ايوان صدر ۾ 26 آڪٽوبر 2024 تي ٿيل تقريب ۾ جسٽس يحيٰ خان آفريدي پنهنجي نئين عهدي، چيف جسٽس آف پاڪستان جو قسم کڻي ورتو. نئين مقرر ٿيل چيف جسٽس کي هڪ اعزاز اهو به آهي ته هو عوامي نمائندن طرفان چونڊيل پهريون چيف جسٽس آهي، 26 هين آئيني ترميم جي ذريعي پارليامان پنهنجو حق حاصل ڪيو ته ملڪ جي وڏن عهدن تي ماڻهن جي چونڊ پارليامان ڪندو، پارليامان طرفان 12 رڪني ڪاميٽي ٺاهي وئي جيڪا سينيٽ جي چئن ۽ قومي اسيمبليءَ جي اٺن ميمبرن تي ٻڌل هوندي. ان ڪاميٽي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان نئين چيف جسٽس جي چونڊ ڪئي. سندس چونڊ ۾ پاڪستان جي هڪ وڏي پارٽي پي ٽي آءِ، سندس ئي برادر سپريم ڪورٽ جا جج جن جو تعداد 6 آهي، ڪيترائي وڪيل ۽ صحافي ناراض آهن.
سپريم ڪورٽ جي جن ڇهن ججن کي ناراضگي آهي انهن ۾ چار جج اهڙا به آهن جن جي چيف جسٽس ٿيڻ جو امڪان هو، پر هاڻي اهو امڪان ختم ٿي ويو آهي. سڀ کان وڌيڪ تڪليف جسٽس منصور علي شاهه کي پهتي آهي جنهن جي چيف جسٽس ٿيڻ ۾ ذري برابر جو به شڪ نه هو، پر هن مخصوص سيٽن وارو متنازع فيصلو پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڏئي خود کي متنازع بڻائي ڇڏيو ۽ حڪومت کي خبردار ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن منصور علي شاهه چيف جسٽس جي عهدي تي ويٺو ته ملڪ جو ڪاروهنوار آرام سان هلي نه سگهندو. جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت پنهنجي اتحادين سان گڏجي آئين ۾ 26 هين ترميم آڻي چيف جسٽس جي مقرري جو نئون قانون پاس ڪرائي منصور علي شاهه کي ان ڊوڙ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ هاڻي سندس برادر جج جسٽس يحيٰ آفريدي جيڪو سينيارٽي ۾ ڪافي هيٺئين نمبر تي هو چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کڻي پنهنجون ذميداريون پنهنجن ڪلهن تي کڻي ورتيون آهن ۽ هن پهرئين ڏينهن تي ئي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر کي شامل ڪيو آهي، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. جسٽس يحيٰ خان آفريديءَ جو ماضي بطور وڪيل ۽ بطور جج شاندار رهيو آهي، هو هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخواهه جو چيف جسٽس پڻ رهيو آهي، ان ڪري کيس ڪورٽ جي انتظام هلائڻ جو تجربو به حاصل آهي. هن وقت به کيس سڀ کان وڏو چئلينج سپريم ڪورٽ اندر ججن جي تفريق ختم ڪرائي ايڪو قائم ڪرائڻ آهي، ڇو ته هن وقت سپريم ڪورٽ اندر واضح تفريق موجود آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نئون چيف جسٽس پنهنجن برادر ججن کي ڪيئن ٿو گڏ وٺي سپريم ڪورٽ جو ڪاروهنوار بهتر طريقي سان هلائي جنهن سان ملڪ ۾ ڪابه اڻوڻندڙ صورتحال پيدا نه ٿئي. افسوسناڪ صورتحال ان وقت پيدا ٿي جڏهن هڪ ويندڙ چيف جسٽس کي جڏهن فل ڪورٽ ريفرنس ڏنو پئي ويو ته ان وقت ڇهه جج پنهنجي اندر جو غصو لڪائي نه سگهيا ۽ نانيءَ ويڙهو ڪري الڳ ٿي ويهي رهيا ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو منفي انداز ۾ درج ڪرائي ويا.
انهن ججن جي لاءِ عام تاثر اهو پيدا ٿيو آهي ته جڏهن اهي پنهنجي برادر جج جي لاءِ پنهنجي دل صاف نٿا ڪري سگهن ۽ پنهنجي بغض کي نٿا لڪائي سگهن ته اهي عدالت ۾ ڪهڙو انصاف ڪندا. ڇو ته اهي جج سپريم ڪورٽ ۾ ويهي بجاءِ انصاف ڏيڻ جي سياست ڪندا رهيا آهن، سندن سياست هڪ پارٽي کي فائدو ڏيندي رهي آهي. موجوده چيف جسٽس جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو به آهي ته سپريم ڪورٽ کي سياست کان پاڪ ڪرائي، سپريم ڪورٽ جو لاڙو ڪنهن به سياسي پارٽي طرف نه هجي، پر سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون جو تحفظ ڪندي هر ماڻهو کي انصاف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري. نئين چيف جسٽس مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو اڳوڻي چيف جسٽس جي نقش قدم تي هلندي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندي سپريم ڪورٽ جو مان مٿانهون ڪندو.