12 هزار 430 ارب رپين جو قرض نومبر 2023 ۾ وڌي 63390 اربن تائين پڳو هو ۽ هاڻي شهباز شريف جي دور ۾ 7 ارب رپين جون ٻه قسطون قرض کي وڌائي ويون، قرض ۾ اهڙو اضافو رڳو گذريل 2 سالن دوران ٿيو آهي، پر حڪومت پوءِ به بيوس لڳي پئي آهي، ڪو حال ڀائي نه رهيو اٿن جو هاڻي جوبائيڊن پاڻ شهباز شريف کي خط لکي چيو ته پرواھ نه ڪري هاڻي ملڪ کي گڏجي ڏسنداسين. ان ڪري ته هيل تائين انهن سياسي پارٽين ملڪ جو ڪٻاڙو صحيح طريقي سان ناهي ڪيو، هاڻي آمريڪا ان ڳالھ کي پاڻ ڏسندو. عام راءِ اها به آهي ته آمريڪا جي دوستي گهوري، انهن جي دشمني چڱي، ان ڪري ته انهن جن جن ملڪن سان دوستي ڪئي اهي ختم شده ٿي ويا آهن، پر هن سرڪار کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته آخر ڪري ڇا ڪن؟ چين سان به ٻِٽُ بيٺي آهي ته آمريڪا مان به هٿ نٿي ڪڍي، پنهنجي مال ۾ هٿَ اٿس ته پرائي مال ۾ اکيون وجهي ويٺي آهي، عوام مسلسل اضطراب ۾ آهي ته آخر هن خطي جي ماڻهن سان ڇا ٿيندو، جو حڪومت کان خرچ کاٻار سڌا نه ٿا ٿين، ڪير انهن کي فائنانس سمجهائي ته جيڪي ڪن ٿا، انهن جي ڊگهي عرصي واري سيڙپ ۾ ٿيڻو ڇا هي، ملڪ ڪنهن اهڙي فائنانس منسٽر جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏين جيڪو اهي سڀ حساب ڪتاب سمجهائي ڪري ڏيکارين ته ”آمدني اڻهني خرچا رپيا“ جا اصول نٿا هلي سگهن، ان ڪري جيتري اپت هوندي اوترو خرچ ڪبو، بس اها ڳالھ رڳو سمجهن ته به ڀلو. حڪومت رڳو اربين رپين جي حساب ۾ پاڻ اڙايو ويٺي آهي، ان ڪري جو جيڪي به ايف بي آر جون ڪمايون ۽ جيڪا ٽيڪس جي اوڳڙ ٿئي ٿي اها الائي ڪاڏي ٿي وڃي، جو ڪو هن حڪومت جي پورت ناهي ۽ عوام ڌڙڪيون ٿو کائي ته انهن جي آمدني ۽ اخراج هن سرڪار جي پنهنجي بي ڌياني ۾ بگڙي ويا آهن. ماڻهن کي پاڻ کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته آخر ڇا ڪجي؟ معنيٰ هڪ انڌي ٻيو کيڙي، سرڪار منجهي پئي آهي ته آمريڪا سان دوستي ڪجي يا چين سان دشمني ڪنهن جو کائجي ۽ ڪنهن جو ڳائجي؟