانوڻ هنڱورجو ڀٽائي گهوٽ کي نه رڳو پاڻي جيان پِي ويٺو آھي، مگر ھُو لطيف سرڪار جي ڪلام کي سيني ۾ ايئن سمائي ويٺو آھي جيئن سندس دل سانڍيل ۽ سنڀاليل آھي، ھُن کي نه رڳو ڀٽائي سرڪار جا بيت برزبان ياد آھن مگر انهن جي لفظي معني سان گڏ بيتن جي تشريح پُڻ ڪمال جي ڪندو آھي. ڀٽائي سرڪار جو ڪلام ڪٿي به ڪنهن محفل، ميڙاڪي، ادبي پروگرام يا لطيفي پروگرام ۾ پڙھندو آھي ته ججهي تعداد ۾ کيس داد ملندو آھي، هزارين، لکين تعداد جي وچ ۾ ڀٽائي کي هيئن بي ڌڙڪ ٿي پڙھڻ ڪو رواجي ڳالھ ناهي، ۽ ھُوئن به ڏٺو وڃي ته ڏٺي کان اڻ ڏٺي پڙھڻ جو مزو ئي پنهنجو آھي، هن ڪل جهان ۾ مون بي ترتيب لکندڙ جهڙا ڪيئي ئي اهڙا شاعر ھُوندا جنهن کي ڀٽائي سرڪار جا ڏھ بيت ته پري جي ڳالھ مگر پنهنجو هڪڙو ننڍڙو غزل پُڻ ياد ناهي هوندو، هي ههڙا مهان ماڻھُو هيڏا اُٺ ڪتابن جا پنهنجي دل جي ٽِجوڙي ۾ سنڀالي ويٺا آھن، آئون ته اهڙين ھستين کي پيرن تي هٿ رکي جهُڪي سلام ڪريان ٿو. ۽ ھُوئن به آئون ته بابا سائين جي پيرن جي کُڙين جي دز (مٽي) برابر پنهنجو پاڻ کي ڀائيندو ۽ سمجهندو آھيان. لطيف سرڪار کي هيئين سان هنڍائيندڙ منهنجي مُحسن منهنجي بابا سائين کي ڀڳت ڪبير جو ڪلام نه رڳو ججهي تعداد ۾ ياد اٿس مگر انهي کي کولي سمجهائڻ جا سُر گُر پُڻ پاڻ وٽ هٿيڪا رکيا آھن، ھُو جڏھن رس ڀري رهاڻ ۾ ڀڳت ڪبير کي پڙھندو آھي ته سندس انداز اي بيان هر ماڻھو کي موهيو ڇڏي. انهي کان سواءِ بابا سائين تاريخ جو گهرو مُشاهدو رکن ٿا، بابا سائين جتي فطرت سان پيار ڪري ٿو اُتي ٿر جي ريتن، رسمن، رواجن ۽ لوڪ ادب کي پيار سان پڙھندو ۽ لکندو به آھي، ٿر جي ريتن رسمن ۽ ٿر جي لوڪ ادب بابت الاهي ساري ڄاڻ رکندڙ آھي. لوڪ ادب ۾ جيڪي جيڪي به شيون اچن ٿيون انهي بابت تمام سُٺي ۽ بهترين ڄاڻ رکندا آھن، بابا سائين جي ٿر جي تاريخ جنهن ۾ خاص ڪري مارئي ڪير ھُئي؟ ڪٿان جي ھُئي؟ بابت هڪڙي ڪتاب تي مڪمل طور ڪم هلي رهيو آھي، جيڪو پُڻ انشاءَ الله جلدي ئي ڇپجي مارڪيٽ جي سونهن بڻبو. بابا سائين پنهنجي عمر جا ڇٽيھ سال پرائمري استاد طور پنهنجي سوپيل ذميواري کي سچائي، ايمانداري ۽ وقت جي پابندي سان نڀايو، جنهن جا گواھ مون ننڍڙي شاگرد سميت سندس ڪافي سارا شاگرد توڙي تعليمي شعبي جا اعلا آفيسر آھن. ۽ وڏي ڳالھ ته ڇٽيھ سالن جي سرڪاري سروس دوران بابا سائين صرف ۽ صرف ٽي اسڪولون ڏٺيون. ٻن اسڪول مان ٿي ٽين ۾ اسڪول پنهنجي سروس جو وقت پُڄاڻي تي پھتو ۽ 14 آگسٽ 2018ع تي سٺ سال پورا ڪري رٽائرڊمينٽ ٿي ويا. پاڻ انهي مان ئي اندازو لڳائي سگهون ٿا. ته تعليمي لحاظ کان ڪيترو پنهنجي ڪم سان سچو رهيو. بس مالڪ کيس ججهي ڄمار سان گڏ سُٺي صحت سان نوازي اسين هر پل دعاڳو آھيون ۽ رهنداسين. Post Views: 33