7 اپريل 2025 تي غزه جي خان يونس واري علائقي ۾ ٿيل اهو دل ڏکائيندڙ واقعو، رڳو هڪ صحافي جي شهادت نه، پر سڄي دنيا لاءِ هڪ کليل پيغام هو ته سچ لکڻ، سوال ڪرڻ ۽ حقيقتن کي ظاھر ڪرڻ هاڻي هڪ خطرناڪ ڪم بڻجي چڪو آهي. جڏهن اسرائيلي فوج ناصر اسپتال جي ڀرسان صحافين جي خيمن کي نشانو بڻايو ته ان وقت اهي صحافي صرف پنهنجو پيشه وراڻو ڪم ڪري رهيا هئا نه هٿياربند هئا، نه ڪو خطرو ھو، پر پوءِ به انهن کي جان جي قيمت ادا ڪرڻي پئي. حلمي الفقاوي، جيڪو غزه جي آزادي پسند آواز طور سڃاتو ويندو هو، ان باهه ۾ زنده سڙي ويو. سندس آخري لمحن جي تصويرون ۽ وڊيو، جيڪي عالمي ميڊيا تي ظاهر ٿيون، ڪنهن به حساس دل انسان لاءِ بيحد تڪليف ڏيندڙ هيون. سندس ساٿي باھ وسائڻ لاءِ پاڻي کڻي آيا، ڪپڙا لاھي شعلن کي وسائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا، پر تقدير کيس نه بچائي سگهي ۽ کيس شهادت نصيب ٿي. هن سانحي کانپوءِ صرف غزه ۾ نه، پر پوري دنيا جي صحافتي برادري ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي. “رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز”، “فريڊم آف دي پريس” ۽ ٻين ڪيترين ئي عالمي ادارن اسرائيلي ڪارروائي کي انساني حقن ۽ بين الاقوامي قانونن جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي، پر افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته عالمي قوتن طرفان صرف بيان جاري ٿيا، ڪوبه اثرائتو قدم اڃان تائين سامهون ناهي آيو.
هي رڳو هڪ حملو نه هو، پر مسلسل ٿيندڙ ظلمن جي هڪ ڪڙي هئي. اڄ جيڪڏهن صحافين کي نشانو بڻايو ويو ته سڀاڻي ڊاڪٽر، استاد، اديب يا عام شهرين کي به نشانو بڻائي سگهندا. هي روش رڳو غزه تائين محدود ناهي، پر اها عالمي ضمير لاءِ به هڪ آزمائش آهي. جيڪڏهن حق ۽ سچ کي اجاگر ڪندڙ قلم کي دٻايو ويندو ته پوءِ دنيا ۾ ڪوبه محفوظ نه رهندو. ناصر اسپتال، جيڪا پهريان ئي ڪيترن ئي زخمين جي آخري اميد آهي، پاڻ به مسلسل بمباري هيٺ آهي. صحت جا ادارا، جن کي عالمي جنگي قانون تحت مڪمل تحفظ حاصل هجڻ گهرجي، انهن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. صحافين جا خيما، جتي اهي پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيا هئا، اهي به محفوظ نه رهيا. اڄ جڏهن غزه جا ماڻهو بک، بيماري، بمباري ۽ محاصري جي عذاب ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ته اهڙي صورتحال ۾ آزاد صحافت سندن آواز بڻجي اٿي آهي، پر جڏهن اهو آواز دٻائجي ٿو ته ظلم جي ڪاري رات ۾ واڌ ٿي وڃي ٿي. صحافت صرف خبر ڏيڻ جو نالو ناهي، اها انسانيت جي هڪ خدمت آهي اها جنگين جي ڪاري رات ۾ اميدن جي روشني آهي.
غزه ۾ هلندڙ جنگ، جيڪا 2023 کان جاري آهي، اها نه صرف سياسي تڪرار، پر انسانيت جي وجود لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. ھن جنگ ۾ 173 کان وڌيڪ صحافي زندگيءَ جي جنگ ھارائي چڪا آهن. هي رڳو انگ نه آهن اهي هر هڪ جان، هڪ خاندان، هڪ آواز ۽ هڪ مشن جو نالو آهي. فلسطيني وزارت خارجه جي بيان مطابق، هي حملو صحافين خلاف منظم سازش جو حصو آهي ته جيئن دنيا کي غزه جي حالتن کان بي خبر رکيو وڃي، پر سوال اهو آهي ته ڇا دنيا ان سازش کي سمجهي رهي آهي؟ ڇا آزاديءَ جي نالي تي ٺهيل قومون هن ظلم تي خاموش رهنديون؟ اڄ جي دور ۾ جڏهن سوشل ميڊيا ذريعي خبرون ۽ رپورٽون هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچن ٿيون ته پوءِ دنيا بي خبر نٿي رهي سگهي، پر جيڪڏهن عمل نه ٿيو ته خاموشيءَ جو مطلب ساٿ ڏيندڙ بڻجڻ آهي. اهو وقت آهي، جڏهن عالمي ادارن کي رڳو مذمتي بيانن بدران حقيقي قدم کڻڻ گهرجن. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته صحافت جو قتل، سچ جو قتل آهي ۽ جڏهن سچ دفن ٿيندو ته انصاف جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو. حلمي الفقاوي جي شهادت رڳو غزه لاءِ نه، پر سڄي صحافتي دنيا لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ واقعو آهي. شايد اڃان فلسطين جي سر زمين کي شهيدن جي ضرورت آهي؟ خدا فلسطيني عوام تان مشڪلاتون معاف فرمائي.