ايڊيٽوريلنئون

يونان جي ديو مالائي ڪردار جهڙو اڳواڻ محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبليءَ جو اپوزيشن ليڊر چونڊجي ويو

قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق اٽڪل پنجن مهينن کانپوءِ نئين اپوزيشن ليڊر جي مقرري ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻيءَ ۾ قائم اپوزيشن الائنس “تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان” پاران محمود خان اچڪزئي کي گڏيل طور تي اپوزيشن اڳواڻ طور چونڊيو ويو آهي. هاڻي هو نه صرف پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي، پر پوري اپوزيشن بلاڪ جو نمائندو بڻجي ويو آهي. محمود خان اچڪزئي هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن جو سحر هميشه پنهنجي ارد گرد جي ماڻهن تي طاري رهندو آهي. سندس شخصيت ڪنهن يونان جي ديو مالائي ڪردار جهڙي نظر ايندي آهي. هو آئين جي بالادستي ۽ اصولن جي بيهڻ جي ڳالهه ڪرڻ سبب اسٽيبلشمينٽ کي گهڻو ويجهو نه رهيو آهي.

ان جو مطلب اهو به هرگز ناهي ته هو مفاهمت جي سياست نٿو ڄاڻي. 2013ع کان 2018ع تائين سندس ڀاءُ محمد خان اچڪزئي بلوچستان جو گورنر رهيو. ان وقت ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي جنهن مان خبر پوي ٿي ته اچڪزئي خاندان جي مسلم ليگ (ن) سان ويجهڙائپ آهي. سندس والد عبدالصمد خان اچڪزئي جيڪو ننڍي کنڊ جي سياست ۾ هڪ اهم شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. عبدالصمد خان اچڪزئي کي 2 ڊسمبر 1973ع تي ڪوئيٽا ۾ سندس گهر ۾ هڪ حملي ذريعي شهيد ڪيو ويو، جتان کان محمود خان اچڪزئي کي سياست ورثي ۾ ملي. هو جڏهن اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو آهي ته پنهنجي خاندان جي قربانين جو ذڪر تمام فخر سان ڪندو آهي. سندس شخصيت جو اعتماد سندس خاندان جي سياسي تربيت جو نتيجو آهي. کيس ننڍي هوندي کان ئي گهر ۾ سياسي تربيت ملي سندس والد هڪ نظرياتي سياستدان هجڻ سبب برطانوي راڄ ۾ جيل ڪاٽيا.

اهوئي سبب آهي جو هن ڪڏهن به ڪنهن جو دٻاءُ محسوس نه ڪيو آهي ۽ ڪڏهن به هن پنهنجو بيانيو تبديل ناهي ڪيو. هو ڪڏهن به ڪنهن اهڙي اتحاد جو حصو ناهي رهيو جنهن جو مقصد پٺئين دروازي کان اقتدار ۾ اچڻ هجي، جيڪا کيس اخلاقي طور گهڻو اعتماد عطا ڪري ٿي. محمود خان اچڪزئي جي اچڻ کانپوءِ هاڻي هر نظر ان ڳالهه تي لڳل آهي ته سندس قيادت ۾ پي ٽي آءِ ڪيئن سياسي طاقت حاصل ڪري ملڪ جي حڪمراني واپس وٺڻ لاءِ پنهنجو سفر شروع ڪندي. يقينن سندس قيادت ۾ پي ٽي آءِ جي سياسي قيادت نئين حڪمت عملي سان گڏ پنهنجا احتجاج شروع ڪندي. جنهن ۾ ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته اهي آئيني ۽ قانوني سياست ڪن. ڇو ته محمود خان اچڪزئي هر معاملي ۾ آئين سان ڳنڍجي سياست ڪرڻ ۾ يقين رکي ٿو. ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ ٻين سياسي پارٽين کان الڳ ٿي سياست ڪرڻ جو سفر شروع ڪيو، پر هاڻي هڪ اميد جاڳي آهي ته پي ٽي آءِ اچڪزئي جي قيادت ۾ ٻين سڀني سياسي پارٽين سان گڏ ويهندي ۽ ڳالهين جا دروازا کلڻ جو وڏو امڪان آهي. هن وقت اچڪزئي جي ليڊرشپ عمران خان لاءِ هڪ اهڙي سياسي دري آهي، جتان هو حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ سان معنيٰ خيز ڳالهيون ڪري پنهنجو سياسي مستقبل بحال ڪري سگهي ٿو. ايئن چئي سگهجي ٿو ته هڪ ڏاهي پوڙهي جي صورت ۾ هڪ روشن ضمير سياستدان جيڪو بصيرت به رکي ٿو ۽ تجربي جو توازن به رکي ٿو، پي ٽي آءِ جي سياسي مدد جي لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي. جتي محمود خان اچڪزئي پي ٽي آءِ جي لاءِ هڪ وڏي اميد بڻجي سگهي ٿو، اتي هي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ هڪ نظرياتي چئلينج بڻجي سگهي ٿو. ڇو جو هو پارليامان جي فلور تي بيهي بيباڪيءَ سان ڳالهائڻ ڄاڻي ٿو. سندس تعلق هڪ اهڙي خطي سان آهي جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ تمام حساس آهي. جيڪڏهن سندس موقف ٿورو به سخت ٿيو ته ان جا اثر ملڪ جي سياست تي منفي طور به پئجي سگهن ٿا. محمود خان اچڪزئي افغان پناهگيرن جي باري ۾ تمام واضح ۽ سخت موقف رکي ٿو. سندس خيال ۾ افغان پناهگير صرف مهمان نه، پر هن سر زمين جا حصيدار آهن. هن وقت افغان پناهگيرن کي ملڪ کان ٻاهر موڪليو ويو آهي ۽ انهن جي لاءِ پاڪستان اچڻ لاءِ ويزا جي شرط وڌي وئي آهي، پر محمود خان اچڪزئي جو موقف هميشه اهو رهيو آهي ته افغان پناهگير پاڪستان جا شهري آهن انهن کي پاڪستاني شهريت ملڻ گهرجي، سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ گهرجن ۽ کين هتي ڪاروبار ڪرڻ جي مڪمل آزادي هجڻ گهرجي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هي پوڙهو شخص جنهن جو روح تمام گهڻو پراعتماد آهي هڪ نظرياتي سياستدان اپوزيشن ليڊر بڻجي پاڪستان جي جمهوريت کي ڪيئن مضبوط ڪري سگهي ٿو؟