بلاگنئون

A Historian in Gaza

غزه بابت لکيل فرانسيسي مورخ جين پيئر فيليو جي ڪتاب “A Historian in Gaza” (غزه هڪ تاريخ) هڪ اهڙو شاهڪار دستاويز آهي، جيڪو رڳو انگن اکرن يا تاريخي حوالن تائين محدود ناهي، پر اهو انساني درد، تڪليف، تباهي ۽ دنيا جي بي حسيءَ جي بغير رنگين تصوير سامهون رکي ٿو.

جين پيئر فيليو، جيڪوSciences Po  پئرس جي هڪ تحقيقي يونيورسٽي ۾ مڊل ايسٽ جي تاريخ جو ماهر آهي ۽ ڪولمبيا ۽ جارج ٽائون يونيورسٽين جو وزيٽنگ پروفيسر به رهي چڪو آهي. 1980ع کان باقاعدگيءَ سان فلسطين جو دورو ڪندو رهيو آهي. هن ڪتاب جو خاص حوالو اهو آهي ته ڊسمبر 2024ع ۾، جڏهن غزه مڪمل طور تي بند، بمباري جي لپيٽ ۾ ۽ انساني رسائيءَ لاءِ بند ٿيل علائقو هو، تڏهن به فيليو رفح بارڊر ڪراس ڪري اندر داخل ٿيو ۽ 32 ڏينهن اُن جهنم جي دل ۾ گذاري آيو، جتي زندگيءَ کان وڌيڪ موت جو راڄ هو.

فيليو جي شاهدي موجب، اقوام متحده جي رپورٽن مطابق غزه جي 87 سيڪڙو عمارتون مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿي چڪيون آهن ۽ لڳ ڀڳ 19 لک ماڻهو هڪ يا وڌيڪ ڀيرا بي گھر ٿيڻ تي مجبور ٿيا. غزه جي اسپتالن ۾ رڪارڊ ٿيل سرڪاري انگن مطابق 54,000 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، جن مان 16,000 کان وڌيڪ معصوم ٻار شامل آهن.

فيليو لکي ٿو ته جيڪڏهن هي انگ اکر فرانس جي آدمشماريءَ سان ڀيٽ ڪجن ته اهو 1.7 ملين فرانسيسي شهرين جي موت جي برابر ٿيندو. جڏهن ته اڃان به هزارين لاش ملبي هيٺ دٻيل آهن يا بمباري، بک، بيمارين ۽ طبي سهولتن جي کوٽ جي ڪري فوت ٿيل آهن. پوليو جهڙيون بيماريون ٻيهر ظاهر ٿي رهيون آهن، ڇو ته ويڪسين جو نظام ختم ٿي چڪو آهي.

فيليو رڳو انگن اکرن تي نه رهيو، پر هن ماڻهن جون ڪهاڻيون ٻڌيون، زخمين جي صدائن کي قلم بند ڪيو ۽ انهن مائرن کي ويجهو کان ڏٺو، جيڪي پنهنجي ٻچن جي لاشن کي ملبي مان ڪڍي رهيون هيون. غزه جي اسپتالن کي موت جا اڏا بڻايو ويو، جتي ڊاڪٽر بغير دوا، بغير بجلي، رڳو پنهنجي هٿن سان زخمين جو علاج ڪندا هئا. قبرستان به لاشن لاءِ ننڍا پئجي ويا ۽ ماڻهن کي اجتماعي قبرن جو رستو اختيار ڪرڻو پيو. پاڻي ناپيد، دوا ناپيد ۽ انتظار… جيتوڻيڪ موت جو. روز مره جو حصو بڻجي چڪو هو. غزه سدائين تاريخ جو ڌڪ کاڌو آهي. 332 ق.م ۾ سڪندر اعظم جو 100 ڏينهن وارو محاصرو، عثماني سلطنت دوران قتل عام، 1948ع جي جنگ کانپوءِ پناهگيرن جي پناهه گاهه بڻجڻ  هي علائقو هميشه ويڙهن جو مرڪز رهيو آهي، پر هاڻ، جڏهن ڀڄڻ لاءِ ڪوبه رستو ناهي، غزه هڪ دفن ٿيندڙ خواب بڻجي ويو آهي.

فيليو مغربي ميڊيا ۽ صحافتي معيارن تي به سخت تنقيد ڪري ٿو. هن لکيو آھي ته ڪڏهن به متاثرن جي گواهيءَ کي سڌيءَ طرح پيش نه ڪيو ويندو آهي، پر اُنهن کي “اسلامي تحريڪ حماس جي مطابق…” جهڙن جملن سان محدود ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته اهڙي رپورٽنگ سان حقيقت کي ضعيف بڻايو ويندو آهي ۽ ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ غير انساني توازن قائم ڪيو ويندو آهي.

فيليو وڌيڪ  لکي ٿو: “زبان ان درد کي پڪڙڻ لاءِ ناڪافي آهي.” ملبي هيٺان مئل ٻار، پنهنجي پٽ جي لاش جي تلاش ڪندي ماءُ يا زخمين کي بغير دوا جي سنڀاليندڙ ڊاڪٽر  انهن لاءِ لفظَ ڪمزور پئجي وڃن ٿا، پر پوءِ به، سندس ڪتاب دنيا جي سامهون هڪ بلند فرياد بڻجي بيهي ٿو. تمام تڪليفن جي باوجود، فيليو يقين سان لکي ٿو ته غزه فنا نه ٿيندو، ڇو ته اهوئي انتفاضه جو مرڪز، فلسطيني مزاحمت جو گهوارو ۽ مستقبل جي آزاد رياست جي اميد آهي. جيڪڏهن عالمي برادري سنجيدگي نه ڏيکاري ته هي قتل عام روز مره جو معمول بڻجي ويندو ۽ اهو انسانيت جي ضمير لاءِ هڪ تاريخي شرمندگي بڻجي ويندو.

فيليو جي هيءَ شاهڪار تصنيف رڳو هڪ تاريخي رپورٽ نه، پر هڪ انساني فرياد، اخلاقي سوال ۽ صحافتي ضمير جي آزمائش آهي. غزه کي نظرانداز ڪرڻ، رڳو هڪ علائقي کي نه، پر انسانيت جي ضمير کي دٻائڻ برابر آهي.

***