سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ نئين سر ڪچرو کڻڻ جي مهم شروع

ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي ڪچري کڻڻ جي صلاحيت وڌائي وئي آهي، روزانو 12 کان 13 هزار ٽن ڪچرو کنيو پيو وڃي. اسان جي نيت بلڪل صاف آهي ميڊيا ڪراچي جو ڪچرو ڏيکاري رهي آهي جڏهن صفائي ٿي وڃي ته پوءِ ميڊيا کي اهو به ڏيکارڻ گهرجي. بلديات واري وزير چيو ته عارضي گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن تي ڪچرو گڏ ڪري لينڊ فل سائيٽ تي ڊمپ ڪيو ويندو ڪوشش هوندي ته هڪ مهيني ۾ ڪراچي جو ڪچرو صاف ڪري ڇڏيون. ان بعد پوري صوبي ۾ صفائي مهم شروع ڪئي ويندي.