سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط وقت جي ضرورت
ظاهر آهي اسان جي سنڌي ٻولي ۾ نه ته سائنس جي ٽرمينالاجي ميسر هئي ۽ نه ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جا ڪتاب انهن حالتن ۾ ماڻهن جو انگريزي ٻولي ڏانهن رجحان فطري هو. ڏسندي ئي ڏسندي پهرين وڏن شهرن ۽ پوءِ ننڍن شهرن ۾ به پرائيويٽ انگلش ميڊيم اسڪول کلڻ شروع ٿي ويا، جن ۾ سائنس ۽ جديد ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جو نه صرف سامان پر ٻيون سهولتون به دستياب هيون. ٻئي پاسي وري سرڪاري تعليمي ادارا هئا جن جو ڄار ته شهرن کان وٺي ويندي ٻهراڙين تائين وڇايل هو، پر اُنهن ۾ جديد سائنسي فڪر سان آراسته نه ته استاد هئا ۽ نه ڪو جديد سائنسي ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل سامان ۽ نه ئي ڪو فضيلت وارو فرنيچر ۽ نه ئي وري اڪيڊمڪ ماحول. نتيجو اهو نڪتو ته شاهوڪار ۽ وسيلن وارا خاندان ته ٺهيو، پر جيڪي ٿورو گهڻو مڇي ماني وارا هئا اُهي به پنهنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لڳا. اُنهن پرائيويٽ اسڪولن ۾ جديد تعليم ته هئي، پر بدقسمتي سان سنڌي ٻولي اڻ لڀ هئي. نتيجي طور انهن اسڪولن مان جيڪو به ٻار نڪرڻ لڳو اُهو سنڌي ٻوليءَ کان ڪٽجڻ لڳو. مٿان وري گهرن ۾ به مائٽ انهن ٻارن سان انگريزي/اردو ۾ ڳالهائڻ لڳا، پر ڪٿي کڻي گهرن ۾ مائٽ انهن سان سنڌي ڳالهائيندا به رهيا، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ انهن (ٻارن) لاءِ ممڪن نه رهيو. اهڙي ريت سنڌ ۾ سنڌين جي گهڻائي هجڻ جي باوجود به سنڌي ٻولي گهرن مان جلا وطن ٿيندي رهي ۽ اڃان به اها صورتحال نه صرف جيئن جو تيئن جاري ته ٺهيو، پر وڌندي رهي ٿي. اڃان به شڪر ڪجي جو مسڪينن ۽ غريبن جا نڌڻڪا ٻار جن جو ڪو اوهي واهي ڪونهي ۽ نه ئي وسيلا اٿن جو پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهي سگهن ٿا، تنهنڪري مجبورن سرڪاري (سنڌي ميڊيم) اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، بس انهن کي ئي سنڌي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ اچي ٿي، جنهن جي ڪري سنڌي ٻولي بچي وئي آهي. جنهن ڏينهن غريبن ۽ مسڪينن جي ٻارن به سرڪاري (سنڌي ميڊيم) اسڪولن کان منهن موڙيو، اهو ڏينهن شايد سنڌي ٻوليءَ جي وجود جو آخري ڏينهن هجي!؟
جڏهن سرڪاري دفترن ۾ سنڌي ٻولي کي نيڪالي هجي، جڏهن تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي ناياب ٿيندي وڃي، جڏهن اسيمبلي ايوانن ۽ ڪاروباري ادارن ۾ سنڌي ٻولي ڳولي نه لڀي، جڏهن مائٽ پنهنجن ٻارن سان سنڌي ٻوليءَ بجاءِ انگريزي يا اردو ۾ ڳالهائيندي فخر محسوس ڪندا هجن ۽ مٿان وري سون تي سهاڳو اهو ٿئي ته سڄي دنيا سائنس، ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس سبب گلوبل وليج ڏانهن وڌندي هجي ۽ ماس ڪميونيڪيشن، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي يلغار هجي ته اُن ۾ ننڍڙو وجود رکندڙ سنڌي ٻولي آخر ڪيئن بچندي؟ ته پوءِ ڇا اڳتي هلي مستقبل ۾ هي اسان جو علم ادب، تاريخ، ثقافتي ورثو ۽ فن تي لکيل هيڏو سارو سنڌي ۾ مواد (ڪتاب) پڙهڻ وارو ڪوبه نه هوندو؟ آئون کڻي غلط چوندو هجان، پر توهان رڳو پنهنجي ارد گرد نظر ڦيرايو ته نئين نسل جي ڪيترن ٻارن کي هن وقت سنڌي لکڻ يا پڙهڻ اچي ٿي؟ جي اڄ اها حالت آهي ته ويهن پنجويهن سالن کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا اڳتي ھلي سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ سنڌي ٻولي ميوزيم جي زينت بڻجي ويندي؟ اسان جا علمي ڪتاب لائبريرين ۾ ٺهيا سجيا رکيا ته هوندا، پر انهن کي پڙهڻ وارو شايد ڪوبه نه هوندو!؟
اها هن وقت واقعي به سوچڻ جي ڳالهه آهي. اها سنڌ جيڪا اسان جي وجود ۾ وسي ٿي ان مان جي سنڌي ٻولي تڙجي وڃي ته اسان جو وجود ئي کوکلو رهجي ويندو ۽ پوءِ سنڌ جي يگاني شاعر نارائڻ شيام جي لفطن ۾:
الا ايئن م هوء، جو ڪتابن ۾ پڙهجي، ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
پر چوندا آهن ته رڙڻ کانسواءِ رب به ڪونه ٿو ملي. سو اڃان به ويل وئي ڪانهي، اسان پنهنجي ٻوليءَ جي معاملي ۾ جيڪڏهن سنجيده ٿيون ته ان کي بچائي سگهون ٿا. اها ڳالهه شايد اسان جي ٻوليءَ جي ماهرن کي ھن وقت به سمجهه ۾ نه اچي. اُهي هن وقت به رڳو انهن موضوعن تي مقالا لکڻ ۾ پورا آهن ته ڪهڙا سنڌي ٻوليءَ ۾ نج اکر آهن، ڪهڙا نه آهن؟ صنعتي انقلاب دنيا جي ٻولين ۾ نوان اصطلاح، لفظ ۽ محاورا متعارف ڪرايا آهن ۽ هي اڃان جاگيرداري سماج جي ٻولي جي لفظن ۽ محاورن ۾ ڦاٿا پيا آهن. نئين نسل جنهن پراڻي سنڌ ڏٺي ئي ناهي ۽ مشيني دور ۾ اک کولي آهي اُن کي نج کاڌا کارائي ڇو ٿا انهن جو هاضمو خراب ڪريو؟ دنيا شارٽ ڪٽ ڏي وڌي رهي آهي ۽ هي اڃان ٻوليءَ جي گرامر ۽ قاعدن قانونن تي پنا ڪارا ڪرڻ ۾ پورا آهن. هِنن ٻوليءَ جي اڪابرن کان پڇو ته جڏهن توهان جي پورهئي کي ڪو پڙهڻ وارو ئي نه ھوندو ته پوءِ لکڻ مان ڪهڙو فائدو؟ اهو ته ان چوڻي جيان ٿيو ته ”جڏهن روم جلي رهيو هو ته نيرو بانسري وڄائي رهيو هو.“
هونئن به وقت، حالتن ۽ جديد دور جي تقاضائن مطابق ۽ خاص طور تي تڏهن جڏهن ٻوليءَ جي بقا جو مسئلو هجي ته اُن جي رسم الخط ۾ تبديلي آڻڻ ۾ ڪو عيب ناهي. ماضي ۾ به ته اسان جي ٻوليءَ جا کوڙ سارا رسم الخط رهيا آهن جن ۾ کوجڪي، مهاجني، گرمکي، ديو ناگري، خدابادي، واڻڪي(landa) ۽ پراڻي عربي رسم الخط شامل آهن، جيڪي مختلف دورن ۾ استعمال ٿيندا رهيا آهن. گهڻي وقت کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ اسڪرپٽ يعني عربي اسڪرپٽ جو ٿورو به اسان تي انگريزن ڪيو. نتيجي طور سڄي سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ علم ۽ ادب هڪ رسم الخط ۾ لکجڻ لڳو نه ته ان کان اڳ ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي ديوناگري ته ڪٿي واڻڪي، ڪٿي کوجڪي ته ڪٿي خدابادي ۽ ڪٿي وري عربي رسم الخط لکجڻ ۾ ايندي هئي ۽ وري تعليمي نصاب به مختلف علائقن ۾ مختلف رسم الخطن ۾ هئڻ سبب سنڌي سماج مونجهاري جو شڪار هو. انگريزن طرفان رائج ڪيل سڄي سنڌ لاءِ يڪسان عربي رسم الخط جو اِهو فائدو ٿيو ته سموري سنڌ جا ماڻهو هڪڙي ئي تعليمي سرشتي سان ڳنڍجي ويا، علم ۽ ادب وڌڻ ويجهڻ لڳو ۽ سڀني ماڻهن جي پڙهڻ جي پهچ ۾ به آساني پيدا ٿي. اهو ته ٿيو اسان جي ماضيءَ جو احوال، پر رڳو ماضيءَ تي ڀاڙي مستقبل جا مينار ته اڏي نٿا سگهجن. قومن کي بدلجندڙ وقت ۽ حالتن جي حساب سان فيصلا ڪرڻ گهرجن، تڏهن ئي اُهي ترقي ڪري سگهن ٿيون ۽ زنده رهي سگهن ٿيون. هونئن به رسم الخط ڪو آسماني صحيفو ته آهي ڪونه جو اُن ۾ تبديلي آڻي نٿي سگهجي. دنيا اهڙن کوڙ سارن مثالن سان ڀري پئي آهي جن ۾ ملڪن (قومن) پنهنجين ٻولين جي بقا ۽ بهتري لاءِ اُنهن جو رسم الخط تبديل ڪيو آهي. ترڪي 1929 ۾ پنهنجو رسم الخط عربي مان تبديل ڪري رومن ڪيو. ڪزاخستان 2021 جي آخر ۾ پنهنجي ٻوليءَ جو رسم الخط سرلڪ(Cyrillic) مان تبديل ڪري رومن ڪيو. ان کانسواءِ البانيا، جاپان، ڪئناڊا، ترڪمنستان، بلغاريه، ڪرغستان، سربيا، يوڪرين، مونٽيگمرو ۽ ٻيا کوڙ سارا ملڪ آهن جيڪي پنهنجن پراڻن رسم الخطن جي جاءِ تي رومن رسم الخط کي رائج ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آهن. منهنجي نظر مان دبئي ۾ اردو ادب جا ڪتاب به گذريا آهن جن ۾ هڪ ئي وقت عربي ۽ رومن رسم الخط ۾ مواد ڇپيل آهي، جيئن اهو پڙهندڙ جيڪو عربي رسم الخط نٿو ڄاڻي رومن رسم الخط ۾ اردو ادب کي پڙهي مزو وٺي سگهي. اهو ته ٿيو دبئي جو مثال. ممڪن آهي ته هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ سنڌي يا اردو ادب رومن ٻوليءَ ۾ ڇپجندو هجي. پڪ ناهي، پر شايد سنڌ جي طنز و مزاح جي ليکڪ حليم بروهي جو هڪ سنڌي ڪتاب به رومن رسم الخط (لپي) ۾ ڇپيل آهي. اسين اڃان به پري ڇو ٿا وڃون، اسان جي پنهنجي گهر (سنڌ) ۾ به مثال موجود آهن. اڄڪلهه موبائل تي رابطي لاءِ جيڪا به چيٽنگ(Chatting) ۽ پيغام رسائي(SMS or Messaging) ٿئي ٿي ان ۾ به اسان جا ڪافي ماڻهو سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط استعمال ڪن ٿا ۽ اها عام ۽ خاص ماڻهو به بنا جهجهڪ جي سمجهي ٿو. جي ايئن آهي ته پوءِ رومن رسم الخط کي رائج نه ڪرڻ تي ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو؟ مون کي ان ۾ سواءِ جهالت، ڪوڙي انا ۽ هرو ڀرو ماضيءَ سان چنبڙي رهڻ جي روايت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر ڪونه ٿو اچي. جي ترقي يافته قومون (ملڪ) جيڪي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ رائج رسم الخط جي جاءِ تي رومن رسم الخط کي نافذ ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺن ٿيون ته اسين ڇو نه؟ حالانڪه انهن ترقي يافته قومن (ملڪن) وٽ کوڙ وسيلا به آهن جيڪي هُو پنهنجي ٻوليءَ جي رسم الخط جي فروغ ۽ ڦهلاءُ لاءِ خرچ به ڪري سگهن ٿا، پر هُو ايئن نٿا ڪن، ڇو جو هُو پنهنجي قومي ورثي، علم ادب جي بقا لاءِ دوررس نگاهن سان سوچين ٿا. جيڪڏهن اهي ترقي يافته ملڪ ۽ قومون اهڙا فيصلا وٺن ٿيون ته پوءِ اسين انهن کان وڌيڪ باشعور ۽ ساڃاهه وند آهيون ڇا؟ جو ليڪو ڪڍيو بيٺا آهيون ته بس هتان چُرڻو ناهي ۽ نه ئي اڳتي وڌڻو آهي؟
منهنجي ذهن ۾ ڪي تجويزون آهن جن سان اسان سنڌي ٻولي جي وجود کي درپيش خطرن مان ڪنهن حد تائين ڪڍي سگهون ٿا. اهڙيون ئي تجويزون جيڪي هن وقت منهنجي ذهن ۾ آهن ڪنهن وقت ۾ حليم بروهي به ڏنيون هيون، پر اسين آهيون ضرورت کان ڪجهه وڌيڪ ڏاها ماڻهو ۽ حليم بروهي کي سمجهندا هئاسين صفا چريو ماڻهو. سو چرين کي ڀلا ڪير ٿو پڇي؟ پر حليم بروهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط جي اُن وقت ۾ ڳالهه ڪندو هو، اُها اڄ به سورنهن آنا سچ ڀاسي ٿي. هن سائنس، ڪمپيوٽر ۽ موبائل ٽيڪنالاجي جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي رومن رسم الخط ۾ آڻڻ سان ئي نه صرف بچائي سگهجي ٿو، بلڪه ان کي تبديل ٿيندڙ دور، وقت ۽ حالتن سان به هم آهنگ ڪري سگهجي ٿو.
حليم بروهي جي سنڌي ٻولي کي رومن رسم الخط ۾ آڻڻ جي خيال کي اڳتي وڌائيندي آئون هيٺيون تجويزون ڏيان ٿو:
1. سرڪاري سطح تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي رسم الخط جي جاءِ تي مرحليوار رومن رسم الخط رائج ڪيو وڃي ۽ ان جي فروغ لاءِ فوري اپاءُ ورتا وڃن.
2. ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ڪاميٽي تشڪيل ڏني وڃي جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن الفابيٽ ٺاهي جنهن ۾ نج سنڌي اکرن ڏ، ڳ، ڱ وغيره ۽ زيرن، زبرن، پيش (هجي) لاءِ رومن اکرن کي جوڙي جدا اکر ٺاهي جيئن انهن کي پنهنجي سنڌي ٻولي جي مزاج سان اچاري سگهجي. ان لاءِ اها ڪاميٽي ٻين ٻولين جو به مشاهدو ڪري ۽ انهن مان رهنمائي حاصل ڪري، جن پنهنجي ٻوليءَ جو اصل رسم الخط مٽائي رومن رسم الخط ڪيو آهي.
3. اهڙو ڪو ادارو جوڙيو وڃي يا سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي ئي اپ گريڊ ڪري ۽ ان جي مالي بجيٽ وڌائي ان مان مرحليوار سڀ سنڌي ڪتاب جيڪي ماضيءَ کان هيل تائين عربي يا ٻين رسم الخطن ۾ لکيا ويا آهن. انهن کي رومن رسم الخط ۾ آڻي نئين سري سان ڇپايو وڃي. جي ايئن ممڪن نه ٿي سگهي ته به گهٽ ۾ گهٽ انهن کي رومن رسم الخط ۾ آڻي آن لائين رکيو وڃي. هونئن به هي دور آن لائين پڙهڻ جو آهي ۽ ڪتابن ڇپجڻ ۽ پڙهڻ وارن جي شايد اسان آخري پيڙهي هجون!؟
4. نصابي تعليم ۾ سڀ ڪتاب رومن رسم الخط ۾ پڙهايا وڃن ۽ ماس ڪميونيڪيشن جي ادارن، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي پابند ڪيو وڃي ته هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن اسڪرپٽ کي استعمال ۾ آڻين.
رومن رسم الخط رائج ڪرڻ جا فائدا:
1. سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط رائج ٿيڻ سان سڄي دنيا مثلن هندستان، عرب امارات، سنگاپور، انگلينڊ، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو جيڪي سنڌي ڳالهائين ٿا، پر سنڌي پڙهي ۽ لکي ڪونه ٿا سگهن سي به آسانيءَ سان سنڌي پڙهي ۽ لکي سگهندا. ايئن اسان جي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو جيڪو هونئن اسان جي علم و ادب، تاريخ ۽ ثقافتي ورثي کان ڪٽيل آهي، هڪ واري پاڻ ۾ ٻيهر جڙي پوندو. خاص طور تي اُهو نوجوان نسل جنهن جو سنڌ کان ٻاهر جنم ٿيو آهي.
2. جديد دور ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي لهر جيڪا دنيا کي تبديل ڪري رهي آهي ۽ ڪو به والدين پنهنجي ٻار کي سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙھائڻ نٿو چاهي، نتيجن انگلش ميڊيم اسڪولن مان پڙھي ايندڙ ٻار جڏهن وڏا ٿين ٿا ته اهي سنڌي ٻولي لکي پڙهي نه ڄاڻڻ سبب سنڌي علم ۽ ادب، تهذيب ۽ ثقافت سان واقفيت ئي نٿا رکن. اسان جي سرڪاري تعليمي ادارن جو ڍانچو تباهه آهي. ڀلي سرڪار انهن جي معيار کي سڌاري، پر اڄ جا والدين پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ ئي نٿا چاهين. ڇاڪاڻ جو هُو سمجهن ٿا ته ڄاڻ جا سڀ ذريعا انگريزي ۾ موجود آهن. انهيءَ ڪري اسان جو نئون نسل سنڌي ٻوليءَ جي عربي رسم الخط هئڻ سبب سنڌي ٻوليءَ کان ڪٽجي رهيو آهي، پر جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ستت ئي رومن رسم الخط رائج ڪيو ويو ته اسان جو نئون نسل هڪ وار ٻيهر سنڌي علم و ادب، تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍجي ويندو. ڪن ٻولي جي ماهرن جي تحقيق مطابق اُهي ٻوليون سدائين رهنديون جن ۾ مائٽ ٻارن سان ڳالهائين ٿا يا نصابن ۾ پڙهايون وڃن ٿيون. نصابي ادارن (تعليمي ادارن) ۾ ته اسان جي ٻولي جون پاڙون پٽبيون پيون وڃن. باقي هڪ روشن ڳالهه اها آهي ته اڃان به اسان جا ڪافي مائٽ پنهنجن ٻارن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائين ٿا، تنهنڪري اُها رهندي، پر صرف ڳالهائڻ سان به ڪا ٻولي ترقي ڪري سگهي ٿي ڇا؟ ۽ ڇا صرف ڳالهائڻ جي بنياد تي اڳيان هلي ٻوليءَ جي اهميت رهندي؟ ۽ جٽاءُ ڪندي؟ ان جو جواب آهي قطعي نه. هن وقت جيڪا نئين پيش قدمي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي ته هاڻي سنڌي ٻولي گوگل تي 103 ٻولين ۾ ترجمو ٿي سگهندي. ٺيڪ آهي اها چڱي ڳالهه آهي، پر ڇا ان سان سنڌي ٻولي اصل حالت ۾ پڙهي ويندي؟ ترجمو ڪيترو به ڀلو ۽ معياري هجي، پر پنهنجي تخليقي علم ۽ ادب ۽ فن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جو مزو ئي ڪجھ ٻيو آهي. ترجمو ڪڏهن به تحرير جي اصل مزاج، زمين ۽ جذبن جو هوبهو عڪاس ٿي نٿو سگهي. جيستائين هن ڌرتيءَ جو ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ کي لکي ۽ پڙهي نٿو سگهي ته اُها ڪڏهن به فنا ٿي ويندي. انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو واحد جياپو عربي رسم الخط نه پر رومن رسم الخط ۾ آهي ۽ شايد ايئن ڪرڻ سان بهتر نتيجا اچي سگهن ۽ اسان جي سماج ۾ نوجوانن توڙي والدين جي انگريزي ٻولي لاءِ سهپ ۽ سنڌي ٻولي کان فرار ۽ لاپرواهي جي رجحان ۾ ڪمي اچي سگهي.
ساڃاهه وند قومن جي نظر مستقبل تي هوندي آهي ۽ اُهي پنهنجي تباهي ۽ برباديءَ کان اڳ ۾ پاڻ بچائڻ جي اُپائن تي سوچينديون آهن ۽ عمل ڪنديون آهن. ستل ۽ بي شعور قومون رڳو پنهنجي تاريخي عظمتن جي نشي ۾ غرق هونديون آهن ۽ پنهنجي تباهيءَ تي خاموش رهنديون آهن ۽ نتيجي طور هڪ ڏينهن صفحه هستي تان ميسارجي وينديون آهن. ريڊ انڊينس، ايباجينز ۽ ٻيون قومون ۽ لاتعداد ٻوليون جن جو ڪنهن زماني ۾ عروج هو، انهن جي صفحه هستي تان ميسارجي وڃڻ جا مثال اسان جي اڳيان آهن. هاڻي اسان تي آهي ته اسان اک پٽيون ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط جو وقتائتو فيصلو ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي بچايون نه ته نارائڻ شيام جي ٻولن:
الا ايئن م هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ، ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
کي سچو ٿيڻ ۾ گهڻي دير نه لڳندي. تاريخ ڏاڍي بي رحم هوندي آهي ۽ اُها ڪنهن جو لحاظ ناهي ڪندي. هاڻي اِهو اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان جي ٻوليءَ کي تاريخ ۾ رهڻو آهي يا دفن ٿيڻو آهي.
…(پورو ٿيو)…