ڊيجاوو- ڏندڪٿا يا ڳجهارت (تحقيقي مضمون)
ڇا ڪڏهن توهان سان ايئن ٿيو آهي ته توهان هڪ جڳهه تي ويا هجو ۽ محسوس ڪيو هجي ته ِهن جڳهه تي توهان پهرين به اچي چڪاآهيو، پر ياد ناهي ته ڪڏهن. ڊيجاوو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن توهان کي ڪنهن اهڙي صورتحال سان واقفيت جو احساس ٿيندو آهي، جنهن جو توهان کي اڳ ڪڏهن به تجربو نه ٿيو هو. مثال طور، توهان شايد پهريون ڀيرو ڪنهن نئين جڳهه تي گهمڻ وڃو ٿا ۽ محسوس ڪريو ٿا ته توهان اڳي به اتي وڃي چُڪا آهيو، يا توهان شايد ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي محسوس ڪيو ٿا ته توهان اڳ به بلڪل ساڳيا لفظ ٻڌا هئا. اهو ان کان اڳ به ڪنهن شيِءِ جو تجربو ڪرڻ جو هڪ احساس آهي، جيتوڻيڪ ايئن ممڪن ناهي يا حقيقت ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو هوندو آهي. جيڪڏهن اهڙو تجربو توهان کي ٿيو آهي ته ڳڻتي نه ڪريو اهو تجربو دنيا جي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ماڻهن کي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ضرور ٿيندو آهي ۽ بلڪل نارمل آهي. ان قدرتي نماءَ کي ڊيجاوو سڏيندا آهن، جيڪو فرانسيسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي “اڳ ۾ به ڏٺل”. ان جي پهريون ڀيرو کوجنا فرانسيسي فلسفي، تحقيقدان، ليکڪ ۽ پيراسائڪالوجسٽ اميل بويراڪ 1876 ۾ ڪئي. اهڙو احساس نه رڳو ڪنهن جڳهه ڏسڻ تي ٿيندو آهي، پر ڪنهن آواز، چهري ۽ سُڳنڌ تي گهڻو ڪري واقفيت جو اهڙو احساس ٿيڻ لڳندو آهي.
“ڇا ڪڏهن توهان سان ايئن ٿيو آهي ته توهان هڪ جڳهه تي ويا هجو ۽ محسوس ڪيو هُجي ته هِن جڳهه تي توهان پهرين به اچي چُڪا آهيو، پر ياد ناهي ته ڪڏهن. ڊيجاوو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن توهان کي ڪنهن اهڙي صورتحال سان واقفيت جو احساس ٿيندو آهي، جنهن جو توهان کي اڳ ڪڏهن به تجربو نه ٿيو هو”
اچو ته ڳولهيون ته اهو ڇا آهي ۽ ڇو ڪجهه ماڻهو ان جو تجربو ڪندا آهن. اهو هڪ اهڙو اهڃاڻ آهي جنهن تحت توهان محسوس ڪيو ٿا ته توهان اڳ به اهڙي ئي ڪنهن صورتحال مان گذري چُڪا آهيو، پر توهان کي ياد ناهي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي. جڏهن ته اها ڪيفيت ڪجهه ٿورڙن ئي لمحن تائين محسوس ٿيندي آهي. اهو واقفيت جو هڪ ڀُل وارو احساس آهي جيڪو توهان جو دماغ اُن وقت پيدا ڪري ٿو، جڏهن توهان جي دماغ جي ياداشت ۽ سڃاڻپ سان لاڳاپيل حصن جي وچ ۾ هڪ بي جوڙ نسبت پيدا ٿئي ٿي ۽ انهن حصن جي وچ ۾ ڪجهه بگاڙ پيدا ٿيندو آھي. تنهنڪري اسان جو دماغ اسان کي احساس ڪرائيندو آهي ته اسان پهريان به هي واقعو تجربو ڪيو آهي، پر اسان اهو ياد نه ڪري سگهندا آھيون ته اهو ڪھڙي موقعي تي ٿيو آهي. دماغ ۾ ياداشت ۽ سڃاڻپ جا اهي حصا اسان جي دماغ جي ٻنھي پاسي تي واقع آهن، جيڪي اسان کي لفظ، جڳهه، ماڻھوءَ، ٻولي ۽ ٻين جذبن جي ياد ڪرڻ ۽ سمجهڻ ۾ مدد ڪندا آهن. انھن حصن ۾ هر ھڪ جو ھڪ هپوڪيمپس آهي، جيڪو اسان جي يادداشت کي سانڍيندو آهي. ماهرن جي ان جي باري ۾ ڪابه هڪڙي راءِ ناهي ته ايئن ڇو ٿيندو آهي. ڪجهه ماهر چون ٿا ته دماغ جي سگنل ۾ هڪ جهٽڪو لڳندو آهي، مطلب ته توهان جون اکيون ان جڳهه کي نهاري رهيون آهن، انفارميشن دماغ کي اُماڻي رهيون آهن، جڏهن ته وچ ۾ توهان اهو سگنل وڃائي ڇڏيو ٿا يا شايد توهان جو ڌيان ڪنهن ٻي هنڌ هليو ويندو آهي، جڏهن ته انهيءَ دوران سگنل گهڻو اڳ ئي وڃي چُڪا هئا. اُهي يادگيري جو حصو بڻجي ويا آهن، هاڻي جيئن ئي سگنل واپس آيو توهان ٻيهر ان جڳهه کي نهارڻ شروع ڪيو ته ميموري ۾ موجود انهيءَ پيٽرن سان ملندڙ جلندڙ سمجهي، توهان کي اهو احساس ٿيو ته جيئن مون اڳ ۾ به اهو ڏٺو آهي. مطلب ته اهو سڀ ڪجهه ان ئي مهل ٿيندو آهي، پر سَمي جي ڪجهه ڀاڱي ۾ سگنل شارٽ ٿيڻ جي ڪري ايئن محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. ان موضوع تي هڪ مشهور ڪرائم مووي ڊيجاوو به ٺهي چُڪي آهي، جنهن ۾ پوليس آفيسر پنهنجي ماضيءَ ۾ وڃي ڪري ڪيس کي سُلجهائڻ جي لاءِ ٻيهر شين جو ڌيان سان مشاهدو ڪندو آهي.
ڊيجاوو جا قسم: تجربي جي نوعيت ۽ ڪارڻ جي لحاظ کان ڊيجاوو جا مختلف قسم آهن، جهڙوڪ ڊيجا ويڪو (اڳ ۾ رهي چڪو هجڻ)، ڊيجا سينٽي (اڳ به ايئن محسوس ڪري چڪو هجڻ)، ڊيجا وزٽي (اڳ ۾ به گهمي چڪو هجڻ)، ۽ ڊيجا اينٽينڊو (اڳ ۾ به ٻُڌل). هتي انهن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪيا ويا آهن:
ڊيجا ويڪو: هي ڊيجاوو جو سڀ کان عام قسم آهي. اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان کي ايئن لڳندو آهي ته تفصيلي طور تي توهان اڳ به ڪنهن واقعي ذريعي گذريا آهيو. توهان کي شايد بوءِ، آواز، يا جذبات ياد اچي سگهن ٿا. توهان کي شايد اهو ڄاڻڻ جو هڪ شديد احساس به ٿي سگهي ٿو ته اڳتي ڇا ٿيندو. ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته اها اڳڪٿي جي نشاني آهي، پر سائنسدانن جو خيال آهي ته اهو يادگيري جو بگاڙ آهي.
ڊيجا سينٽي: اهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن توهان کي ايئن لڳندو آهي ته توهان ساڳئي حالتن ۾ اڳ به اها سوچ يا ايئن محسوس ڪيو آهي، اهو توهان جي عارضي لوب سان لاڳاپيل آهي، جيڪا يادداشت ۾ شامل آهي. اِهو ساڳين جذبات جو فليش بيڪ ٿيڻ وانگر آهي. توهان شايد اهو اڳواٽ ڄاڻي سگهو ٿا ته ڪو ماڻهو ڇا چوڻ يا ڪرڻ وارو آهي. اِن قسم جو ڊيجاوو اڪثر ڪري مرگهي سان لاڳاپيل هوندو آهي.
ڊيجا وزٽي: هي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان محسوس ڪيو ٿا ته توهان اڳ به ڪنهن جڳهه جي ياترا ڪئي آهي، جيتوڻيڪ حقيقت ۾ توهان اهڙي ڪنهن جاءِ جي ڪڏهن به ياترا نه ڪئي هوندي آهي. توهان کي شايد ان جڳهه جي ترتيب، نشانين يا جڳهه جي تاريخ جو چٽو احساس ٿي سگهي ٿو. توهان شايد ان جڳهه سان واقفيت يا لاڳاپو محسوس ڪري سگهو ٿا. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اها ٻيهر جنم وٺڻ يا گذريل جيون جي نشاني آهي، پر سائنسدانن جو خيال آهي ته ان جو تعلق تخيل يا لاشعوي ياداشت سان آهي.
ڊيجا فيٽ: اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان کي لڳندو آهي ته توهان اڳ به اهڙو ڪجهه ڪيو آهي، جڏهن ته توهان نه ڪيو آهي. توهان کي بوريت، ورجاءَ، يا اڳڪٿي جو احساس ٿي سگهي ٿو. توهان شايد اهو به محسوس ڪري سگهو ٿا ته توهان کي پنهنجي ڪرمن تي ڪوبه ڪنٽرول ناهي. هن قسم جي ڊيجاوو جو لاڳاپو اڪثر ڪري دٻاءُ، ٿڪاوٽ يا معمول سان ڳنڍيل آهي.
ڊيجا اينٽينڊو: اهو تڏهن ٿيندوآهي جڏهن توهان کي لڳندو آهي ته توهان اڳ به اهڙو ڪجهه ٻڌو آهي، جڏهن ته توهان اهڙو ڪجهه پهرين نه ٻڌو آهي. توهان کي سڃاڻپ، حيرت، يا مونجهاري جو احساس ٿي سگهي ٿو. جيڪو توهان ٻڌو هجي ان کي سمجهڻ يا ياد ڪرڻ ۾ توهان کي ڏکيائي ٿي سگهي ٿي. هن قسم جو ڊيجاوو اڪثر ڪري پريشاني، لاپرواهي، يا شين جي هڪجهڙائي جي ڪري ٿيندوآهي.
ڊيجاوو جا ڪارڻ: ڊيجاوو جي ڪارڻ جي باري ۾ انيڪ نظريا ۽ تجزيا آهن، پر انھن مان ڪنھن ھڪ تي متفق نٿو ٿي سگھجي ته اهو ڪيئن ٿيئي ٿو. اهو احساس ڪنھن مھل بيماري يا هاڃي جو اھڃاڻ ٿي سگهي ٿو، جيڪو اسان جي دماغ يا اعصابي نظام کي متاثر ڪري ٿو. مثال طور، مرگھي ۽ شيزوفرينيا جي مريضن ۾ ڊيجاوو جو تجربو ڪنھن وقت وڌيڪ ٿئي ٿو يا اسان جي ياداشت جي عمل ۾ ڪنھن نه ڪنهن قسم جو بگاڙ يا شين جي وچ ۾ بي ترتيب هڪجهڙائي کي شامل ڪري ٿو. مثال طور، هڪ نظريو ٻڌائي ٿو ته ڊيجاوو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن توهان جو دماغ تمام گهٽ وقت ۾ ٻه ڀيرا ڪنهن شيِءِ کي محسوس ڪري ٿو، پر شعوري طور تي پهرين تاثر کي سڃاڻڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿو. هڪ ٻيو نظريو ٻڌائي ٿو ته ڊيجاوو تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن توهان جو دماغ ڪنهن يادگيري جي ماخذ کي مُنجهائي ڪري پيش ڪري ٿو ۽ اُن کي غلط وقت يا جڳهه سان لاڳاپو ڏيکاري ٿو. ڊيجاوو جي ڪجهه ممڪن ڪارڻ ۾ دٻاءُ يا ڳڻتي، ٿڪاوٽ، منشيات، مرگهي يا ٻيون نيورولوجي جون حالتون شامل آهن. ڊيجاوو غير معمولي نه آهي ۽ عام طور تي اجايو ٿيندو آهي، پر ڪجهه ماڻهن جا ويچار آهن ته ڊيجاوو جو لاڳاپو اڳوڻي جنم يا پوروڇوٽ برهمانڊ يعني ملٽيورس سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو ۽ اهو هڪ پوروڇوٽ حقيقت يا پنهنجي پاڻ ڪنهن ٻئي روپ جي پرت جي هڪ جهلڪ جو تجربو محسوس ڪرڻ تي ٿي سگهي ٿو. بهرحال، ان خيال لاءِ ڪوبه سائنسي بنياد يا ثبوت نه آهي، ۽ اهو ممڪن آهي ته اهو تخيل يا تصور (فينٽسي) جي اُپت آهي. برهمانڊ جي گهڻائي وارو نظريو (ملٽيورس) ۽ ڊيجاوو ٻئي قدرتي نماءُ جا دلچسپ موضوع آهن، پر اهي هڪ ٻئي سان سڌو سنئون ڳنڍيل يا بيان ڪيل نه آهن.
پور وڇوٽ برهمانڊ ۽ ڊيجاوو: پوروڇوٽ برهمانڊ (ملٽي ورس) هڪ فرضي تصور آهي، جيڪو انيڪ برهمانڊن جو وجود تجويز ڪري ٿو. هر هڪ پنهنجي فزيڪل قانونن ۽ گڻن سان ان ڳالهه جو ڪوبه قطعي جواب نٿو ملي ته ملٽي ورس موجود آهي يا نه، ڇاڪاڻ ته اهو وگيانڪ ڪلپنا ۽ فلسفي چرچا جو معاملو آهي. ڪجهه طبيعيات دانن ۽ ڪاسمولاجسٽن ان جي وضاحت ڪرڻ لاءِ مختلف نظريا ۽ ماڊل پيش ڪيا آهن ته ڪيئن پوروڇوٽ برهمانڊ (ملٽي ورس) فزڪس جي مختلف پهلوئن جهڙوڪ انفليشن، ڪوانٽم ميڪانڪس، اسٽرنگ ٿيوري ۽ بليڪ هولز مان پيدا ٿي سگهي ٿو. بهرحال، ان مفروضي جي پٺڀرائي يا ان کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪابه حتمي ثابتي يا مشاهدو نه آهي ۽ ڪجهه نقاد اها چرچا ڪن ٿا ته اهو سائنسي نه، پر هڪ مابعد الطبيعياتي سوال آهي.
جيڪڏهن توهان ڊيجاوو کي گهڻو يا شدت سان محسوس ڪيو ٿا ۽ ڪنهن به ڳمڀير بنيادي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر يا نيورولوجسٽ سان مشورو ڪري سگهو ٿا. ٻي صورت ۾ توهان هن عجيب احساس جي ڳُجهه ۽ اچرج مان آنند وٺي سگهو ٿا، جيڪو توهان کي پنهنجي وجود جي حقيقت تي سوال جو نشان لڳائي ٿو.
(ليکڪ آزاد علم جو اُتساهيندڙ، سنڌي وڪيپيڊيا منتظم، ميٽاپيڊين، سنڌي ترجميڪار، اگنان وادي ۽ آزاد ويچار رکندڙ آهي.)