نئون

چيف جسٽس پيٽرول جي جنسن تي ٽيڪسن جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار پيٽرول جي جنسن تي ٽيڪس خلاف پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي آچر ڏينهن ٿيندي. خبرن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان پيٽرول جي جنسن تي ٽيڪس جو نوٽيس وٺندي وضاحت لاءِ وزارت پيٽروليم ۽ سيڪريٽري پيٽروليم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان وزارت خزانا، ايف بي آر ۽ اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. آچر ڏينهن سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ هن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.