نئون

 پاڻي مان هائيڊروجن حاصل ڪرڻ جو نئون طريقو دريافت

ميري لينڊ، آمريڪا ۾ فوجي تجربا گاهه ۾ ماهرن المونيم  ذريعي اهڙو طريقو ايجاد ڪيو آهي جنهن جي مدد سان پاڻي مان هائيڊروجن گئس حاصل ڪرڻ آسان ٿي پيو آهي. صاف توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ هائيڊروجن کي خصوصي اهميت حاصل آهي. ڇو ته اها آڪسيجن سان ملي پاڻي ٺاهيندي آهي. جنهن سان ڪابه گدلاڻ خارج ناهي ٿيندي. جڏهن ته هائيڊروجن کي پاڻي کان الڳ ڪرڻ هڪ مشڪل عمل آهي. پاڻي اندر هائيڊروجن جا ٻه سيل آڪسيجن هائڊروجن جو هڪ سيل موجود هوندو آهي، انهن ٻنهي کي الڳ ڪري هائيڊروجن ۽ آڪسيجن گئس حاصل ڪيون وينديون آهن. پر اڄ انهن گئسن کي الڳ ڪرڻ جو موجوده عمل تمام مهانگو آهي. ڇاڪاڻ ته ان عمل ۾ پلاٽينم جي پٽي استعمال ٿيندي آهي پر هاڻي يو ايس آرمي جي ماهرن هڪ اهڙي عمل انگيز دريافت ڪري ورتي آهي جنهن ذريعي پلاٽينم جي جاءِ تي المونيم جي پٽي مان اهو عمل نئون طريقو دريافت ڪري ورتو آهي هن طريقي سان ٻنهي گئسن کي الڳ ڪرڻ جي عمل جي رفتار به تيز آهي. اندازو آهي ته پوري زمين تي موجود پاڻي جو ڪاٿو هڪ ارب 38 ڪروڙ 60 لک ڪيوبڪ ڪلو ميٽر آهي. جيڪڏهن هن طريقي سان ان پاڻي مان هائيڊروجن حاصل ڪري ۽ پيٽرول وانگر ان مان گاڏيون هلايون وڃن ته شايد پيٽرول جي قيمت جو بار ۽ پيٽرول سان ٿيندڙ ماحوليات تي گدلاڻ کان به بچي سگهجي ٿو. ۽ هڪ شفاف طريقي سان دنيا جي تمام گاڏين کي هلائي سگهجي ٿو.