نئون

نيب کي پرويز مشرف خلاف مبينا ڪرپشن جي تحقيقات جو حڪم

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران قومي احتساب بيورو (نيب) کي اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي جنرل مشرف خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزامن جي تحقيق ڪرائڻ ۽ مقدمو هلائڻ جو گرين سگنل ڏيئي ڇڏيو آهي. جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگ زيب تي مشتمل ٻه رڪني بينچ رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف خلاف مبينا ڪرپشن جي تحقيقات ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پنج سال اڳ رٽائرڊ ليفٽيننٽ ڪرنل انعام الرحيم نيب ۾ درخواست ڏني هئي ته اڳوڻو صدر ۽ آرمي چيف جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف پاران نامزدگيءَ  ۾ ظاهر ڪيل اثاثا اصل آمدنيءَ کان وڌيڪ آهن.  جنهن جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي. جنهن بعد نيب پاران خط ذريعي اهڙي درخواستگذار کي جواب ڏنو ويو هو ته اهڙي درخواست تي عمل نٿو ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اڳوڻي فوجي آفيسر تي تحقيقات جو قانون نيب آرڊيننس ۾ موجود ڪونهي.

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب پاران نيب طرفان 2015 ۾ اڳوڻي صدر خلاف تحقيقات کان انڪار ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏيندي احتساب عدالت کي ريفرنس تيار ٿيڻ تي ٽرائل جو به اختيار ڏيئي ڇڏيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي کان رٽائرمينٽ ۽ عوامي عهدو رکڻ ڪري نيب کي پرويز مشرف خلاف تحقيقات جو اختيار آهي. درخواستگذار پاران پرويز مشرف پاران لکيل ڪتاب ان دي لائين آف فائر ۾ لکيل باب مين هنٽ  ۾ لکيل ڳالهه جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ اڳوڻي صدر لکيو آهي ته آمريڪا کي گهربل ماڻهو پڪڙي حوالي ڪرڻ جا پئسا ملندا رهيا آهن. جڏهن ته درخواستگذار جو موقف هو ته پرويز مشرف بطور صدر ۽ آرمي چيف پنهنجي حلف جو غلط استعمال ڪيو جنهن ۾ شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جو واعدو ڪيو ويندو آهي.