ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: افلاطوني عشق، مرشد لطيف۽ صنوبر

صنوبر بي ايس انگلش جي ٽئين سال جي پھرين سيميسٽر جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لڳي ته ھن جا سڀ سبجيڪٽ ميجر ٿي ويا، پر هن پھرين ۽ ٻئين سال ۾ ئي ھڪ اسٽڊي اسٽريٽيجي ٺاهي ورتي ھئي ته ھوءَ شام جو ھاسٽل تي ڪلاس ۾ مليل روز وارن ليڪچرز جي ڀرپور تياري ڪرڻ سان گڏ نوٽس پڻ ٺاهي رکندي ھئي جنهن جي ڪري ھن کي واڌو وقت ملي ٿي ويو، جنهن ۾ ھوءَ سي ايس ايس جي تياري ڪندي ھئي. صنوبر کي سي ايس ايس جي تياري ڪرڻ جي لاءِ سندس والد زور ڀريو ھو جو ھو ايريگيشن کاتي ۾ پنجين گريڊ جو ڪلارڪ ھو، پر سفارش نه ھجڻ جي ڪري سڻڀي ڪرسي نه وٺي سگهيو جنهن جي ڪري ھن جي گهر جو چرخو ڏکي نموني سان ھلندو ھو، پر ٻارن جي وڏي ٿيڻ سان خرچ به وڌڻ لڳا. نيٺ وڏي ڪوشش کانپوءِ ھن رشوت جو متبادل ڳولي ورتو ۽ ھڪ ننڍڙي فرم ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر/اڪائونٽنٽ ٿي ويو. ڇاڪاڻ جو ھن جون ڪمپيوٽر ۽ بي. ڪام جون ڊگريون ڪم اچي  ويون….. پوءِ سندس مالي حالت ڪجهه بھتر ٿي ۽ ھو پنهنجي ٻارن کي بھتر تعليم ڏيارڻ جي قابل ٿيو.

صنوبر کي پنهنجي پيءُ جي سخت محنت ۽ سندس ماءُ جي صبر جو احساس ھو جنهن جي ڪري ھن داخلا جي پھرين ڏينهن کان وٺي انگلش سکڻ جي لاءِ وڏي محنت ڪئي ۽ ھن پھرين ۽ ٻئين سال ۾ انگلش ڪمپوزيشن، انگلش ايسي، اسلاميات، ايوري ڊي سائنس ۽ ڪرنٽ افيئرس تي تمام گهڻو فوڪس ڪيو. ھن آن لائين اخبارون پڻ پڙهڻ شروع ڪيون ۽ ڪوشش ڪري ڊان يا دي نيوز ڏانهن مختلف اشوز تي ليٽرز (خط) پڻ موڪليندي رھندي ھئي ۽ اڪثر ڪري ھن جا خط شايع پڻ ٿيندا ھئا.

صنوبر بين الاقوامي اشوز تي اپ ڊيٽ رھندي ھئي. پنهنجي ڪلاس فيلوز يا وري اتفاق سان ڪلاس جي آخري منٽن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ريحانه ڪرنٽ افيئرس جو موضوع ڇيڙي وجھندي ھئي ته پوءِ ھر ڪوئي پنهنجي ڄاڻ جي آڌار تي راءِ ڏيندو ھو، پر ڊاڪٽر ريحانه کي صنوبر جو پوائنٽ آف يو بھتر لڳندو ھو جنهن جي ڪري ھوءَ ڪلاس ۾ سڀني کان پرامينينٽ پڻ ٿي وئي ھئي.

ٽئين سال ۾ صنوبر جا سڀ سبجيڪٽ ميجر ٿي ويا ھئا تنهنڪري ھن کي پنهنجي اسٽڊيءَ لاءِ ھڪ نئين اسٽريٽيجي ٺاهڻي پئي جنهن جي ڪري ھن پاڻ کي ڊپارٽمينٽ، سيمينار لائبريري ۽ ھاسٽل جي روم تائين محدود ڪري ڇڏيو.

صنوبر سي ايس ايس جي آپشنل سبجيڪٽن ۾ سنڌي لٽريچر به کنيو ھو جنهن جو ھڪ اھم سبب اهو ھو ته سنڌي لٽريچر ۽ انگلش لٽريچر جي شاعري، ڪھاڻي، افسانو، ناول يا ٻيون ادبي صنفون ۽ گرامر ساڳي اسٽائل جون ھيون، پر سنڌي ادب به انگلش لٽريچر وانگر عالمي ادبي تحريڪن جي اثر ھيٺ ترقي ڪئي آٓهي جنهن ۾ خاص طور تي سريئلزم، رومانٽسزم، مارڪسسٽ لٽريچر، ماڊرنزم، پوسٽ ماڊرنزم، ڪنسنٽرڪشن ۽ ڊي ڪنسنٽرڪشن وارين لٽرري تحريڪن کي ھن چوٿين سيميسٽر ۾ ڪجهه پڙهيو ھو، پر پنجين سيميسٽر ۾ ته ھي تحريڪون باقاعدي ھڪ سبجيڪٽ ۾ رکيل ھيون، پر صنوبر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سورمين جي جدوجهد کي سمجهڻ جي لاءِ پنهنجي ھڪ سھيليءَ سان صلاح ڪئي جنهن کيس سي ايس ايس جو شوق ڏياريو ھو.

صنوبر جي سھيلي پارڪ ۾ ويٺل ھڪ خوبصورت، قدآور ۽ شھپري شاگرد ڏانهن اشارو ڪندي چيس، “ھن جي لاءِ چون ٿا ته سنڌي ادب تي عبور اٿس، رائيٽر به آهي ۽ پاڻ کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو فالوور به سڏرائيندو آهي تنهنڪري ھن جا دوست ڪھڙي به گفتگو ڪن پوءِ اھا سياسي، سماجي ۽ معاشي ڇو نه ھجي، پر ھو موضوع جي حساب سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو شعر ضرور ٻڌائيندو آٓهي.

صنوبر ھن کي سڃاڻندي ھئي ته ھو سندس بيچ ميٽ آهي، پر سندس ڌيان ھن ڏانهن نه ويو ھو جو ھوءَ پنهنجي اسٽڊي اسٽريٽيجيءَ کان ٻاھر نڪتي ئي نه ھئي، پر اڄ جو ھن کي ڏٺائين ته ھوءَ پھريون ڀيرو سندس شخصيت جي سحر ۾ وٺجي وئي. جيتوڻيڪ ھوءَ پاڻ به تمام گهڻي خوبصورت ھئي، پر گهڻي پڙهائي جي ڪري ھن جي چھري تي ھر وقت سنجيدگي رھندي ھئي جنهن جي ڪري اڪثر شاگرد کيس انا پرست سمجهي پري ٿي ويندا هئا، پر جيڪڏهن ڪو شاگرد ھن سان فلرٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو ته ان جي ڄڻ ڦٽي …. پر صنوبر کي ٻيو به آپشن ھو ته ھوءَ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسرن کان به پڇي ۽ سکي ٿي سگهي، پر پوءِ اھو خيال ذھن مان ڪڍي ڇڏيائين.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ صنوبر ڪلاس اٽينڊ ڪري ڪينٽين ڏانهن وڃي رهي هئي ته ھن کي ڪاريڊور مان ايندي ڏٺائين ته بيھي رهي. ھو جيئن صنوبر جي ويجهو پھتو ته ھن سلام ڪري نالو پڇا ڪيس.

“جي، منهنجو نالو امر سارنگ آهي، پر سڀ دوست لالا امر ڪري سڏيندا آهن.”

“توهان سنڌي ڊپارٽمينٽ جا شاگرد آهيو”؟

“جي، ڪو ڪم ھجي يا….”

“توهان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو ته ضرور پڙهيو ھوندو پوءِ توهان جو به ساڳيو ئي روايتي ليکڪن وارو تصور آهي يا مختلف.”

“جديد ۽ سائنٽيفڪ تصور ڪنهن به روايتي رائيٽر کان ھضم ئي نٿو ٿئي. جيتوڻيڪ منهنجي مرشد لطيف رح جي شاعريءَ ۾ پوليٽيڪل فلاسافي ۽ سائنٽيفڪ تصور جي پس منظر ۾ ڪيترائي آرٽيڪل اخبارن ۾ شايع ٿيل موجود آهن، پر جڏهن انهن کي فيس بُڪ تي اپلوڊ ڪندو آھيان ته ڪمينٽس ڄڻ ته نه جي برابر، پر مان پنهنجي مرشد تي لکڻ کي پنهنجي لاءِ سعادت سمجھندو آھيان ۽ ٻيو ته علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مسز ايلسا قاضي يا وري سائين جي ايم سيد جي “پيغام لطيف” ڪتاب  کي ڪنهن موٽ ڏني هئي ڇا!! تنهنڪري منهنجو ڪم به تشريح يا ڀيٽ ڪرڻ آهي، پر ڪنهن جي به ڪمينٽ جي پرواهه کانسواءِ..”

“زبردست، لالا سڀاڻي توهان سان چانھ پيئبي ۽ منهنجي ذھن ۾ جيڪي سوال آهن سي به پڇا ڪندس.”

“ويلڪم، موڪلاڻي ناهي.”

صنوبر فري پيرڊ يا بريڪ ۾ لالا امر سارنگ سان ملندي رھندي ھئي، پر ھنن جي گفتگو جو محور سنڌي ادب ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون سورميون ھوندو ھو. جيتوڻيڪ، لالا امر جي ننڍن ننڍن ليڪچرن صنوبر جو ڪانسيپٽ ڪافي ڪليئر ڪيو ھو، پر ھن جي ذھن ۾ اڃان اڻ تڻ ھئي جيڪا ھن جي چھري مان صاف ظاهر ٿي رهي ھئي.

اڄ صبح جو جڏهن ڊاڪٽر ريحانهPlatonic Love (افلاطوني محبت) تي ليڪچر ڏنو ۽ ان ۾ Laders of Love جنهن سادي ۽ گهرائيءَ واري طريقي سان سمجهايو ته سڄي ڪلاس سان گڏ صنوبر پڻ دنگ رھجي وئي. ليڪچر پوري ٿيڻ سان ئي ڊاڪٽر ريحانه سڄي ڪلاس کي افلاطوني محبت تي اسائنمينٽ ڏيندي ليڪچر کي غور سان پڙهڻ تي زور ڏنو ته سڄي ڪلاس سمجهيو ته ڊاڪٽر ريحانه پيپر ۾ اھو سوال ضرور ڏيندي تنهنڪري سڀئي هوشيار ٿي ويا.

شام جو گرلس ھاسٽل جي ڪينٽين تان چانھه پي سستي دور ڪندي صنوبر پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ليپ ٽاپ کولي افلاطوني محبت کي گوگل ۾ سرچ ڪرڻ لڳي ۽ ساڳئي وقت تي موبائيل ۾ چيٽ جي پي ٽيءَ کي پڻ ڪمانڊ ڏني. ھڪ طرف گوگل وڪيپيڊيا، برٽينيڪا ۽ ٻيا کوڙ سارا ويب پيج ڪڍڻ سان گڏ ريسرچ پيپر پڻ ڪڍي ڏنا جن مان ڪجهه اھم کي صنوبر ڪاپي ڪري مائيڪرو سافٽ ۾ سيو ڪندي ٿي وئي ۽ چيٽ جي پي ٽيءَ جي مواد کي ڪاپي ڪري پڻ پيسٽ ڪري سيو ڪيو.

صنوبر سڀني اھم مضمونن کي پڙهيو ته کيس خبر پئي ته افلاطوني محبت حقيقت ۾ عورت/مرد پهريان جسماني حسن کان متاثر ٿئي ٿو، پوءِ ذهني، فڪري ۽ آخرڪار Beauty itself (حسن بذات خود) جي تلاش طرف وڌي ٿو، جيڪو هڪ ڪائناتي حسن ڏانهن وٺي وڃي ٿو. افلاطون پنهنجي symposium ۾ مردن جي وچ ۾ روحاني ۽ ذهني محبت کي پڻ قبول ڪيو هو ۽ ان کي اعليٰ سمجهيو ويندو هو. خاص طور تي استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ اهڙي ذهني ۽ غير جسماني محبت جو تصور کي پڻ افلاطوني محبت سڏيو ٿو وڃي. صنوبر ھن نقطي تي ڪجهه پريشان ٿي وئي جو کيس سمجهه ۾ ئي نٿي آيو، پر افلاطوني عشق ۾ شادي يا جسماني تعلق کي غير ضروري سمجهيو ٿو وڃي. صنوبر افلاطوني محبت کي ڄڻ ته پنهنجي ۽ لالا امر جي وچ ۾ پيدا ٿيل تعلق سان ڀيٽيو ته ھن جي چھري تي مسڪراھٽ تري آئي ۽ پوءِ نه ڄاڻ ڪھڙي سوچ ۾ ھلي وئي جو کيس ننڊ وٺي وئي ۽ ليپ ٽاپ به بند نه ڪري سگھي.

ٻئي ڏينهن تي صنوبر جيئن ئي ڊپارٽمينٽ ۾ پھتي ته يونيورسٽيءَ جي پروفيسر وي سيءَ جي خلاف احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ اي سي ٽو وڃي رهيا ھئا، پر انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ پھريون ڪلاس ھليو ۽ ٻئي ڪلاس جي لاءِ پروفيسر پھتو ئي مس ته ٻين ڊپارٽمينٽس جي پروفيسرن جي عرض ڪرڻ تي باقي رهيل پروفيسر به احتجاج تي روانا ٿي وياـ احتجاج تي ويندي انگلش ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين سڀني ڪلاسن جي سي آرز کي گهرائي چيو ته ڊپارٽمينٽ نه ڇڏجو اسان ھڪ ڪلاڪ جي اندر موٽي ٿا اچون ۽ پنهنجا ڪلاس وٺنداسين جيڪڏهن توهان نه به ھوندا ته اسان خالي ڪلاس کي به ليڪچر ڏينداسين ۽ پوءِ توهان سمجهي سگهو ٿا..!!!

چيئرمين جي اھڙي ڌمڪي کانپوءِ انگلش ڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪينٽين جو رخ ڪيو، پر صنوبر وري لالا امر ڏانهن ھلي وئي ۽ کيس افلاطوني محبت جي سڄي ڳالهه ٻڌائيندي چيو، “لالا ڏس ته افلاطون جي محبت ڪيڏي نه پاڪ آهي جو ان ۾ جسم ڪا به اھميت نه ٿو رکي ۽ عورت/مرد ظاهري حسن جي ذريعي روحاني حسن تائين پھچي ٿو وڃي. ڇا توکي ان جي خبر آهي.”

“ڏس صنوبر، افلاطون پنهنجي سوسائٽيءَ جي ڳالهه ٿو ڪري نه ڪي يونيورسل، پر مرشد لطيف رح جي سورمين پنهنجي ظاهري حسن کان باطني حسن تائين پھچڻ جي لاءِ پھريان شادي ڪئي. ڇاڪاڻ ته افلاطون جي دور واري معاشري کانپوءِ وارو معاشرو گهڻو ترقي پسند ٿي ويو ھو خاص طور تي اسلام جي اچڻ کان پوءِ، پر ھي توهان کي ياد رکڻ گهرجي ته افلاطون اھڙو ڪوبه تجربو نه ڪيو ھو، پر مرشد لطيف رح پاڻ به تجربو ڪيو جو کيس اولاد نه ھو، پر سندس پوئلڳ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مسز ايلسا قاضي جي محبت افلاطوني ھئي، پر انهن جو به نڪاح ٿيل ھو.”

صنوبر لالا امر کي افلاطوني محبت کان وانجھيل سمجهيو، پر ھن جي ايپروچ ڏسي دنگ رھجي وئي، پر ڪافي گھڙيون خاموش رھڻ کانپوءِ سوال ڪيو, “افلاطون جو Ladder of Love (پيار واري ڏاڪڻ) وارو نقطو ڪيترو نه بھترين آهي جو محبت مرد/عورت جي ظاهري حسن کانپوءِ ذھني/باطني سفر ڏانهن وڌي ٿي.”

“بلڪل مرشد لطيف رح وٽ به ظاهري حسن کان باطني حسن واري سفر جي ڳالهه ڪري ٿو.”

گُجَرِ گَهڻا گهائِيا، پاڻا لَڳُسِ گهاءُ؛

مينڌَري مُلاءُ، لڳَسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.

جڏهن راڻي مومل جي طلسم ۾ داخل ٿي ناتر جي چوڻ تي سڀني ڳجھارتن کي سلجھايو مومل جيڪا سندس مرداڻي شبيهه تي مشتاق ٿي، پر پوءِ ھن جي عقل سان انسيت ٿي پويس ٿي جيڪا جسماني محبت کان ذھني، عقلي، باطني محبت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، پر پھريان شادي جنهن کانپوءِ باطني، روحاني سونهن کي پاڻ ۾ سڃاڻڻ جي سفر جي شروعات ڪري ٿي، پر جلد ئي ھن جي محبت ھڪ حادثي جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ ھن جو سفر ڪائناتي “خود” تائين پھچي وڃي ٿو جتي ھر طرف ھوءَ ئي ھوءَ آهي.

“زبردست لالا، پر افلاطون ۽ مرشد لطيف جي روحاني/باطني سفر ۾ فرق ڪھڙو آهي؟” صنوبر لالا امر کان سوال ڪيو.

“ڏس صنوبر، سڀ کان وڏو فرق ھي آهي ته افلاطوني محبت تصوراتي آهي ۽ ھن ڪڏهن به ان تي عمل نه ڪرايو، جيڪڏهن ھڪ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ ۾ محبت وارو عملLadder of Love  جي ذريعي ڪرايو وڃي جنهن کي سمپوزيم ۾ عقلمند عورت ڊايوٽيما جي ذريعي بيان ڪيو ويو آهي ته محبت مرحليوار ترقي ڪري سگهندي ته ڇا اھي يعني ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري ۾ محبت وارو عمل جاري رھندو يا سيڪس جي نظر ٿي ويندو؟ ھي تمام وڏو مشڪل عمل ٿو لڳي، پر مرشد لطيف رح جو مٿي ذڪر ڪري آيس ته ھن پاڻ به تجربو ڪيو ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ مسز ايلسا قاضي پڻ ڪيو. جڏهن ته سسئي پنهنجي محبت کي دائمي ڪرڻ جي لاءِ جبل جو سفر ڪيو ۽ پوءِ ھن جسماني حسن کي ڇڏي پنهنجي باطن جي تلاش ڪرڻ شروع ڪئي,

ووڙيم سڀ وٿاڻ يار ڪارڻ جت جي،

الله بڪل شيء محيط اھو آرياڻيء اھڃاڻ،

سڀ ۾ پنھون پاڻ ڪونهي ڪو ٻيو ٻروچ ريءَ.

“افلاطون ته عورت/مرد جي جسماني حسن سان محبت جي شروعات کان پوءِ سڀني انسانن سان محبت ڪرڻ جو ٿو چوي. ڇا مرشد لطيف وٽ ھن جو ڪو جواب آهي.” صنوبر ٿورو مسڪرائيندي پڇيو.

“مرشد لطيف وٽ سسئي پنھونءَ جي محبت کانپوءِ پنھونءَ جي علائقي جي ھر حسين عورت/مرد ته ڇڏيو، پر ان جي ديس جي ھر شيءِ کي پنهنجي لاءِ امر ٿي سمجهي.

پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي

ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري.”

ھاڻي ھتان سسئيءَ جو باطن ڏانهن سفر شروع ٿئي ٿو ۽ ھوءَ پنهنجي سفر جي دوران پنھونءَ جي جسماني حسن جي اھميت کي وساري چوي ٿي.

ڳوليان ڳوليان م لھان شال م ملان ھوت

من اندر جا لوچ ملڻ ساڻ ماٺي ٿئي.

“ڏس لالا، افلاطون وري سڀني جسماني حسن وارن سان محبت کانپوءِ روحاني يا ذهني حسن جي ساراهه ٿو ڪري جنهن ۾ انسان جسماني حسن جي بدران ذهني ۽ اخلاقي خوبيءَ جي تعريف ڪرڻ سکي ٿو: عقل، سچ، وفاداري، فڪر. اها سطحي دوستي، استاد- شاگرد جي تعلق يا علم جي محبت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿي… ته ڇا مرشد لطيف وٽ به ساڳيو سفر موجود آهي يا نه؟”

“ڏس صنوبر ھن آخري لفظن تي غور ڪر ته اها سطحي دوستي ۽ استاد-شاگرد جي تعلق ۾ ظاهر ٿئي ٿي جي پسمنظر ۾ ھڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته استاد ۽ شاگرد جي تعلق مان ھم جنس پرستيءَ جي بوءِ ٿي اچي جيئن مومل راڻي جي سڪ ۾ پنهنجن ڀيڻ سومل کي راڻي جا ڪپڙا پھرائي سمھاريو ته اوچتو راڻو پھچي ويو ۽ پوءِ راڻي پنهنجي تلوار ۽ لڪڻ نشاني طور رکي ھليو ويو ته وري مومل سان راضي نه ٿيو. مقصد ته ھن کي مومل مان ھم جنس پرستيءَ جي بوءِ آئي. ٻيو ته ھن پنهنجي باطني حسن کي سڃاڻڻ جي لاءِ ھڪ ٻي (عورت) جو سھارو ورتو جنھن کي مرشد لطيف ننديو آهي، پر افلاطون وري ان کي عورت/مرد کان دوستن ۽ شاگرد- استاد تائين کڻي آيو آهي ۽ ڄڻ ته مرد پرستيءَ کي دعوت ڏني اٿس.”

“واھ لالا واھ…!!! افلاطون جيLadders of Love  ۾ ھڪ نقطو ھي به آهي جڌھن مرد/عورت روحاني/باطني/ذهني حسن جي سفر کان اڳتي وڌي ٿو ته ھو پنهنجي ملڪ جي ادارن، قانونن ۽ علم سان محبت ڪرڻ لڳن ٿا جنهن کانپوءِ ھو سماج، ريتن ۽ رسمن يا فڪر جي قدرن ۾ حسن ڏسڻ شروع ڪري ٿو، جيڪي انساني ذهن ۽ اخلاقي واڌ ويجهه کي اڳتي وڌائين ٿا. ڇا مرشد لطيف وٽ به ان جو ڪو حل موجود آهي.؟”

“مرشد لطيف جنهن عورت کان تجربو ٿو ڪرائي سا پنھونءَ ڏانهن ويندڙ رستي ۾ ايتري ته يونيورسل ٿي وڃي ٿي جو جبلن ۽ پٿرن ۾ ساھ ٿي وجهي ۽ پنهنجي حقيقي سفر ۾ پنهنجا ڏک ۽ تڪليفون انهن سان شيئر  ٿي ڪري ۽ سسئي جي ڏک تي جبل پڻ روئڻ شروع ٿا ڪن.

ٻَئِي ويٺا رُوَنِ، ڏُکِي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾؛

ڪنهن کي ڪِين چَوَنِ، مَنجِھنِ جو پِرِيتَڻو.

مقصد ته ھوءَ ساھواري کي ڇڏيو، پر بي جان شين کي به امر ٿي ڪري ڇڏي. لالا امر صنوبر کي ٻڌايو.

صنوبر لالا امر کي ڏسڻ لڳي، پوءِ ھن کانئس آخري سوال ڪيو، “لالا افلاطون ته عورت/مرد کي ترقي ڪرائي حسن بذات خود” سان (Love of Beauty Itself) محبت ڏانهن سفر ٿو ڪرائي جنهن ۾ انسان جسماني ۽ ذهني سڀني خاص صورتن کان مٿانهون ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ابدي، لافاني، غير مادي حسن سان عشق ڪري ٿو. اهو حسن ڪنهن به مخصوص شيءِ ۾ نه، پر هڪ خالص وجود ۾ آهي جيڪو نه پيدا ٿئي ٿو، نه فنا ٿئي ٿو. افلاطون جي مطابق، هيءَ محبت جي بلند ترين سطح آهي، جتي انسان true wisdom (سچي حڪمت) ۽ الاهي حقيقت سان قربت حاصل ڪري ٿو. ڇا مرشد لطيف وٽ به اھڙو تصور آهي؟”

“صنوبر ڏس، جڏهن سھڻي گھڙو کڻي درياھه پار ڪرڻ لاءِ وڃي ٿي تنهن کان اڳ ۾ ھن سان دشمني ڪري پڪي گھڙي جي جاءِ تي ڪچو گھڙو رکيو ٿو وڃي، پر جڏهن سھڻي گھڙو کڻي درياھه ۾ لھي ٿي پوي ته واٽ تي گهڙو ڀڄي ٿو پوي ۽ پوءِ سھڻي چوي ٿي.

گَهڙو ڀَڳو ته گهوريِو، آسَرَو مَ لاهيجِ؛

لَا تَقۡنَطُو مِنۡ رَّحۡمَةِ اللهِ، تُرهي اِنَ تَريجِ؛

حَبِيباڻِي هيجِ، پَسِين مُنھُن ميھارَ جو.

۽ ٻيو ته ھوءَ ھر وقت پنهنجي ابدي لافاني حسن جي لاءِ پنهنجي ھن فزيڪل باڊيءَ جي ڪا به پرواهه نه ڪندي قرباني ڏئي ان اعليٰ ھستيءَ سان ملي ھڪ ٿي وڃي ٿي.

سھڻيءَ جي ابتدا به ميھار

ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻَ لِکيا اَڳي هُئا؛

نڪا ڪُنۡ فَيَڪُوۡنُ هُئِي، نَڪا ٻِي پَچارَ؛

مَلَڪَنِئان مَھَندِ هُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوَارَ؛

مُحَبَتَ ساڻُ ميھارُ، لايائِين لَطِيفُ چئي.

۽ سھڻيءَ جي انتھا به ميھار مقصد ته روحانيت جي اعليٰ ترين سطح آهي، پر سواءِ قربانيءَ جي ميلاپ نه ٿو ٿئي.

گِهڙِي گَهڙو هَٿِ ڪري، اِلاهِي تُھارَ!

ڄَنگَهہ ڄَرڪي واتَ ۾ سِسِيءَ کي سيسارَ؛

چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس وارَ؛

لَکين چُھٽيسِ لوهِڻيُون، ٿيلهيُون ٿَرَنِئُون ڌارَ؛

مِڙيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُھڻِي.”

لالا ڳالهائيندي چيو، “ٻيا به کوڙ مثال آهن، پر سسئي جي قرباني ته سڀني کان بي مثال آهي.

ھلندي ھوت پُنھونءَ ڏي پيرين پنڌ ڪندياس،

جي پيرن پنڌ ڇڏيو، ته گوڏن ڀَر گسڪندياس،

جي گوڏن گسڪڻ ڇڏيو، ته ھٿن ڀر ھلندياس،

جي ھٿن ھلڻ ڇڏيو ته، ٺونٺين ڀر ٺڙڪندياس،

جي ٺونٺين ٺڙڪڻ ڇڏيو، ته چيلھ ڀر چُرندياس،

جي چيلھ چُرڻ ڇڏيو، ته سيني ڀر سُرندياس،

جي سيني سُرڻ ڇڏيو، ته اکين ڀر ايندياس،

جي اکين اچڻ ڇڏيو، ته هينئين سان ايندياس،

مرون ٿي مرن سان، جبل جھاڳيندياس،

مليا ته ملندياس، نه ته گھوري جان جتن تان.

“واھ لالا واھ… ڪمال ڪري ڇڏيئي.” صنوبر کي لالا امر جي مثالن لاجواب ڪري ڇڏيو ۽ جو ھن جي چھري تي ڪابه اڻ تڻ نه رھي.

لالا امر صنوبر کي ٻڌائيندي چيو، “…پر افلاطون حقيقي محبت حاصل ڪندڙ مرد/عورت جي راھ ۾ رڪاوٽ وجھڻ وارن جي لاءِ ڪجهه به نه چيو آهي، پر مرشد لطيف چوي ٿو،

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو

نهاريندس نڪري، ھوتَن ڪارڻ بَرُ

آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، متان روهَه رَتيُون ٿئين.

ھن ۾ سسئي ڏيرن کي ته وڏو دشمن ٿي سمجهي، پر سندس ابدي حسن جي راھ ۾ رڪاوٽ وجھندڙ جبل سان به وڙھي ٿي پوي. ساڳي حالت سھڻيءَ جي به آهي.

ڪاري رات ڪچو گھڙو اوڻٽھين اونداھي،

چنڊ نالو ناھي ڪو درياه دڙ لاهي،

ساھڙ ڪارڻ سھڻي آڌيءَ ٿي آئي،

 ھي ڪم الاھي نه ته ڪنن ۾ ڪير گھڙي.

۽ ٻيو اھم نڪتو به افلاطون بيان نه ڪري سگهيو آهي، سو آهي موسيقي جيڪا ھڪ يونيورسل رڌم ڏانهن وٺي ٿي وڃي. يونيورسل رڌم ھن ڪائنات يا گهڻين ڪائناتن ۾ ۽ انساني جسم ۾ پڻ موجود آهي ۽ اڄ جي سائنس انساني جسم کي ۾Circadian rhythm  جو پڻ ٻڌائي ٿي، پر مرشد لطيف مرد/عورت ۾ گهڻو اڳ رڌم جو ٻڌائي ان کي ڪائناتي يا گهڻ ڪائناتي بڻائيندي مرد/عورت کي پنهنجي اصلي/حقيقي ساز سان تعلق جوڙائي ان اعليٰ مقام تائين ٿو پھچائي ته جيئن ھو پاڻ ۾ ابدي ۽ لافاني حسن کي ڏسي ۽ ان سان گڏ ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جو راز به ڄاڻي سگهي ٿو.

نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ؛

راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ؛

رازُ ڪَيائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھِلَ؛

”اَنَا اَحۡمَدُ بِلا مِيمِ“، سَئِنَ ھنئِي سائِلَ؛

ڪَنھن ڪَنھن پَيئِي ڪلَ، ته ھرِدوئِي ھيڪُ ٿِيا.

…پر ھن راز جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرباني شرط آهي جيڪا افلاطون وٽ نه آهي ڇو ته ھو پنهنجيLadders of Love  ۾ اھڙي قسم جي ڪنهن به قربانيءَ جو ذڪر نٿو ڪري.

ٽيئِي پَرِچيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪنڌُ؛

تَنهِن جِهوئِي ناهِ ڪِي، جو تو، چارَڻَ! ڪَيو پَنڌُ؛

اِيُ شُڪُرُ اَلۡحَمۡدُ، جِئَن مَٿو گُهرِيوءِ مَڱڻا.

“واھ لالا واھ….!!!” لالا امر کي داد ڏيندي صنوبر سوچڻ لڳي ته لالا امر سان افلاطوني محبت ڪيان يا وري مرشد لطيف واري. اڃان ھوءَ فيصلو ڪرڻ واري ھئي ته پريان سھيليءَ سڏ ڪيس ته ڪلاس شروع ٿي ويو آهي، صنوبر جلدي اچ. صنوبر لالا امر کان موڪلائي ڪلاس ڏانهن ھلي وئي ته لالا امر جو گھاٽو دوست چانھه کڻي آيو جنهن پري کان لالا امر ۽ صنوبر کي ٿي ڏٺو.

***