ايڊيٽوريلنئون

اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن جي منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025 جو آغاز

            پاڪستان جي ميزبانيءَ ۾ اٺين ۽ نائين اپريل 2025 تي منرلز انويسٽمينٽ فورم جو آغاز اسلام آباد جي جناح ڪنويشن سينٽر ۾ ٿيو. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن جي تقريبن هر صوبي ۾ مختلف قسم جا معدني ذخيرا ملن ٿا، جن مان ڪيترائي اڃان تائين کوٽي نه ڪڍيا ويا آهن، جنهن جي ڪري پاڪستان کي جيڪا ترقي ملڻ گهرجي اها ترقي اڃان تائين نصيب نه ٿي آهي. معدنيات جي کوٽائي جي لاءِ تمام گهڻن وسيلن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا پاڪستان هڪ غريب ملڪ جي حيثيت سان نٿو ساري سگهي، ان لاءِ کيس هڪ اهڙو فورم ٺاهڻو پيو آهي، جنهن تي قانون سازي ڪري مختلف ملڪن کان پرڏيهي سيڙپڪار گهرائي انهن کي پاڪستان جي معدني وسيلن جي باري ۾ آگاهي ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي اچن ۽ پاڪستان جي اندر مائننگ ۾ سيڙپڪاري ڪري اتان معدنيات ڪڍي ان کي دنيا جي مختلف شين جي ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ مارڪيٽن تائين پهچائين ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائين ۽ پاڪستان کي ان جو حصو ڏين. جيئن ته پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ جيڪا به معدنيات جنهن به صوبي مان نڪري ٿي ان ۾ ان صوبي جو به حصو آئين ۾ مقرر ٿيل آهي، ان جي مطابق ملڻ گهرجي. هن اعليٰ سطح جي فورم تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سوڌو چئني صوبن ۾ جيڪي به معدنيات جا وسيلا موجود آهن، انهن جي باري ۾ هڪ مربوط فريم ورڪ جو اعلان ڪرڻ جو ارادو آهي. هن فورم ۾ تقريبن 300 غير ملڪي نمائندا شرڪت ڪندا. پي ايم آءِ ايف-25 پاڪستان جي اڀرندڙ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي تلاش ڪرڻ ۽ ملڪ جي وسيع معدني امڪانن کي کولڻ لاءِ عالمي اسٽيڪ هولڊرن لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم ٺاهي پيش ڪيو آهي. پاڪستان ۾ هن وقت تيل ۽ گئس کان علاوه ٻيا ڪيترائي ناياب قيمتي معدني ذخيرا موجود آهن.

            هيءَ تقريب آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ لميٽيڊ او جي ڊي سي ايل جي تعاون سان منعقد ٿي رهي آهي، جنهن جي خاص سهولتڪاري اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل اينڊ دي منسٽري آف انرجي (پيٽروليم ڊويزن) ڪري رهي آهي. هن فورم تي جيڪي خاص ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن تن ۾ بيرڪ گولڊ، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل)، گورنمينٽ هولڊنگس پرائيويٽ لميٽيڊ، پاڪستان منرل ڊولپمينٽ ڪوآپريشن، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او)، مري پيٽروليم ڪمپني لميٽيڊ ۽ ريڪوڊڪ مائننگ ڪمپني (آر ڊي ايم سي) حصو وٺي رهيون آهن. هن تقريب ۾ جن اعليٰ عملدارن حصو ورتو انهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جنهن تقريب جي شروعات ۾ افتتاحي تقرير ڪئي، چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير ۽ صوبائي ۽ وفاقي وزيرن ۽ گورنرن شرڪت ڪئي. هن سمٽ جا مقصد اهي آهن ته پاڪستان ۾ معدنيات جي اندر جيڪا صلاحيت موجود آهي ان کي کولي سيڙپڪارن جي اڳيان پيش ڪيو وڃي ته جيئن اهي ان ۾ سيڙپڪاري ڪري پاڪستان جي معدنيات کي استعمال ڪرڻ لاءِ دنيا جي بين الاقوامي مارڪيٽن تائين رسائين ته جيئن پاڪستان کي پرڏيهي ناڻو ملي سگهي ۽ پاڪستان ترقي ڪري سگهي. هن جو ٻيو مقصد ملڪ اندر سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري آهي. ان کان علاوه هن جو اهم مقصد اهو آهي ته گورنمينٽ جون جيڪي به باڊيز آهن اهي دنيا جي سيڙپڪارن سان ۽ سرمائيدارن سان گڏجي ڪم ڪن. ان کان علاوه هن سڄي پروجيڪٽ جو مقصد اهو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪارن کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏنيون وڃن ۽ رستي ۾ ايندڙ جيڪي به رڪاوٽون آهن انهن کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي ترجيحي بنيادن تي سهولتڪاري ڏني وڃي. اڳتي هلي بحث مباحثي ۾ ڪيترائي ٻيا مسئلا به حل ڪيا ويندا، جنهن ۾ معدنيات جي ڳولها، انهن جي پراسيسنگ، انفرااسٽرڪچر، ماحوليات، سوشل ۽ گورننس اسٽينڊرڊس ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال.

            جيڪي معدنيات تمام گهڻي ترجيحي بنيادن تي رکيون ويون آهن انهن ۾ ريڪوڊڪ پروجيڪٽ سڀني کان اهم آهي، جنهن ۾ سون ۽ ٽامي جي کاڻين مان مائننگ ڪئي ويندي. ان کان علاوه گلگت بلتستان مان قيمتي پٿرن ۽ ٻين منرلز جي کوٽائي به اهم آهي. ان سان نه رڳو پاڪستان جي اندر مائننگ جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو بلڪه پاڪستان اندر نوان روزگار پيدا ٿيندا جنهن ۾ جيو لاجسٽن کان وٺي انجنيئر، مائننگ جي ماهرن ۽ پروفيسرن، انهن جي پروسيسنگ ڪرڻ وارن کي ۽ انفرااسٽرڪچر ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي به روزگار جا نوان موقعا ملندا. هن سڄي سيڙپڪاري ۾ اميد آهي ته نه صرف پرڏيهي سيڙپڪار هتي ايندا بلڪه هتان جا صوبائي سطح تي جيڪي به مقامي سيڙپڪار هوندا انهن کي به ان مان تمام گهڻو لاڀ حاصل ٿيندو. پرڏيهي سيڙپڪارن ۾ آمريڪا، چين، سعودي عربيه، ترڪي، آذر بائيجان، ڊينمارڪ، فنليڊ، ڪينيا ۽ برطانيه اهم پارٽنر هوندا. سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته هيءَ سيڙپڪاري تمام ڊگهي عرصي جي سيڙپڪاري آهي جنهن جو مدو لڳ ڀڳ 25 کان 35 سالن تائين جو هوندو، جنهن لاءِ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ اهم شيءِ تي زور ڏيڻو پوندو اهو امن امان آهي ته جيئن پاڪستان ۾ اهو منصوبو ڪاميابيءَ سان شروع ٿي سگهي، نه صرف شروع ٿي سگهي بلڪه ڪاميابي سان هلندي پنهنجا مقصد حاصل ڪري. سڀني کان اهم ڳالهه اها هوندي ته هن ۾ وفاق جيڪڏهن صوبن سان آئيني بنيادن تي پنهنجي دائري ۾ رهي پنهنجن صوبن کي انهن جا حق ڏيندو ته يقينن عوام کي ان جو فائدو پهچندو ۽ جڏهن عوام کي ان جو فائدو پهچندو ته عوام رياست سان گڏ ئي بيهندو.