بلاگنئون

سنڌي ادب جو خدمتگار غلام رباني آگرو

ڳوٺ “محمد خان آگري” تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهروفيروز ۾ 5 نومبر 1933ع تي جنم ورتو. بنيادي تعليم پنهنجي تَرَ مان ورتائين، نوشهري مان مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه وقت “نئين زندگي” رسالي ۾ ڪم ڪيائين. پوءِ سنڌي  ادبي بورڊ سان لاڳاپيل رهيو. 1959ع ۾ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر، 1984ع ۾ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ پوءِ اتي ئي اڳيان چيئرمين مقرر ٿيو. ان کانسواءِ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر پڻ هو. سندس لکيل ڪتابن جو انگ 12 آهي، جن ۾ ڪهاڻيون، سوانح ۽ ترجما شامل آهن. آگرو صاحب جديد ادب جي اهم ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس ڪهاڻين جا ترجما مختلف ٻولين جيئن هندي، مرهٽي، گجراتي، پنجابي، اردو، چيني، جرمن انگريزيءَ ۾ ٿيا آهن.

ربانيءَ جي ڪتابن ۾ “آبِ حيات” (ڪهاڻيون)، “چونڊ آمريڪي افسانا” (ڪهاڻيون ترجمو، سراج ميمڻ سان گڏ)، “پيار جي پري” (ڪهاڻيون)، “سڏ پڙاڏو”، “ادبي توصيفات”، “باز جو شڪار”، “جهڙا گل گلاب جا” ۽ ٻيا آهن. جهڙا گل گلاب جا، سوانح تي مشتمل (ٻن ڀاڱن) ۾ ڪيترين شخصيتن جي باري ۾ خاڪا آهن. هن ڪتاب ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، عثمان علي انصاري، پير حسام الدين راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، رشيد ڀٽي، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ٻين جي باري ۾ سوانحي احوال آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي اهم علمي ۽ ادبي شخصيتن جي باري ۾ هجڻ جي ڪري هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ شامل آهي.

رباني صاحب جو ڪتاب “آب حيات” موجوده وقت سي ايس ايس جي نئين نصاب تي رکيل آهي.  “آب حيات” ڪتاب شروع ۾ حميد سنڌي شايع ڪيو ۽ پوءِ چند ٻيا افسانا شامل ڪري، “غلام رباني جون ڪهاڻيون”، جي عنوان سان مارچ 1976ع ۾ سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد شايع ڪيو، پوءِ به ڇپجندو رهيو آهي. افسانن جي فهرست هن ريت آهي “اکڙيون اڃايون”، “نيٺ بهار ايندو”، “ڪارا ڳاڙها ليڪا”، “ڪرئڪ”، “جي مان پل هجان ها”، “اخبار”، پن ٻوڙين پاتال ۾”، “هوندا سي حيات”، شيدو ڌاڙيل”، “بري هن ڀنڀور ۾”، “پيار جي پري”، “آب حيات” ۽ “بدلو” آهن. “اکڙيون اڃايون” ٻن دوستن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي انهيءَ فلسفي کي حل ڪرڻ ۾ رڌل آهن ته فرائيڊ موجب اخلاقي جرم جنس جي بک جي ڪري ٿين ٿا يا مارڪس موجب ته دنيا ۾ گناهه جو وڏو سبب پيٽ جي بک آهي. اهي دوست انهيءَ نتيجي تي پهچن ٿا ته نوجوان طبقو بيروزگاري يا گهٽ پئسي هئڻ جي ڪري فرسٽريشن جو شڪار آهي. پئسي نه هئڻ يا گهٽ هئڻ سبب نه سندن شادي ٿئي ٿي نه ئي گهر آباد ٿئي ٿو ۽ نه ئي کين ٻي ڪابه دنيا جي لذت ميسر ٿي سگهي ٿي ۽ پوءِ جهوتون ئي سندن مقدر هجي ٿو. “نيٺ بهار ايندو” ڪهاڻي رباني صاحب ننڍپڻ جي ڪيل رشتن ۽ بي جوڙ شادين خلاف ۽ واعدا وفائي نه ٿيڻ جي باري ۾ لکي آهي. ڊاڪٽر تاج جيڪو فاطمه کي فقط انهيءَ جي ڪري ڇڏي ٿو ڏئي جو هوءُ ساڻس گڏ زماني جو ساٿ ڏيڻ ۾ هڪ مارڊرن عورت طور هلي نٿي سگهي ۽ هو سڪينه سان شادي ڪندو آهي ۽ جڏهن ڏهن سالن کانپوءِ پنهنجي پٽ سعيد جي سالگره تي پروفيسر گل سان اهو اظهار ٿو ڪري ته هو سڪينه سان خوش آهي ۽ فاطمه کي ڇڏڻ سندس واجبي قدم هو يا نه؟ ۽ هو فاطمه کي سعيد جي سالگره ۾ دعوت پڻ ڏيندو آهي ۽ سندس نه اچڻ پڻ محسوس ڪندو آهي، پر پروفيسر کيس اهو چوندو آهي ته ڪنهن جي حسرتن تي پنهنجي مسرت ڀري حياتيءَ جي ديوار اڏڻ کان اڳ سئو بار سوچڻ ضروري آهي. فاطمه جي زندگيءَ فقط تنهنجي ڪري کري وئي آهي. “نئون مڙدو” ميڊيڪل جي شاگردن جي باري ۾ آهي. ٻه ڇوڪرا رشيد ۽ سندس دوست وڍ ڪٽ جي لاءِ ليب ۾ وڃن ٿا، پر کين اهڙو مڙدو نٿو ملي جو جنهن جي هيٺين ڌڙ تي هو تجربو ڪري سگهن سو ليب جي انچارج کي چوندا آهن ته تجربي لاءِ سندن جي لاءِ مڙدو رکي ۽ کين اطلاع ڪري جو امتحان ويجهو هوندو آهي ۽ هنن اهو پريڪٽيڪل ڪونه ڪيو هو، پر جڏهن هو سندن ئي گروپ جي امينا ۽ زينب کي هاسٽل مان ڪاليج ويندي ڏسندا آهن ته تڪڙ ۾ آٽو رڪشا ڪري هڪدم پويان وڃن ٿا ته متان اهي نه مڙدي تي ڪم ڪن ۽ آٽو رڪشا هلائيندڙ تمام غريب ۽ بيمار آهي هو کين ٻه آنا وڌيڪ ڏيڻ جي لالچ ڏين ٿا اهو تکو هلائي ٿو، پر پهچڻ تائين پگهر ۾ ڀرجي ساڻو ٿي ڪري ٿو پوي. کيس رت جي الٽي ٿي اچي رشيد جن کي ڏک به ٿيندو آهي ۽ هو پهچي به نه سگهندا آهن ۽ مرده هال مان مايوس ٿي اچن ٿا جو امينا ۽ زينب انهيءَ نئين آيل مڙدي تي پنهنجي وڍ ڪٽ جي تجربي کانپوءِ خوش ٿي نڪرنديون آهن. هو ليب انچارج کي پئسا ڏيئي ٻئي ڏينهن اچڻ جو چئي ويندا آهن. آچر ڏينهن کين اطلاع ملي ٿي ته مڙدو اچي ويو آهي ۽ اچي هو پنهنجو تجربو ڪن، پر خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ٻئي ڊاڪٽر دوست مڙدي جي چادر مٿي ڪندا آهن. سندن اڳيان اهو آٽو رڪشا وارو رت اوڳاڇيل پوڙهو مڙدي جي روپ ۾ ٽيبل تي پيل هجي ٿو. هيءَ ڪهاڻي ڄاڻائي ٿي ته غريبي عذاب آهي ۽ غريب جي نه حياتي قدر واري ۽ نه ئي موت. شيدو ڌاڙيل، هن مجموعي جي اهم ڪهاڻي آهي انهيءَ يتيم شيدوءَ جي ڪهاڻي آهي جو ڇورو ڇنو آهي ۽ هتان هُتان ٽڪر ڇڏائي وڏو ٿئي ٿو ۽ اسڪول ۾ روز کيس ماستر کان مار ملي ٿي ۽ کيس بکن ۽ مارن جي ڪري اسڪول کان، استادن کان ۽ پڙهڻ کان، نفرت ٿي وڃي ٿي حالتون کيس ڌاڙيل بڻائي ڇڏين ٿيون. جنهن ڳوٺ ۾ ڄميو، پليو، نپنيو ۽ وڏو ٿيو اتي کيس ڪنهن به نه پڇيو، پر جڏهن ڌاڙا هڻي ڦرون ڪري وڏيرن، زميندارن ۽ رئيسن جي ڪم جو ٿيو تڏهن سڀ کيس “شيدو، شيدو” ڪرڻ لڳا. هو پنهنجي ڳوٺ فقط زيبيءَ لاءِ ايندو هو جيڪا هڪ بي اولاد نوجوان عورت ۽ سندس سريت هئي ۽ ٻيو ڪريم لاءِ ايندو هو جيڪو سندس ننڍپڻ جو يار هو باقي مٽ مائٽ ته کيس ڪو هو ڪونه، ان ڪري ڳوٺ اچي ڪريم وٽ ماني ٽڪر کائي زيبي سان ڪچهري ڪري فجر جو هليو ويندو هو. ايئن ڌڱاڻو خان رئيس واکاڻ ٻڌي کيس پاڻ وٽ گهرائي ٿو ۽ خود وٽ رکي ٿو ۽ کيس خوش رکندو آهي ۽ هن سندس چوڻ تي ڪيترن جا جهڳا برباد ڪيا ڪيترا خون ڪيا، پر کيس انهيءَ وقت باهه لڳي وئي. جڏهن زيبي رئيس سان ٺهي ٿي وڃي پوءِ سندس حياتيءَ جو فقط هڪ مقصد ئي رهجي وڃي ٿو ته رئيس ڌڱاڻي خان جو خون ڪرڻ، پر رئيس به باخبر هجي ٿو هو کيس پوليس کان گرفتار ڪرائي حڪومت کي ڏئي ٿو ۽ پوءِ اخبارن ۾ خبر هن ريت اچي ٿي ته “سنڌ جي نامي گرامي ڌاڙيل شيدوءَ کي ڦاسي ڏني وئي مٿس ڇهن خونن ۽ تيرنهن ڌاڙن جا ڏوهه ثابت ٿيا آهن، پوليس کيس رئيس ڌڱاڻي خان جي مدد سان هڪ دوست جي گهر مان گرفتار ڪيو. انهيءَ ڪري سرڪار رئيس ڌڱاڻي خان کي ڏهن هزار رپين جي ٿيلهي انعام ۾ ڏني.” (ص-34)

هن مجموعي جي ڪهاڻين ۾ “شيدو ڌاڙيل” ۽ “آب حيات” ماهوار مخزنن ۾ ڇپجڻ تي ليکڪ وڏي مشهوري ماڻي ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان کيس انعام مليو.

 آب حيات جي هڪ ڪهاڻي “بدله” (اردو ترجمو) سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي اي جي اردو نصاب ۾ مقرر ڪيل آهي. رباني جو ڪتاب “جهڙا گل گلاب جا”  سوانح جي مَدَ ۾ خاص اهميت رکي ٿو، لکي ٿو ته، “مخدوم طالب الموليٰ جا ٻه شوق ۽ شغل هئا، هڪ ڪتاب ۽ ٻيو راڳ، جوانيءَ جي زماني ۾ به جڏهن سنڌ جا ڪي پير اٺ ۽ گهوڙا ۽ ڪي وري ڪتا ۽ سوئر پاليندا هئا، اتي مخدوم صاحب اديبن ۽ شاعرن جي پرورش ڪندو هو ، رسالا ۽ ڪتاب ڇپرائيندو هو.” (صه 573)

رباني آگري جون خدمتون سنڌي ادب ۾ هميشه قائم رهنديون، کيس حڪومت ۽ صدر پاڪستان پاران “تمغه امتياز” ۽ “حُسن ڪارڪردگي” ايوارڊ ڏنا ويا. سندس وفات دل جي تڪليف سان 77 سالن جي عمر ۾ 18 جنوري 2010ع تي ٿي.