بلاگنئون

سچ جي پاداش ۾ شھيد ڪيل جرادنو بُرونو

جرادنو بُرُونو، اٽليءَ جو سائنسدان، فلسفي ۽ رياضيدان هو. سندس جنم 1548ع ۾ اِٽليءَ ۾ ٿيو. هُو ننڍپڻ ۾ نيپلس جي علائقي ۾ پڙهڻ ويو، جتي هن انساني علم، منطق ۽ لهجن جي علم بابت ليڪچرس ورتا ۽ پنهنجي استادن کان بيحد متاثر ٿيو. هُو ارسطو جي ڪم کي اڳتي وڌائيندڙ مسلم فلسفي ابن رُشد جي لکڻين کان ڏاڍو مُتاثر ٿيو. اِبن رُشد ان خيال جو ھو ته عقل ۽ فلسفو؛ عقيدي تي بيٺل عِلم ۽ عقيدي کان مٿانهون هئا. بُروُنو مذهبيات ۽ بندش پيل ڪتابن جو مطالعو ڪيو ۽ عيسائي پاپائيت ۽ اُن جي ڪردار تي سوال اٿاريا. چرچ سندس عقلي ۽ سائنسي خيالن کان خائف هو ۽ کيس قابو ڪرڻ لاءِ سٽ سٽڻ لڳو. کيس هڪ قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪيترائي ڀيرا کيس گرفتار پڻ ڪيو ويو. چرچ، ترقي پسند سوچ رکندڙ مفڪرن جي خلاف اِٽليءَ ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو. هُو 1581ع ۾ پئرس هليو ويو، جتي هُو پئرس يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو ليڪچرار مُقرر ٿيو. پئرس ۾ کيس پنهنجي خيالن کي پيش ڪرڻ جي آزادي هئي. بادشاھه هينري ٽئين جي کيس حمايت حاصل هئي. بادشاھه جو خط کڻي 1583ع ۾ هُو آڪسفورڊ يونيورسٽي ويو، جتي هن ڪوپرنيڪس جي نظريي تي ليڪچر ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ڪوپرنيڪس جي نظريي موجب ڌرتي هڪ جاءِ تي مستقل بيٺل سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي. آڪسفورڊ کيس سِکيا جي حوالي سان بهترين جاءِ لڳي هئي، پر ڪجھه ئي ڏينهن ۾ آڪسفورڊ جا استاد عالم سندس مخالفت ڪرڻ لڳا. بُرُونو مجبورن آڪسفورڊ کي ڇڏي، لنڊن هليو ويو. لنڊن ۾ بُرُونو ڪيترن ئي عالمن ۽ سيکڙاٽن سان ڪوپرنيڪس جي نظريي تي بحث مباحثا ڪندو رهيو ۽ نيٺ کيس خيال آيو ته سندس تصورن کي هُو لکت جي صورت ۾ اڳيان آڻي. تنھنڪري هُن ڪائنات جي عِلم ۽ اخلاقيات تي ٽي ٽي ڊائلاگ لکيا. هن پنهنجي لکڻين ۾ ڌرتيءَ جي گردش، لامحدود ڪائنات، سج جيان ٻين ستارن ۽ ڌرتيءَ جيان ٻين دُنِياَئُن تي ويچار ونڊيا. سندس خيالن کي بائيبل جي برخلاف سمجهيو ويو. ان تي بُرُونو جو چوڻ هو ته “بائيبل کي فزڪس جي سکيا بجاءِ اخلاقي سبق ڏيندڙ ڪتاب طور پڙهڻ گهرجي.” سندس اھو به چوڻ هو ته “عيسائيت، فلسفي يا سائنسي سوچ بجاءِ عقيدي تي بيٺل آهي.” هن پنهنجي لکڻين ۾ ارسطوءَ کي سندس طبعيات بابت خيالن تي تنقيد جو نشانو بڻايو. هُو 1585ع ۾ واپس پئرس پهتو. پئرس جو ماحول اڳ جي ڀيٽ ۾ تبديل ٿي ويو هو. مذهبي مهندار سندس مخالفت ۽ ذاتيات تي لهي آيا. کيس ڌمڪيون ڏيڻ لڳا. اڳيان به بهادر بُرُونو هو، جنھن ويتر ڪئٿولڪ فرقي سان تعلق رکندڙ نوجوان رياضيدان فيبريزيو موردينتي جي ويچارن تي چار تنقيدي ڊائلاگ لِکي ڇَپرايا. کيس آخرڪار پئرس ڇڏرائڻ تي مجبور ڪيو ويو. پئرس کان جلاوطن ٿي، هُو جرمني هليو ويو، جتي هن پنهنجي ويچارن جي اُپٽار ڪئي ۽ جڙتو فلسفين ۽ عالمن جي لاک لاٿي. هُن اتي ڪيترائي بيت ۽ ٻيون سائنسي لکڻيون لکيون، پر ڪير به انھن کي ڇاپڻ لاءِ تيار نه هو. 1590ع ۾ اٽليءَ جو ڪٽر پادري سِڪسٽس پنجون وفات ڪري ويو. بُرُونو کي واپس اٽلي اچڻ لاءِ دعوت ڏني وئي، جيڪا هن رضا خوشيءَ سان ان اميد سان قبول ڪئي ته هاڻ اٽليءَ ۾ سَهپ ۽ رَواداريءَ وارو ماحول جُڙيو هوندو. هُو واپس اٽلي پهتو. اِٽليءَ جي هڪ شهر پاڊئا ۾ يونيورسٽيءَ ۾ رياضيءَ جي شعبي جي هڪ سيٽ خالي هئي. بُرُونو اُتي ويو ته جيئن هُو پنهنجي خيالن کي گھڻن ماڻهن تائين ونڊي سگهي، پر کيس يونيورسٽيءَ وارن اهو چئي انڪار ڪيو ته ان خالي ڪُرسيءَ تي هُو گليلو کي رکڻ چاهين ٿا. اتان کان هُو وِينس ويو، جتي امير خاندان جي فرد موسينيگو وٽ مهمان بڻيو ۽ ڪجھه ئي ڏينهن ۾ ان شخص الزامن سان ڀريل خط آڻي سندس اڳيان رکيو. بُرُونو کي جرمنيءَ مان واپس اٽلي گهرائڻ سوچيل سمجهيل چال ۽ منصوبو هو. کيس 1592ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس ٻئي سال 1593ع ۾ روم شهر ۾ منتقل ڪيو ويو. اتي ست سال سندس مُقدمو هليو. هُو آزاد سوچ ۽ روشنيءَ جو داعي هو. چرچ قدامت سوچ ۽ تاريڪيءَ جو شِيدائي هو. هن پنهنجي لکڻين ۽ خيالن جو ڀرپور دفاع ڪيو. اڳيان به چرچ هو، انھن کي ڪيئن به ڪري بُرُونو کي ڪُوڙو ثابت ڪرڻو هو. کيس چيائون ته “تو اسان جي مُقدس ڌرمي ڪتابن ۽ ريتن رسمن جي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ انيڪ سوال اٿاري ڌرم کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. تنهنجي لکڻين گھڻن نوجوانن کي گُمراھه ڪيو آهي. اسان وٽ شڪ ۽ سوال جي گنجائش ئي نه آھي.” ان کانپوءِ پوپ ڪليمينت اٺين کيس لادين ۽ ڪافر قرار ڏيندي، کيس موت جي سزا ڏيڻ جو پروانو جاري ڪيو. اِن تي اُن وقت بُرُونو چيو “شايد، مون کي پنهنجي خلاف فيصلو قبول ڪرڻ ۾ ايترو خوف نٿو ٿئي، جيترو توهان کي فيصلي ڏيڻ ۾ ٿئي ٿو.” کيس 17 فيبروري 1600ع ۾ ڪيمپو دي فياري جڳھه تي جيئري ساڙيو ويو. تاريخ ۾ بُرُونو جهڙن ڪيترن ئي بهادرن کي سندن بيباڪ لکڻين ۽ آزاد سوچ سبب قتل ڪيو ويو. اهي تاريخ ۾ ھميشه جي لاءِ امر ٿي ويا. انھن کي قتل ڪندڙ ظالمن جا نالا ميسارجي ويا، انھن جون قبرون به ڳولهي نٿيون لڀن. بُرُونو سچ جو پيروڪار هو. هُو انڌ وشواس رکندڙن کان اُتم هو. هُن اونداهيءَ جي هيراڪ چمڙن سان روشنيءَ خاطر ويڙهاند ڪئي. هن نوان خيال پيش ڪيا. هُن ڀورڙائيءَ ۽ ساده دِليءَ ۾ وڪوڙيل ماڻھن، اٻوجھه، مُورک ۽ مت موڙهل ماڻھن کي سڄاڳيءَ جو سڏ ڏنو. هُن چرچ جي ظلمن تي آواز اٿاريو. هنُ پادرين، راهبائن، پروهتن، سنتن ۽ ڌرمي گُماشتن جي ڪرتوتن کي پڌرو ڪيو. هُن خانقاهن، گرجائن، ڪليسائن ۽ شوالن جي اوٽ ۾ مذهبي ٺيڪيدارن جي بربريت، بي ايمانين، وحشي پڻي ۽ سادڙن ۽ ڀُورڙن ماڻھن جي محنت تي ڌاڙي هڻڻ جي اٽڪلن ۽ چالن کي وائکو ڪيو، جنھن پاداش ۾ کيس باھه ۾ اڇلايو ويو. دنيا کي اهڙن گڻواڻ فلسفين ۽ سائنسدانن تي فخر آهي، جن پنهنجي سچن خيالن سبب موت ته قبوليو، پر وقت جي جابر قوتن ۽ انڌ وشواس چمڙن جي اڳيان نه جُهڪيا. سائنس جو شهيد جرادنو بُرُونو “مري جي نه ٿيا مات” مِصداقُ سدائين حيات رهڻو آهي. هُو ڏور ڪنهن ستاري تان چرچ کي ڏسي مُسڪرائي رهيو آهي!

***