پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

 نيشنل بينڪ ۽ اسٽيٽ لائف سميت 10 ادارن جي نجڪاري تي غور

وفاقي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ وڌيڪ 10 ادارن جي نجڪاري جو جائزو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي. پريس ڪانفرنس دوران عبدالحفيظ شيخ چيو ته گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 2.3 ارب ڊالر هو جيڪو هاڻي گهٽجي 6 ڪروڙ ڊالر رهجي ويو آهي، جيڪا سٺي خبر آهي. نجڪاري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ادارن کي به نجڪاري لاءِ تيار ڪري رهيا آهيون.