بي ڊي ايس فائنل جي شاگردياڻي جو هاسٽل روم مان لاش هٿ
لاڙڪاڻي جي بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي جو هاسٽل مان لاش مليو. مرحومه شاگردياڻي نمرتا امرتا مهر چاندني بي ڊي ايس فائنل جي شاگردياڻي هئي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر انيلا عطاءُ الرحمان چيو آهي ته فوت ٿيل شاگردياڻي جو سامان فورينزڪ چڪاس لاءِ کنيو ويو آهي، جنهن بعد موت جو سبب معلوم ڪيو ويندو. خبرن موجب شاگردياڻي جي موت جي خبر منجهند اڍائي وڳي ملڻ بعد ڪاليج انتظاميه هاسٽل جي روم نمبر 47 جو دروازو ڀڃي ان مان لاش هٿ ڪيو. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته شاگردياڻي جي جسم تي تشدد جو ڪوبه نشان نه مليو آهي. شاگردياڻي جو تعلق ميرپورماٿيلو جي امير خاندان سان آهي. جڏهن ته هڪ ڏينهن پهريان ئي هن فائنل جي امتحان جو پهريون پرچو ڏنو هو، شاگردياڻي هاسٽل ۾ ٻن ٻين شاگردياڻين سان گڏ رهندي هئي جيڪي ان ڏينهن ڪمري ۾ موجود نه هيون. آخري خبرون اچڻ تائين پوسٽ مارٽم نه ڪيو ويو هو نه ئي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي.

