پبلڪ پاليسي ۽ عوام جي ڀلائي
رياست سياست، حڪومت يا جمھوريت سڀ عوام جي ڀلائي ۽ خوشي لاءِ آھن. اڳ سياست جي وصف بادشاھت يا طاقت جي چوڌاري گھمندي ھئي، ھاڻي اھا تبديل ٿي ان عوام جي ڀلائي ۽ خوشي لاءِ پنھنجو روپ ورتو آھي. حقيقي جمھوريت جي ڪاميابي عوام جي ڀلائي ۽ خوشي ۾ ظاھر ٿئي ٿي. ان جمھوريت جو راز پبلڪ (عوامي) پاليسي ۾ موجود آھي.
پبلڪ پاليسي جي وصف ۽ تاريخ:
جيئن ته پاليسي هڪ با مقصد عمل جو اصول آهي ۽ اهو عوام سان سڌو سنئون تعلق هئڻ ڪري ان کي پبلڪ پاليسي چيو ويندو آهي. پبلڪ پاليسي جون مختلف ماهرن مختلف وصفون ڏنيون آهن. مثال طور: ٿامس ڊيو مطابق پبلڪ پاليسي اها آهي جنهن مطابق جيڪا حڪومت ڪم ڪري ٿي يا ڪم نٿي ڪري، معنيٰ حڪومت بيروزگاري گهٽائي ٿي يا وڌائي ٿي. حڪومت امن امان ۾ تيزي ڪري ٿي يا لاقانونيت وڌائي ٿي ان کي پبلڪ پاليسي چيو وڃي ٿو. هڪ ٻئي ماهر بي. گائي پيٽرس پنهنجي ڪتاب Advanced Introduction to Public Policy ۾ ٻڌائي ٿو ته معيشت ۽ سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ حڪومتي سرگرمين کي پبلڪ پاليسي چيو ويندو آهي. پيٽرس مطابق حڪومت پبلڪ پاليسي جي ذريعي سماج ۾ تبديليون آڻيندي آهي. اهي تبديليون يقينن عوام جي ڀلائي، سلامتي ۽ خوشيءَ لاءِ هونديون آهن.
1940 جي ڏهاڪي ۾ هيرالڊ لاسويل جنهن کي پبلڪ پاليسي جو بنياد وجهندڙ چيو وڃي ٿو، ان 1951 ۾ پاليسي جي ڄاڻ تي پنهنجو مضمون شايع ڪرايو. پبلڪ پاليسي هڪ جدا علم نه آهي، پر گڏيل ڄاڻ جو حصو آهي. پبلڪ پاليسي جو سڌو يا اڻ سڌو تعلق عوام جي ڀلائي سان آهي.
هن وقت پبلڪ پاليسي تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماسٽرز ۽ پي. ايڇ. ڊي ليول تي تعليم ڏني وڃي ٿي. جن ۾ هارورڊ، آڪسفورڊ، لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس جهڙن جڳ مشهور تعليمي ادارن ۾ پبلڪ پاليسي تي تعليم ڏني وڃي ٿي.
پاليسي ھڪ اهڙو دستاويز آھي، جنھن ۾ حڪومت 5 سالن جو اختيار (mandate) پنهنجي پبلڪ پاليسي جي شڪل ۾ اعلان ڪندي آھي ۽ پوري اقتدار جي عرصي ۾ ان پاليسي تي عمل ڪري پنھنجي چونڊ جي منشور ۾ عوام سان ڪيل واعدن جو نتيجو ڏيندي آھي، ڏٺو اھو ويو آھي ته جيڪڏھن ڪا جمھوري حڪومت پبلڪ پاليسي جي ذريعي چونڊ منشور ۾ ڪيل واعدن تي ناڪام ٿي ويندي آھي ته مخالف سياسي پارٽي ايندڙ چونڊن ۾ کٽي ويندي آھي. ايئن ھي دائرو ورجاءُ ٿيندو رهندو آھي. توھان ڏٺو ھوندو ته آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ ريپبلڪ پارٽي ۾ سياسي چٽاڀيٽي ٿيندي رھي ٿي. باراڪ اوباما ٻه دفعا لڳاتار صدر رھيو، پر ٽرمپ ھڪmandate کانپوءِ ھارائي ويو. برطانيه ۾ ڪنزرويٽوَ جماعت اقتدار ۾ آھي ۽ عوام ان پارٽي جي ڪارڪردگي مان مطمئن آھي.
(پبلڪ پاليسي جون ڪيتريون ئي وصفون آھن منتظمين جي چوڻ مطابق جيڪڏهن حڪومت ڪجهه ڪري ٿي اھا به پبلڪ پاليسي آھي ۽ جيڪا ڪجهه نٿي ڪري اھا به ان جي پبلڪ پاليسي جي ڪري آھي.)
جمھوري حڪومت پبلڪ پاليسي جي ذريعي حڪمراني جو مڪمل خاڪو لکت ۾ پيش ڪندي آهي. ان تي عمل ڪندي آهي، ڇو ته ملڪ يا قومن جا وسيلا، وقت، تڪليفون ۽ اميدون تمام قيمتي آھن. جمھوري حڪومت تي فرض آھي ته عوام جي اميدن تي پورو لھي، آخر سياست ۽ رياست جو ڇا مقصد آھي؟ جيڪڏھن عوام غائب ھجي ۽ صرف سياسي طاقت باقي رھجي وڃي؛ اھو ته پوءِ ٻيلي جو قانون ٺھي ويندو. جديد تھذيب عوام جي چوڌاري گھمي ٿي.
حڪومت پبلڪ پاليسي ۾ پنجن (5) سالن جو منصوبو، ھر سال بجيٽ جي ترجيح، پروگرام ۽ پراجيڪٽ ذريعي ظاھر ڪندي آھي. مثال طور: بجيٽ ۾ اھڙن شعبن لاءِ پئسا خرچ ڪيا ويندا آھن جنھن ۾ عوام جي ڀلائي ھجي ۽ سڌو سنئون عوام ان مان فائدا وٺي. لفظ پبلڪ پاليسي جي معنيٰ اھا آھي ته: اھا پاليسي عوام لاءِ ھجي معنيٰ عوام جي خوشي لاءِ ھجي، عوام جي ڀلائي لاءِ ھجي، عوام جي سک ۽ سلامتي لاءِ ھجي.
جيڪا به حڪومت پبلڪ پاليسي نٿي ٺاھي، ان جي معنيٰ ته عوام ان جي ترجيح تي نه آھي، عوامي وسيلا بي ترتيب طور ضايع ٿيندا. وسيلن جو لاڀ خاص ماڻھن يا طبقن لاءِ ھوندو. پبلڪ پاليسي جي غير موجودگي ۾ ملڪ يا سماج ترقي بجاءِ تباھي ڏانھن وڌندو ويندو آهي. جيڪڏھن عوام جي حڪومت ھجي ۽ ان ۾ عوام جي ڀلائي نه ھجي ته اھڙي حڪومت ھلائڻ مان ڪھڙو فائدو.
ھن وقت جيڪي به ملڪ ترقي ڪري ويا آھن. انھن جي تاريخ جو اڀياس ڪجي ته ان مان واضح شيءِ نظر ايندي ته ترقي ڪيل ملڪ پبلڪ پاليسي جي ڪري ترقي يافته نظر اچن ٿا. ترقي ڪيل ملڪ پاليسين تي عمل ڪندي عوامي وسيلا عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيا. انھن هر سال GDP ۾ واڌارو آندو. انھن پنھنجي تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين عوامي مفادن کي پبلڪ پاليسي ذريعي مسلسل ترقي ڏياري ۽ پوءِ اھي ملڪ ترقي ڪندا رهيا. جاپان، جرمني يا ڏکڻ ڪوريا جو مثال اسان جي سامھون آھي. ان جي ابتڙ پوئتي پيل ملڪن ۾ ساليانو آبادي جي واڌ سان گڏ انھن جي ترقي جو واڌارو نه پيو ٿئي ۽ اھي ھر سال ترقي جي راھَ ۾ پوئتي رھجي وڃن ٿا. فرانس جي في ڪس پيداوار(Per Capita GDP) 2021 ۾ 43518$ جرمني جي 50802$، ڏکڻ ڪوريا جي 34758$، جڏهن ته پاڪستان جي في ڪس پيداوار 1538$، سري لنڪا جي 3815$، زمبابوي جي 1737$ ۽ يوگينڊا جي 858$ آهي.
پبلڪ پاليسي ڪيئن ٺھندي آھي:
ھر ملڪ ۾ پبلڪ پاليسي پنھنجي طريقيڪار سان ٺھندي آھي. تصوري يا خيالي منصوبو حڪمران پارٽي کان ايندو آھي ۽ اھو آئيني حڪومت واسطيدار اداري کي اھو ڪم ڏيندي آھي. اھو ادارو ھڪ ٽاسڪ فورس يا سيل ٺاھي اھو ڪم ان کي ڏيندو آھي. اھو سيل ان خاص پاليسي ٺاھڻ لاءِ انگ اکر گڏ ڪندو آھي. ان شعبي جي ماھرن سان صلاح مشورو ڪندو آھي. ان شعبي متعلق تحقيقي مضمون گڏ ڪري انھن مان تجويزون گڏ ڪندو آھي. اشتھارن ذريعي عام ماڻھن کان تجويزون گھرائيندو آھي. پاليسي دستاويز کان پھريائين اهو ڊرافٽ دستاويز واسطيدار وزارتن يا کاتن کان انھن جا رايا معلوم ڪندو آھي، جڏھن اھو سمورو عمل پورو ٿيندو آھي ته اھو ڊرافٽ پاليسي آئيني حڪومت جي ڪابينا ۾ بحث ڪرڻ لاءِ پيش ڪندو آھي. بحث ڪرڻ کانپوءِ ڪابينا اها پاليسي منظور ڪندي آھي. مثال طور: پاڪستان جي وفاقي حڪومت ۾ پلاننگ ڪميشن ٺھيل آھي ۽ اھا ڪميشن گھڻو ڪري اھو ڊرافٽ پاليسي ٺاھي، وفاقي ڪابينا ۾ منظور ڪرائيندي آھي ان پاليسي ۾ مڪمل انگ اکر، ڊيٽا، ماھرن جي سوچ، عام ماڻھن جا رايا، تحقيقي مضمونن جو نچوڙ شامل ھوندو آھي.
هڪ دفعو پبلڪ پاليسي کي منظور ڪرائي ان تي عمل شروع ڪيو ويندو آهي ۽ هر سال ان جو جائزو وٺي ان ۾ حالتن تحت تبديلي ڪري ان ۾ سڌارو آندو ويندو آهي.
پبلڪ پاليسي ۾ ڇا ھوندو آھي:
پاليسي ھڪ دستاويز ھوندو آھي جيڪو 50 کان 100 يا وڌيڪ صفحن تي ٻڌل ھوندو آھي. دستاويز ۾ ان شعبي جي ملڪ يا عوام لاءِ ڪيتري ڀلائي يا فائدو رکيل ھوندو آھي. ان شعبي جي پسمنظر جا مڪمل جامع انگ اکر موجود ھوندا آھن. شعبي جي ايندڙ وقت لاءِ رھنمائي ڪندڙ اصول ڏنا ويندا آھن انھن رھنما اصولن کي ٽارگيٽس ۾ تبديل ڪيو ويندو آھي پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪھڙي قانونسازي جي ضرورت ھوندي آھي ان جا ٽارگيٽ (هدف) حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن وسيلن جي ضرورت ھوندي، ڪھڙا کاتا ۽ وزارتون انھن تي عمل ڪرائينديون يا پاڻ ۾ سهڪار ڪندا. انھن ٽارگيٽس کي سالن ۾ ورھايو ويندو آھي، پاليسي ۾ اھو به ڄاڻايو ويندو آھي ته پاليسي تي ڪيئن عمل ڪيو ويندو.
پاليسي دستاويز مستقبل جو ھڪ منصوبو آھي. ان ڪري ان جي واضح ۽ مونجھاري کان آزاد ٻولي ھوندي آھي. ان ۾ شامل ڊيٽا ۽ انگ اکر اعتبار جوڳي ذريعن جا استعمال ڪيل ھوندا آھن. پاليسي جا ٽارگيٽ ڪھڙو کاتو، ڪيترا ٽارگيٽ ۽ ڪنھن کان سھڪار وٺندو اھو به ڏنل ھوندو آھي. ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري سيڙپڪاري جي ضرورت ھوندي ۽ اھي پئسا ڪٿان حاصل ڪيا ويندا اھو طريقيڪار به واضح ڄاڻايل ھوندو آھي. پاليسي دستاويز ۾ مڪمل عمل جي شڪل ۾ ڪهڙا فائدا حاصل ٿيندا.
پبلڪ پاليسي تي ڪيئن عمل ٿيندو:
پبلڪ پاليسي جي دستاويز جي آئيني منظوري کانپوءِ ان تي عمل لاءِ قانونسازي، پئسا، عمل ڪرڻ جي حڪمتِ عملي سان گڏ سھڪاري انتظام جو بندوبست ڪيو ويندو آھي. پبلڪ پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ خاص فنڊ رکڻ يا سالياني بجيٽ ۾ پئسا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويندو آھي. جيئن ته پاليسي تي عمل ڪرڻ ۾ مختلف کاتن يا وزارتن جي ذميواري ھوندي آھي ته اھي پنھنجي طريقي سان پئسن جو جوڳو بندوبست ڪندا آھن ۽ پوءِ ايئن پبلڪ پاليسي جي عمل جي شروعات ٿيندي آھي.
پبلڪ پاليسي جي چوڪسي:
پبلڪ پاليسي جي عمل دوران ان کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو آهي. ان لاءِ پبلڪ پاليسي جي چوڪسي ضروري هوندي آھي. ڪنھن به پاليسي، پروگرام يا پراجيڪٽ جي ڪاميابي لاءِ چوڪسي ۽ اڀياس بنيادي شرط آھن، جنھن کي مانيٽرنگ ۽ ايويليشن(Monitoring & Evolution) چيو ويندو آھي. اھا بيوقوفي ٿيندي جو سال يا پنج سالن جي پاليسي تي عمل ڪرڻ کانپوءِ ان جي چوڪسي ٿئي. تيستائين ڪيترا ارب رپيا خرچ ٿي ويا ھوندا. سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا ويندا ۽ پوءِ ان جي نتيجن جو اڀياس ڪيو ويندو؟
چوڪسي ۽ اڀياس پھرين ڏينھن کان پاليسي تي عمل ڪرڻ سان گڏ شروع ٿيندا آھن ۽ اھا نظر رکي ويندي آھي ته پاليسي وقت گذرڻ سان گڏ پھرين طئي ٿيل نتيجا ڏيئي ٿي يا نه. نيتجا نه ڏيڻ جي صورت ۾ عمل ۾ بھتري آڻي گھربل نتيجا حاصل ڪيا وڃن. اھا چوڪسي مختلف مرحلن تي ٿيندي آھي ۽ آخري مرحلي ۾ ڪابينا ۽ سياسي ليڊرشپ ان جي چوڪسي ڪندي آھي. سنڌ ۾ ڪيترائي مثال موجود آھن، جنهن ۾ مختلف پراجيڪٽس جي صحيح چوڪسي نه ھئڻ ڪري اھي پراجيڪٽ/منصوبا ناڪام ويا ۽ انھن تي خرچ ڪيل ڪيترائي ارب رپيا ضايع ٿي ويا.
پبلڪ پاليسي جو عوام تي اثر:
تصور ڪيو ته هڪ پبلڪ پاليسي تي ٻن سالن لاءِ 100 ارب رپيا خرچ ٿي ويا. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته ان پاليسي ڊزائين وقت جيڪي شعبن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي اھا اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي يا نه. ان جي حاصل ڪيل هدفن عوام کي ڪيترو فائدو ڏنو، ٽارگيٽ ۾ ڪھڙي تبديلي آئي. ڇا ان پاليسي جي ڪري خاص عوامي شعبن ۾ مسئلا حل ٿيا؟ ڇا پاليسي عوامي اميدن کي حقيقت جو رنگ ڏنو.
ڇا پاليسي ڊزائين جي وقت جيڪو خاڪو اڳڪٿي ۾ پيش ڪيو ويو اھو خاڪو پنجن سالن کانپوءِ حقيقت ۾ تبديل ٿيو يا نه. اهڙن قسمن جي سوالن جي جوابن کي انگريزي ۾ impact يا اثر چيو ويندو آھي.
جديد سياست ۽ حڪومت ڪاري ۾ سيڙپڪاري، قانون سازي، عوامي مسئلن جو حل، مختلف شعبن ۾ ترقي ڪرڻ، عالمي سطح تي چٽا ڀيٽي ڪرڻ، عوام جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ سهولتن جو بنياد، پبلڪ پاليسي ۾ رکيو ويندو آهي.
پبلڪ پاليسي نه ٺاهڻ يا پبلڪ پاليسي تي مڪمل/صحيح طور عمل نه ڪرڻ، حڪومت جي ناڪامي سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کي خراب حڪمراني تصورُ ڪيو ويندو آهي.
***