بلاگنئون

ٽيڪس جا نوان نظام ۽ عام ماڻهو

12 هزار 430 ارب رپين جو قرض نومبر 2023 ۾ وڌي 63390 اربن تائين پڳو هو ۽ هاڻي شهباز شريف جي دور ۾ 7 ارب رپين جون ٻه قسطون قرض کي وڌائي ويون، قرض ۾ اهڙو اضافو رڳو گذريل 2 سالن دوران ٿيو آهي، پر حڪومت پوءِ به بيوس لڳي پئي آهي، ڪو حال ڀائي نه رهيو اٿن جو هاڻي جوبائيڊن پاڻ شهباز شريف کي خط لکي چيو ته پرواھ نه ڪري هاڻي ملڪ کي گڏجي ڏسنداسين. ان ڪري ته هيل تائين انهن سياسي پارٽين ملڪ جو ڪٻاڙو صحيح طريقي سان ناهي ڪيو، هاڻي آمريڪا ان ڳالھ کي پاڻ ڏسندو. عام راءِ اها به آهي ته آمريڪا جي دوستي گهوري، انهن جي دشمني چڱي، ان ڪري ته انهن جن جن ملڪن سان دوستي ڪئي اهي ختم شده ٿي ويا آهن، پر هن سرڪار کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته آخر ڪري ڇا ڪن؟ چين سان به ٻِٽُ بيٺي آهي ته آمريڪا مان به هٿ نٿي ڪڍي، پنهنجي مال ۾ هٿَ اٿس ته پرائي مال ۾ اکيون وجهي ويٺي آهي، عوام مسلسل اضطراب ۾ آهي ته آخر هن خطي جي ماڻهن سان ڇا ٿيندو، جو حڪومت کان خرچ کاٻار سڌا نه ٿا ٿين، ڪير انهن کي فائنانس سمجهائي ته جيڪي ڪن ٿا، انهن جي ڊگهي عرصي واري سيڙپ ۾ ٿيڻو ڇا هي، ملڪ ڪنهن اهڙي فائنانس منسٽر جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏين جيڪو اهي سڀ حساب ڪتاب سمجهائي ڪري ڏيکارين ته ”آمدني اڻهني خرچا رپيا“ جا اصول نٿا هلي سگهن، ان ڪري جيتري اپت هوندي اوترو خرچ ڪبو، بس اها ڳالھ رڳو سمجهن ته به ڀلو. حڪومت رڳو اربين رپين جي حساب ۾ پاڻ اڙايو ويٺي آهي، ان ڪري جو جيڪي به ايف بي آر جون ڪمايون ۽ جيڪا ٽيڪس جي اوڳڙ ٿئي ٿي اها الائي ڪاڏي ٿي وڃي، جو ڪو هن حڪومت جي پورت ناهي ۽ عوام ڌڙڪيون ٿو کائي ته انهن جي آمدني ۽ اخراج هن سرڪار جي پنهنجي بي ڌياني ۾ بگڙي ويا آهن. ماڻهن کي پاڻ کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته آخر ڇا ڪجي؟ معنيٰ هڪ انڌي ٻيو کيڙي، سرڪار منجهي پئي آهي ته آمريڪا سان دوستي ڪجي يا چين سان دشمني ڪنهن جو کائجي ۽ ڪنهن جو ڳائجي؟

بهرحال جنهن رفتار سان معاشي تبديليون ۽ گهرجون سامهون اچن ٿيون ان اسپيڊ سان معيشت بهتري طرف نه ٿي وڃي. حالانڪه ادارا جڏهن خانگائجن ٿا يا جيڪي خانگائجي چڪا آهن انهن تي حڪومت کي بلين رپيا ٽيڪس به ملي ٿي ۽ جيڪي نوڪري پيشا ماڻهو آهن، انهن جي پگهارن جي سليب تي ٽيڪس الڳ ٿي ڪمائي. ان طريقي جي 20 سال اڳ ڏسجي ته حڪومت جي بجيٽ ۾ رڳو خسارو هوندو هو، ان ڪري ادارا جيڪي به سرڪاري هوندا هئا، اهي رڳو نقصان کان علاوه ڪجھ به نه ڏيندا هئا. هاڻي ته اداران ۾ بهتري آئي آهي، پر خرچ وڌي ويا آهن جو نگران هئا ته سڪون هو هي وزير ته ڪروڙين رپين جا رڳو بسڪوٽ کائي ٿا وڃن، جيڪي به رڳو ڪاغذن ۾ هوندا آهن، ڪرپشن جي خرابي ايتري آهي جو وڏن شهرن جي روڊن تي رڳو ڌوڙ ٿي اڏامي، ڪو ڪم نبري نٿو. ٽيڪس ڪليڪشن ۾ تمام گهڻيون خرابيون آهن، جيڪي رڳو انهن ماڻهن کان اوڳاڙي ڄاڻن جيڪي پگهاردار آهن، باقي جيڪو بزنس ڪلاس آهي ان کان اوڳاڙي ڪرڻ ايتري مشڪل آهي، جيتري مشرف جي دور ۾ عام ماڻهن کي بينڪن طرفان ڏنل گاڏيون جيڪي واپس ٿي نه سگهيون، انهن مان گهڻي ڀاڱي گاڏيون اهڙين وزيرن، اميرن، شهري غنڊن جي گهرن ۾ بيٺل هيون، جتان واپس ڪرڻ معنيٰ ان ملازم جو واپس اچڻ مشڪل هو ۽ بينڪون آخر انهن گاڏين تان هٿ کڻي ويون ۽ گاڏيون واپسي (رِڪورَ) نه ٿي سگهيون، ان ڪري ٽيڪس ڪليڪشن به ايتري ئي مشڪل ترين ڳالھ آهي.

مثال طور: سرڪار کان وڌيڪ سرڪاري نمائنده ٿا ڪمائين جيڪي روڊن تي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار بيٺا آهن اهي رڳو ان انتظار ۾ هوندا آهن ته سرڪار رڳو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري، باقي عوام کي ڦرڻ انهن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي، پر ان جي برعڪس ٿيڻ ائين کپندو هو ته هي جيڪي به ڪار ۽ وڏين گاڏين جا مالڪ آهن اهي، هن ڊجيٽل دور ۾ پنهنجي گاڏين جا مٿان هڪ ”چِپِ“ هڻي گهمن ته جيئن اهي جيڪي به ٽريفڪ جون انحرافيون (وايوليشن) ڪن ته انهن جي مٿان ڏنڊ پاڻ ڄاڻ لڳي وڃي ۽ ماڻهو به ڊڄ ۾ هجن ته ٽريفڪ جا قانون ناهن ٽوڙڻا، پر انهن کي پڪ آهي ته جي هي سگنل ٽوڙيندا به ته ڏنڊ ڏوھ پنجاھ سئو ۾ طئي ٿي سگهن ٿا ته پوءِ حڪومت ڇا ڪمايو؟ جي رياست طريقي سان ٽيڪس ۽ ڏنڊ ڏوھ هڻي ته رياست پاڻ گهڻو ڪمائي ان ڪري ته ماڻهو جيڪي گهٽ ۾ گھٽ ڏهاڙي جي زمري ۾ ڪمائي ٿو، ان جو 70 سيڪڙو ته سرڪار کي موٽائي ٿو ڏئي، پوءِ ان ۾ انڪم ٽيڪس هجي، ڪنزيومر ٽيڪس هجي، پراپرٽي ٽيڪس هجي، يوٽيلٽي جا بل هجن، ٻارن جون اسڪولي في هجن يا ٻيون جيڪي به شيون آهن انهن تي ٽيڪس ته عام ماڻهو ڀريندو ٿو رهي، هاڻي وڃي رهي دڪاندارن جي ڪمائي تي ٽيڪس ريڙهين جي اوڳاڙي ته اڳي ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ميڙي ٿا وڃن ۽ جيڪا جمع پونجي هجين ٿي اها ميونسپل ڪاميٽي وارا گهلي کسي ڦري فقير ڪري ٿا وڃن، ان ڪري ترن جو تيل ته وري ترن مان نڪرندو جو ماڻهو مارڪيٽ ۾ لهڻ جي همت نه ڪري نه ڪنهن شيءِ جو اگھ پڇڻ جي همت نه ڪري، ان ڪري کپائيندڙ هاڻي سرڪار سان گڏ ٻه گاريون آمريڪا ۽ عسڪري ادارن کي به رهڙي ٿا وٺن ۽ شيون کپائي ٿا وٺن.

هاڻي ايف بي آر نئون سسٽم لاڳو ڪيو آهي جنهن ۾ هر دڪاندار، واپاري، رٽيلر ۽ هول سيلر، هوٽل وارو، ريڙهي وارو به 30 اپريل تائين پنهنجي فري رجسٽريشن ڪرائي نه ٻي صورت ۾ ڏنڊ ڏوھ ۾ اچي سگهي ٿو، حڪومت گذيل مهيني نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ۽ ايف بي آر جي تخميني موجب ان قدم سان هر سال 400 ارب کان 500 ارب رپيا اضافي آمدني ٿيندي. ٽيڪس جي لاءِ جن دڪاندارن جي فهرست جوڙي وئي آهي انهن ۾ عام واپاري، رٽيل وارو دڪاندار، هول سيلر، سودي سيڌ وارو دڪاندار، عام ڊيلر، ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ڪندڙ ڪمپنيون، هوٽلون ۽ تفريح ۽ سينگار جا دڪان جن ۾ بيوٽي پالر وغيره اچي وڃن ٿا معنيٰ جيڪو ماڻهو ڌنڌي واپار مان ڪمائيندو اهو سرڪار جو به کيسو گرم ڪندو اهو ائين ته جيئن پگهاردار هر مهيني جي پگهار مان هڪ مخصوص ٽيڪس حڪومت کي ڏئي ٿو ائين اهو دڪاندار به حڪومت کي ٽيڪس ڏيندا رهندا انهن ۾ يوٽيلٽي جا بل الڳ (اهو منصوبو ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪم ڪندڙ قومي يا بين الاقوامي ڪمپنين يا چينل اسٽورن لاءِ ناهي، ڇو ته اهي اڳ ۾ ئي اهڙي ٽيڪس ڀريندا رهن ٿا. شروع ۾ هي ٽيڪس پلان ڇهن وڏن شهرن ۾ رجسٽريشن ڊرائيو ذريعي شروع ڪيو ويندو جنهن ۾ اسلام آباد، راولپنڊي، ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور ۽ پشاور شامل هوندا.

سسٽم بهتر هجن، مثال جي پلاسٽڪ مني ناهي ته رياست گھٽ ۾ گھٽ اها ٽيڪس ڪليڪشن بهتر ڪري سگهي ۽ اونداھ ۾ ٿاڦوڙا نه هڻي جو ايران کان گئس ورتي به نه اٿن، پر هاڻي کان گيس به ڊالر جي ريٽ ۾ عام ماڻهن کي کپائي ٿا ڏين ۽ پيٽرول جي ته ڳالھ ئي الڳ آهي. هن وقت، اندازي مطابق 3.5 ملين دڪاندارن، ڪاروبارين، عام واپارين، مان صرف 300,000 فعال طور تي ٽيڪس ريٽرن فائل ڪري رهيا آهن. نئين تجويز ڪيل اسڪيم جو مقصد باقي 3.2 ملين دڪاندارن جن ۾ جيڪي ريزڪي ڪاروبار ڪن ٿا اهي به زمري ۾ زد ۾ ايندا ۽ اهي به ٽيڪس ڪليڪشن واري نئين فارمولي ۾ ايندا. بنيادي طور تي وڏن شهرن ۾ موجود ٽيڪس نيٽ بهتر ناهي، مثال طور: جيڪڏهن ماڻهو وڏن ملڪن جي وڏن ترقي يافتا شهرن ۾ وڃي ته انهن کي هر دڪاندار ايستائين جو چانھ ۽ ڪافيءَ جا دڪاندار به ٽيڪس جي پرچي ڏيندا ۽ رسيد کانسواءِ ڪا به شيءِ نه وٺڻ ڏيندا نه کائڻ پيئڻ ڏيندا، پر هتي خاص طور تي وڏن شهرن ۾ روڊ رستا به کائڻ پيئڻ جا دڪان ٿي ويا آهن مثال طور؛ جيئن ”برنس روڊ“ کي رات جي وقت صدر کان وٺي هاءِ ڪورٽ جي رستن تائين بند ڪري فوڊ اسٽريٽ ٺاهيون ويٺا آهن ۽ انهن کي ڪير چوڻ وارو ناهي، ان ڪري جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن سان ٻِٽُ آهن، اهي چاهين ٿا ته بس انهن جا کيسا گرم ڪيو باقي ٻيو خير آهي، ماڻهو ڪنهن ٻئي روڊ رستي تان ٽپي هليا ويندا، پر سرڪار ٻڙڪ نه ڪڇندي جو ورديءَ وارا انهن سان ٻڌل آهن. اتي ٻي ڳالھ ته شهر جا سڀ روڊ رستا انهن قانون لاڳو ڪندڙن جون سُئا مينهون آهن جيڪي روز ڪمائي ڏين ٿيون ۽ مجال آهي جو ڪير اها ٽيڪس ڪنهن صورت ڪنهن حڪومتي اداري يا ميونسپل ڪاميٽي کي به ڏيندو هجي ۽ جي ڪنهن پنهنجي گاڏي يا موٽرسائيڪل اهڙي روڊ رستي تي بيهاري جتي بيهارڻ انهن قانون لاڳو ڪندڙن جي نظر ۾ ڏوھ آهي ته اها گاڏي ۽ موٽرسائيڪل پٽي کڻي هليا ويندس ۽ پنهنجو کيسو گرم ڪرڻ کانپوءِ وري ڇڏي ڏيندس پوءِ ان عام ماڻهوءَ سان ڪيتري به ايمرجنسي ۽ مجبوري ڇو نه هجي، پر اهي ائين پنهنجا کيسا گرم ڪندا رهندا، پر سرڪار وري به ڌڙڪيون کائيندي رهندي ۽ اهي ادارا ۽ شخص ڪروڙين رپيا ڪمائي ڏٽَ ڪندا وتندا.