سونَ ورني سنڌ ڌرتي جي اوڀر پاسي واري ڪنڊ تي آباد هڪڙو حَسين خطو ٿرپارڪر پُڻ آھي، جيڪو هر لحاظ کان مالامال آھي، هن خطي تي اهڙين انمول هستين جنم ورتو آھي جن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ نه رڳو پنهنجي علائقي، پنهنجي خِطي جو نالو روشن ڪيو آھي مگر پنهنجي ڌرتي جو نانءُ پُڻ سونن اکرن ۾ لکرايو آھي، ٿر جي مُکيه شهر مٺي جيڪو ضلعي هيڊڪوارٽر پُڻ آھي انهي گڍي جي هنج ۾ آباد مٺي شھر کان 14 ڪلو ميٽر جي مُفاصلي تي اوڀر طرف اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ٻُگهار هنڱورجا ۾ ھڪ پورهيت ۽ هاري جي گهر ۾ 14 آگسٽ 1958ع ڌاري اک کوليندڙ سانوڻ هنڱورجو پُڻ هڪ آھي. جنهن کي سَموري سنڌ چاچي سانوڻ هنڱورجي جي نالي سان ڄاڻي سُڃاڻي ٿي. لطيف سرڪار، ڀڳت ڪبير، لوڪ ادب جي تمام سُٺي ڄاڻ رکڻ جي ڪري سنڌ جا ساڃاهه ونده، ڪچهرين جا ڪوڏيلا، ڀٽائي گھوٽ جا پانڌيئڙا، ڀڳت ڪبير جي دوهن جا شوقين، لوڪ ادب جا لاکيڻا ۽ لاڏا ساٿي، ادب ذوق دوست، ادب سان چاھ رکندڙ سان گڏ هر مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ رکوالا سڄي سنڌ جا مهان ماڻھو سانوڻ هنڱورجو کي نه رڳو شوق مان روبرو توڙي سوشل ميڊيا تي وڏي سِڪ، اُڪير يا شوق چاھ سان ٻُڌندا آھن، پر سندس وڊيوز رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي رکڻ سان گڏوگڏ شيئرنگ پُڻ ججهي تعداد ۾ ڪندا آھن سندس چاهيندڙن جو ججهي مقدار ۾ هلڪو موجود آھي، جيڪو هر وقت هر لمحي اتساهيندو رهندو آھي، اهو هڪ سُٺو سنئوڻ آھي.