نئون

سپريم ڪورٽ جو فيصلو، عمران خان اهل، جهانگير ترين نا اهل قرار      

سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ جهانگير ترين جي نااهلي جي حوالي سان ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق عمران خان اهل قرار . جڏهن ته جهانگير ترين خلاف ايس اي سي پي کي جاچ جو حڪم ۽ ان کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.فيصلي وقت سپريم ڪورٽ جو ڪمرو  بلڪل ڀريل هو ۽ معزز جج فيصلو ٻڌايو. ان موقعي تي چيف جسٽس ڪورٽ روم ۾ دير سان پهتو.هن جو چوڻ هو ته هڪ غلطي سبب 250 پيج پڙهڻا پيا. چيف جسٽس چيو ته فنڊنگ جي حوالي سان درخواستگذار مطمئن نه ڪري سگهيا. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو، پرڏيهي فنڊنگ جو معاملو اليڪشن ڪميشن ڪندي، عمران خان خلاف ڪابه بدديانتي سامهون ناهي آئي. هن ڪيس جي درخواست حنيف عباسي جمع ڪرائي هئي، چيف جسٽس جهانگير ترين خلاف ايس اي سي پي کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته جهانگير ترين کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي.  ان موقعي تي ن ليگ طرفان مريم اورنگزيب، طلال چوڌري. جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان حنيف عباسي ۽ مصدق ملڪ فواد چوڌري، بابر اعواڻ، نعيم بخاري، فردوس عاشق اعواڻ موجود هئا موجود هئا.