دبئي ۾ سحري پهچائڻ لاءِ ڊرون سروس متعارف
گڏيل عرب اماراتن هاڻي رمضان ۾ سحري پهچائڻ خاطر ڊرون سروس استعمال ڪئي ويندي. خبرن موجب دبئي جي هڪ ڪمپني پاران روايتي طريقي بجاءِ هاڻي سحري کي گهر گهر پهچائڻ لاءِ ڊرون خريد ڪري ورتا آهن. 8 بيٽرين وارا اهي ڊرون ڏهه ڪلو گرامن تائين وزني سحري گهر گهر پهچائيندا. واضح رهي ته دبئي ۾ گهڻو ڪري اهڙا ماڻهو رهن ٿا جيڪي غير ملڪي آهن ۽ اهي مختلف قسمن جا ڪم ڪندا رهندا آهن ۽ انهن مان اڪثريت غير شادي شده جي آهي جنهن سبب انهن لاءِ سحري ٺاهڻ هڪ مسئلو هوندو آهي. اهڙي صورت ۾ هيءَ سروس تمام فائديمند چئي پئي وڃي. هن سروس جي شروعات رمضان کان ٿيندي.