چمبڙ ويجھو ٻوڏ متاثرن مٿان ٽرڪ چڙھي وئي، ماءُ ٻن ڌيئرن سميت فوت
چمبڙ ويجهو ٻوڏ متاثرن سان حادثو پيش آيو آھي، ماءُ ٻن ڌيئرن سميت فوت ٿي وئي آھي، ڪراچي هوٽل وٽ ٻوڏ متاثرن مٿان ٽرڪ چڙھي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ جمنا، سندس نينگريون چمپا ۽ پاروتي ڪولھي موقعي تي ئي دم ڏنو، ٻارڙي شانتي زخمي ٿي پئي. فوتين جا مڙهه ۽ زخمي نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، رام بستي جا رھواسي ٻوڏ متاثر برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري گذريل چئن مهينن کان روڊ تي ترسيل آھن.

