بلاگنئون

مون خدا ڳولي ورتو آهي

افسانوي ادب سماج جي حقيقي مسئلن جو هڪڙو اهڙو دستاويز آهي جنهن ۾ ليکڪ داخلي توڙي خارجي مسئلن کي پيش ڪري ادب براءِ زندگي واري نظريي کي نروار ڪري ٿو. سنڌي ادب ۾ حقيقت نگاري جي لاڙي تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌي سماج جو چٽو عڪس نظر ايندو، پوءِ اهي موضوع بک، بيروزگاري، نفسانفسي، جهالت، وڏيرڪي سماج، غلامي، غير انساني روين توڙي عورتن تي تشدد جبر ۽ ظلم وارا هجن انهن مجموعي مسئلن تي سنڌي ادب ۾ عورت ڪهاڻيڪارائن به ديده دليريءَ سان لکيو آهي، جن ۾ ثميره زرين، رشيده حجاب، نورالهديٰ شاھ، خيرالنساءِ جعفري، ماهتاب محبوب ۽ موجوده دور جي ليکڪائن ۾ سيما ابڙو تائين سلسلو جاري آهي.

منهنجي مطالعي جي ميز تي آيل ڪهاڻين جو ڪتاب “مون خدا ڳولي ورتو آهي” هن ڪتاب جي ليکڪا دور حاضر جي خوبصورت ڪهاڻيڪاره ڊاڪٽر سيما ابڙو آهي. جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين جا اڪثر موضوع ٻُڌل، پڙهيل ۽ ڏٺل لڳن ٿا، پر ليکڪا جي سڃاڻپ سندس اسلوب هوندو آهي، سيما ابڙو جي ڪهاڻين جو هڪ پنهنجو منفرد ڊڪشن ۽ انداز آهي، جنهن ذريعي هوءَ ڪردارن جي مزاج ۽ درد کي اهڙي آرٽ سان پيش ڪري ٿي جو پڙهندڙ پاڻ انهيءَ پيڙا مان گذري ٿو ۽ ان کي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هيءَ منهنجي دل جي ترجماني ٿيل آهي، انهيءَ سان گڏ  ليکڪا ڪجهه نوان موضوع پڻ متعارف ڪرايا آهن جيڪي جديد دور جي تقاضائن آڌار سنڌي معاشري جو حصو بڻجي چڪا آهن. سيما ابڙو جي تخليق جا ڪردار، ٻولي، مڪالما توڙي جيڪي به بنيادي فني گهرجون آهن سندس ڪهاڻيءَ جي لباس کي وڌيڪ دلڪش ۽ خوبصورت بڻايو بيٺيون آهن.

هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻي وچين کٽ، هن ڪهاڻي ۾ هڪ ٻهراڙي جي عورت ۽ انهيءَ روايتي سس جو ڪردار آهي جيڪا تازي پرڻجي آيل ڪنوار تي عجيب وهم وسوسا وجهي اهو سوچي ٿي ته سندس پُٽ کي پنهنجو ڪري ويئي آهي ۽ ننهن جو ڪردار هڪ شرم ٻوٽڙي جيان آهي ۽ خاموشيءَ سان ان کي سهندي رهي ٿي.

هزار جو نوٽ ڪهاڻي هڪ جهالت پڻي جي تصوير آهي جيڪو فقط هڪ هزار جي ڪري ٽن قيمتي جانين جو نقصان ٿئي ٿو، هيءَ ڪهاڻي پڻ حقيقت نگاري کي ظاهر ڪري ٿي.

شينهن ڪُلهي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ معصوم ڇوڪري تنگدستيءَ جو شڪار بڻجي پنهنجن خواهشن کي ماري ٿي ڇڏي سندس معصوم ادائون ۽ دلچسپ  ڳالهيون ڪيترين ئي بي سمجهه نازائن جي زبان آهن: “رات تنهنجي بابي چيو هو ته  نازان روز بگيءَ تي اڪيلي چڙهي ڪوهين ميل پري وڃي ٿي ۽ چيائين ته هاڻي هوءَ بگيءَ تي نه شينهن ڪلهي چڙهندي، نازان خوشيءَ مان ٽپو کائيندي چيو، سچ پچ امان مان شينهن ڪلهي چڙهنديس!؟

عائشه اهو ٻڌي پيرن مان جيئن ئي جتي لاٿي هو ستت ئي ٿيلهو کڻي ٽهڪ ڏيئي ڪمري ۾ هلي وئي.”

ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي، مون خدا ڳولي ورتو آهي هيءَ ڪهاڻي فڪري طور وحدت الوجود جي پرچار ڪري ٿي ۽ هڪ غافل شخص کي سڌي رستي تي آڻڻ جي تلقين ڪري ٿي، پريوش ۽ منهار هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا سچي محبت ۾ دوکو کائيندڙ هر شخص جي ترجمان آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ وفا، بيوفائيءَ ۽ پڇتاءُ جي سمورن روپن سان گڏ انهن حَسين چهرن کي پڻ فوقيت ڏنل آهي جن جي پرڪشش ڏيکاءُ سبب ماڻهو زندگيءَ جي رڃ ۾ پل پل ڀٽڪندو رهي ٿو ۽ اهي ڪنهن مهل به ديوار سان لڳائي سگهن ٿا: “ها سچ پچ خوبصورت چهرن ۾ فريب به خوبصورتيءَ سان ئي ته لڪل هوندا آهن جيڪي اسان کان سڀ ڦري وٺندا آهن ۽ خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن هٿن مان سڀ ڪجهه ڇڏائجي ويندو آهي.”

ڇِرڪ هيءَ ڍاٽڪي لهجي جي ڊائلاگس ۾ ڪهاڻي آهي جيڪا پڻ موضاعتي حوالي سان اهم آهي.

مريم ڪهاڻي ۾ انهن لالچي ڪردارن کي ڏيکاريو ويو آهي جيڪي ڌن ۽ دولت جي ڪري پنهنجي جهور پوڙهي پيءَ تي الزام مڙهي کيس رسوا ڪيو وڃي ٿو.

ارڏائي هيءَ ڪهاڻي شهري فئملي جي موضوع تي سرجيل آهي ڪهاڻيءَ ۾ انهن ٻارن جي ارڏائيءَ کي ظاهر ڪيو ويو آهي جيڪي پنهنجي گهر جو کاڌو کائڻ بجاءِ فاسٽ فوڊ جو استعمال ڪن ٿا هن ڪهاڻي ۾ موضاعتي ۽ فني ٽيڪنيڪ جي حوالي سان نواڻ آهي.

انهي کان علاوه ڪتاب  جي  ڪهاڻين ۾ مڱڻي، راجڪماري بي وفائي، مقدر، ماءُ جي وصيت سميت ٽوٽل 17 ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ مهتاب اڪبر راشدي لکيو آهي. جڏهن ته 159 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي پيڪاڪ پبلشرس پاران ڇاپيو ويو آهي.

ڊاڪٽر سيما ابڙو ناليواري محققه هجڻ سان گڏ بهترين استاد پڻ آهي. سندس هي تخليقي پورهيو ڏسي اها اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي ته ادب جي آڪاش تي سندس ڪهاڻين جي ڪهڪشان ايئن ئي پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ سان جرڪندي رهندي.

***