جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه ۽ ملڪ جي تجربيڪار سياسي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان موجوده حڪومت سان سهڪار ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان کي جيئن ته سياست ۽ حڪومت جي ميدان جو وسيع تجربو آهي.
سندس پارٽي صوبي خيبر پختونخواهه ۾ گڏيل حڪومت جي اڳواڻي ڪري چڪي آهي ۽ وفاق ۾ سرڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو به انهن جو شاندار ماضي آهي. جيئن ته 8 فيبروري 2024 به چونڊن جي نتيجي ۾ وفاقي ۽ صوبائي سرڪارون عمل ۾ اچي ڪم ڪري رهيون آهن، پر لڳو ايئن ٿي ته مولانا صاحب جو جهڪاءُ به ان طرف ڏسڻ ۾ پئي آيو جيڪي چاهين پيا ته موجود حڪومتون نه هلن، جن ۾ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جنهن جو اڳواڻ محمود خان اچڪزئي آهي، جميعت علماءِ اسلام فضل الرحمان ۽ تحريڪ انصاف لڳو ٿي ڄڻ هڪ ئي سياسي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، پر ٿيو ايئن آهي ته وفاقي سطح تي غير معمولي سياسي تبديليون آيون آهن ۽ اهم گرفتاريون ٿيون آهن. ان سڄي عمل کانپوءِ ملڪ جي سياسي صورتحال ڄڻ ته تبديل ٿي وئي آهي ۽ تجربيڪار سياستدان موجوده وقت ۾ ۽ مستقبل لاءِ پنهنجي اقتدار جي راند جو هاڻي کان ئي سانباهه ڪري رهيا آهن. مولانا صاحب جو چوڻ آهي ته فارم-47 ۽ فارم-45 جي راند کي بند ڪيو وڃي، هي موجوده وفاقي سرڪار ۽ صوبائي سرڪار ڪيڏانهن به نه پيون وڃن، اهو ڪنهن به سياستدان جو موجوده سياست ۽ مستقبل جي سياست کي پري تائين ڏسڻ جو دانشمندانه انداز آهي ۽ جميعت علماءِ اسلام جي امير مولانا فضل الرحمان جي سياسي تدبر کان سڀ واقف آهن. ڪلهه جڏهن هن قومي اسيمبليءَ ۾ موجوده حڪومت سان گڏ هلڻ جي ڳالهه ڪري سڀني سياسي ڌرين کي حيران ڪري ڇڏيو. هن جڏهن سڀني قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي اڳيان جن ۾ اقتداري ڌر جا ميمبر به هئا ته حزب اختلاف جا ميمبر به هئا، تن کي چيو ته 8 فيبروري 2024 جي چونڊن جي نتيجي ۾ آيل حڪومت کان ڪم وٺڻو پوندو. مولا فضل الرحمان اها ڳالهه ملڪ جي موجوده سياسي، معاشي ۽ دفاعي چئلينجن کي سامهون رکي ڪئي آهي. ٻئي طرف حزب اختلاف جون سياسي پارٽيون به ڳالهين ٻولهين کي اهميت ڏئي رهيون آهن. جيئن ته ملڪ جون حالتون ڪنهن به مهم جوئي جي اجازت نٿيون ڏين، ڀلي اهڙي مهم جوئي حزب اختلاف ڇو نه ڪري، انهيءَ ڪري جميعت علماءِ اسلام ڪلهه پنهنجي پاليسي واضح ڪئي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ مولانا فضل الرحمان جڏهن اهو چيو ته جڏهن رياستي ادارن تي حملا ٿين ته پوءِ قومي اسيمبليءَ جو ايوان ان تي غور نه ڪندو ته ڪير ڪندو. مولانا صاحب جي بيان جو اهو حصو واضح ٿو ڪري ته اسان جون صوبائي حڪومتون ۽ وفاقي حڪومت هڪ غير معمولي دور ۾ گذري رهيون آهن، انهيءَ ڪري جميعت علماءِ اسلام ملڪ جي يڪجهتي ۽ عام عوام جي تحفظ جي ڳالهه ڪندي موجوده حڪومت جي حمايت ڪئي آهي ۽ هن پاڻ انهيءَ حڪومت جو حصو ٿيڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو آهي. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته گذريل پي ڊي ايم حڪومت جيڪا به وزيراعظم شهباز شريف جي زير قيادت هئي انهيءَ ۾ جماعت علماءِ اسلام جي به شراڪتداري هئي سندن فرزند مواصلات جو وفاقي وزير هو. قومي اسيمبليءَ ۾ مولانا فضل الرحمان جي تقريب ملڪ جي هن تاريخي موڙ تي انتهائي اهم تقرير آهي. جڏهن هن اهو چيو ته اسان وٽ ڳالهين کي سنجيده نه پيو ورتو وڃي، ملڪ جي تحفظ، دفاع ۽ ترقي جي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ۽ ٻئي پاسي هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسين رياست جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون. هن هڪ اميد ڀري ڳالهه ڪئي جنهن جو ملڪ جي ماڻهن کي ڄڻ انتظار هو.
هن اهو چيو ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه صوبن ۾ جتي سرڪار جي رٽ متاثر ٿي آهي، پر انهن ٻنهي صوبن ۾ صورتحال کي معمول تي آڻي سگهجي ٿو. اها ڳالهه هڪ مدبر سياستدان ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن کي موجوده سياسي حالتن جو علم هجي ۽ ان کي مستقبل جي سياسي ۽ سماجي تبديلين جي خبر هجي. مولانا فضل الرحمان جي جماعت جيڪڏهن وفاق ۽ صوبن ۾ حڪومتن ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿي ته لاڳاپيل سرڪارن کي انهن جي آجيان ڪرڻ گهرجي.