بلاگنئون

پاڪ- افغان ڇڪتاڻ جو اثرائتو حل ضروري آهي!

گذريل ڏينهن پاڪ فوج طرفان پاڪ- افغان سرحد تي افغان فورسز جي بنا جواز جارحيت جو موثر ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويو. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ ۾ سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان چيو ويو ته پاڪ فوج انتهائي درستگي سان افغان چوڪين کي نشانو بڻايو آهي ۽ انهن چوڪين مان، جتان پاڪستان تي حملا ڪيا پئي ويا، اتان پاڪستاني فورسن افغان سرحد تي 19 چوڪيون قبضي ۾ وٺي ڇڏيون. اهي چوڪيون سنڀاليندڙ افغان طالبان يا ته مارجي ويا يا چوڪيون ڇڏي ڀڄي ويا. هي پاڪ فوج جي لاءِ افغان فورسن خلاف هڪ وڏو ڪامياب آپريشن قرار ڏنو ويو. پاڪ فوج دراني ڪيمپ، منوجبه ڪيمپ، بٽالين هيڊڪوارٽر، منوجبه ڪيمپ-2 ۽ نوشڪي سيڪٽر ۾ غزنالي هيڊڪوارٽر تي به ڪامياب حملا ڪري انهن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو. انهن ڪيمپن ۽ هيڊڪوارٽرن ۾ موجود درجنين طالبان، فوجي ۽ خارجي به مارجي ويا. پاڪ فوج زوب سيڪٽر ۾ به هڪ اهم افغان چوڪي تي قبضي بعد پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو. حملي دوران چوڪي تي افغان طالبان جي هَموي بڪتربند گاڏيءَ کي به تباهه ڪيو. ڪرم جي سامهون جبلن جي چوٽيءَ تي افغان ٽينڪ جي هڪ پوزيشن کي به ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ افغان طالبان جا ڪيترائي ٽينڪ تباهه ٿي ويا. برابچه جي علائقي ۾ افغان طالبان جي ٻئي بٽالين هيڊڪوارٽر تي به حملو ڪيو ويو، جتان خوارج ۽ فتنه الهنـدستان جا دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ڪيا ويندا هئا. انهن حملن ۾ افغان طالبان ۽ خوارج کي گهڻو جاني ۽ مالي نقصان پهتو. پاڪستاني سيڪورٽي فورسن جو چوڻ آهي ته ڇنڇر تي رات کان خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ طالبان ۽ داعش پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي حملا شروع ڪيا، بلوچستان ۾ پشين ۽ زوب وٽان افغاني دهشتگردن پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام بڻائي وئي. چاغي ۾ بهرام چاهه جي چيڪ پوسٽ تي به حملو ڪيو ويو، جنهن جو بروقت جواب ڏئي دشمن کي وڏو نقصان پهچائي خاموش ڪرايو ويو. هوڏانهن قبائلي ماڻهن افغانستان کان خيبر پختونخواهه ۾ داخل ٿيندڙ دهشتگردن خلاف هٿيار کڻڻ جو اعلان ڪندي، پشتو ۾ هڪ آڊيو پيغام ۾ چيو ته اهي افغان دهشتگردن خلاف پاڪستاني فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهن. قبائلي ماڻهو چون ٿا ته وطن جو دفاع ڪرڻ اسان جو فرض آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته ان جو دفاع ڪيئن ڪجي. اسان دهشتگردن کي اڳ به سبق سيکاريو آهي ۽ هاڻي به انهن کي سبق سيکارينداسين. قبائلي ماڻهن موجب اسان پاڪستاني فوج سان گڏجي انهن جي نسلن کي تباهه ڪنداسين. هي وطن اسان جو آهي ۽ ان جو دفاع ڪرڻ اسان جو فرض آهي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ افغانستان جي اشتعال ڏياريندڙ ڪارروائين جي سخت مذمت ڪندي پاڪستاني فوج کي ان جي جوابي ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته کيس پاڪستاني فوج جي پيشه وراڻي صلاحيت تي فخر آهي. فيلڊ مارشل جي بي خوف قيادت ۾ پاڪستاني فوج افغانستان کي مناسب جواب ڏنو. پاڪستاني فوج ڪيتريون ئي افغان پوسٽون تباهه ڪيون ۽ انهن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو، پاڪستان جي دفاع تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، هر اشتعال انگيز ڪارروائي جو مڪمل ۽ اثرائتو جواب ڏنو ويندو، اسان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته ملڪ جي هر ڪنڊ جو دفاع ڪيئن ڪجي، پاڪستاني فوج هميشه هر قسم جي ٻاهرين جارحيت جو مناسب جواب ڏنو آهي. پوري قوم پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم موجب دهشتگرد تنظيمن کي افغانستان ۾ موجود عنصرن جي حمايت حاصل آهي. پاڪستان بار بار افغانستان کي اتي فتنه الخارج ۽ فتنه الهندستان بابت معلومات فراهم ڪئي آهي. انهن ماڻهن بابت معلومات فراهم ڪئي وئي جن افغان سر زمين تان پاڪستان خلاف ڪارروائي ڪئي. اميد آهي ته افغان حڪومت يقيني بڻائيندي ته سندس سر زمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿئي.

ٻئي پاسي ايران جي پرڏيهي وزير ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان تي زور ڀريو آهي ته هو تحمل جو مظاهرو ڪن. سعودي عرب جنهن سان تازو پاڪستان دفاعي معاهدو ڪيو آهي، تنهن پڻ ڌرين تي تحمل جي مظاهري لاءِ زور ڀريو. قطر جي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جي صلاح ڏني. ياد رهي ته هي جهڙپون اهڙي وقت تي شروع ٿيون، جڏهن افغانستان جو پرڏيهي وزير امير خان متقي هڪ هفتي جي دوري تي ڀارت پهتل آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير جئي شنڪر ڪابل ۾ پنهنجي سفارتي مشن جو درجو سفارتخاني تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اڃان تائين ڀارت افغانستان کي رياست طور باقائدا تسليم ناهي ڪيو. جڏهن ته افغان پرڏيهي وزير امير متقي ھندستان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جھڙپن تي ڳالھه ٻولھ ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گھڻا ماڻهو امن چاهين ٿا، پر ڪجهه حلقا لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته افغانستان پنهنجي علائقي ۽ خود مختياري جي دفاع لاءِ ضروري قدم کنيا، پنهنجا مقصد حاصل ڪيا ۽ قطر ۽ سعودي عرب جي درخواست تي آپريشن بند ڪيو. اسلامي امارات هميشه ڳالهين جي حق ۾ آهي، پر جيڪڏهن ضروري هجي ته اها پنهنجي خود مختياري جو ڀرپور دفاع ڪندي. هاڻي جيڪڏهن افغانستان سمجهي ٿو ته دهشتگردي ڪري پاڪستان تي غلبو حاصل ڪري وٺندو ته اها سندس ڀل هوندي. ياد رکڻ گهرجي ته کين پاڪستان جي بدولت آمريڪا ۽ روس کان نجات ملي آهي. هن وقت جنگي جنون اختيار ڪرڻ سان سمورن پاڙيسري ملڪن کي نقصان سان گڏ کين ئي نقصان ٿيندو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا هندستان جي معرفت مٿن بمباري ڪري سگهي ٿو.