50 هزار نوجوانن کي “يوٿ اسٽور” کولڻ لاءِ قرض ڏيڻ جي منظوري

وفاقي ڪابينا کنڊ ٻاهر موڪلڻ تي لڳايل پابندي واري فيصلي جي توثيق ڪندي ڪامياب جوان پروگرام ذريعي 50 هزار ننڍا يوٽيلٽي اسٽور کولڻ لاءِ نوجوانن کي قرض ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 50 هزار يوٿ اسٽورن تي عام واهپي جون شيون سرڪاري اگهه تي فراهم ڪيون وينديون. ڪابينا اجلاس ۾ 14 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو ۽ حج پاليسي 2020ع جي منظوري پڻ ڏني وئي