“بايو فلاڪ” جديد فش فارمنگ
جيڪڏهن سنڌ صوبي ۾ مڇي جي پرائيويٽ طريقي سان پالنا جي ڳالهه ڪنداسين ته انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان گذريل ڪجهه سالن اندر مڇيءَ جي جديد پالنا طرف رجحان وڌي ويو آهي. تلاءَ ۾ مڇي پاليندڙ اڳ جي نسبت ۾ سائنسي ۽ جديد طريقا استعمال ڪري ٿو جنهن ۾ مڇي جي پالنا ننڍن ننڍن تلائن ۾، هڪ ئي وقت مڇيءَ جا مختلف قسم رکڻ ۽ هٿرادو خوراڪ ڏئي ٿوري وقت ۾ مڇيءَ جي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪن ٿا، ننڍيون هيچريون ٺاهي مڇي جو ٻيجارو وڪرو ڪن ٿا.
حقيقت ۾ ڪجهه ڏهاڪا پهرين جڏهن مڇيءَ جو هٿرادو طريقي سان ٻيجارو پيدا ڪرڻ لاءِ هيچرين ۾ نر ۽ مادي مڇيءَ کي “اواپرم” انجيڪشن مارڪيٽ ۾ آئي ۽ مڇي جي ٻيجاري کي تلاءُ ۾ واڌ لاءِ ۽ صحتمند رکڻ لاءِ هٿرادو خوراڪ ۽ وٽامنس وغيره استعمال ٿيڻ شروع ٿي ته مڇيءَ جي مختلف قسمن جو ٻيجارو حاصل ڪرڻ (جيڪو اڳ ۾ صرف ڍنڍن ڍورن ۽ ڪئنالن مان ملندو هو) ۽ مڇيءَ کي تلاءَ ۾ جلدي واڌ ڪرڻ لاءِ هٿرادو خوراڪ جي استعمال سان پرائيويٽ سيڪٽر ۾ هڪ انقلاب اچي ويو. هن سلسلي ۾ سنڌ فشريز کاتي طرفان سستو ۽ صحتمند مختلف قسم جي مڇين جو ٻيجارو پڻ عام فارمرز کي ملي رهيو آهي. جيئن اڳ ۾ عرض ڪيو ويو ته ڪيترا سال پهرين سنڌ ۾ مڇيءَ جي تلاءَ ۾ پالنا دوران وڏا وڏا تلاءَ هوندا هئا جن ۾ صرف هڪ يا ٻن قسمن جي مڇيءَ جي پالنا ڪئي ويندي هئي جنهن ڪري اها گهربل پيداوار حاصل نه ٿي سگهندي هئي. ٻئي طرف گهٽ سائنسي ۽ جديد ڄاڻ ۽ طريقا نه استعمال ڪرڻ سبب تلاءَ ۾ مڇي پاليندڙن کي نقصان پوندو هو.
هاڻ جيئن ته جديد ۽ سائنسي انداز ۾ مڇي پالڻ جو دور آهي انهيءَ ڪري ضروري آهي ته فشن فارمنگ ڪندڙ انهن جديد طريقن مان فائدو وٺن جنهن تحت ٿوري جڳهه ۽ ٿوري پاڻيءَ ۾ ڪنهن وڏي ڍنڍ، درياهه يا ڪئنال وغيره ۾ ڪيچ ڪلچر يا ٻين تحت مڇي پالڻ، خراب پاڻيءَ کي ري سرڪيوليٽ ڪري انِ ۾ مڇي جي پالنا ڪرڻ ۽ مڇي سان گڏ سبزين، بدڪن، ڪڪڙين يا جانورن جو گڏ گڏ رکڻ شامل آهي.
اڄ هتي اسان مڇيءَ جي جديد طريقن مان هڪ طريقي جنهن کي “بايو فلاڪ” چئجي ٿو ان بابت مڇي پاليندڙ کي ڄاڻ ڏيون ٿا. ٿوري جڳهه ۽ گهٽ پاڻيءَ ۾ مڇي پالڻ جي هن طريقي موجب مختلف قسم جي مڇين يا کاري ۽ مٺي پاڻيءَ جي جهينگن کي ٿوري وقت ۾ وڌ ۾ وڌ هٿرادو خوراڪ ڏئي وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي. ياد رهي ته بايو فلاڪ سسٽم تحت مڇي يا جهينگن پالڻ جو هيءَ طريقو سنڌ جي ڪوسٽل جي علائقن جهڙوڪ: ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. خاص ڪري جيڪڏهن هن ۾ مڇي پالڻ بجاءِ جيڪڏهن سامونڊي/کاري پاڻي يا مٺي پاڻي جا جهينگا پاليا وڃن ته بايو فلاڪ اصل ۾ انگريزي ۽ ٻن لفظن “بايو” يعني جاندار جن ۾ ڊاءِ پٽم، مختلف قسم جا مڇي جا کائيندڙ بئڪٽرياز وغيره شامل هوندا آهن.
مڇي پالڻ جي هن جديد ۽ سائنسي طريقي موجب 10×5 يعني ڏهه فوٽ گول دائري ۾ پنج فوٽ پاڻي سان) 20×5 يا 50×5 جي گول دائرن واري هٿ جي ٺهيل ڪنهن ٽينڪ وغيره ۾ چئن مڇي جي مختلف قسمن يا جهينگن وغيره کي پاليو ويندو آهي. ياد رهي ته جيڪڏهن هن طريقي موجب مڇي جي مختلف قسمن کي پالجي ته ان لاءِ مڇي جي ٻيجاري جي سائيز 5 کان 6 انچ هجڻ ضروري هوندي آهي، پوءِ مڇي يا جهينگي کي ان ڪنٽرول سسٽم آڪسيجن جي سپلاءِ ڏئي هٿرادو طريقي سان ٺهيل “بايو فلاڪ” جو کاڌو جيڪو مٿي ڏنل آهي اهو ڏنو ويندو آهي، جيڪي مڇي يا جهينگا کائي ٿوري وقت ۾ جلدي واڌ ڪندا آهن. کاڌ خوراڪ لاءِ هن طريقي ۾ هٿرادو خوراڪ پڻ ڏئي سگهجي ٿي، پر اهو خيال رکڻو پوندو ته خوراڪ ايتري ڏجي جيتري مڇي يا جهينگا استعمال ڪري سگهن ۽ تري ۾ خوراڪ بچي نه پوي. جيڪڏهن بايو فلاڪ جي تري ۾ خوراڪ بچي پوندي ته اها زهريلا مادا جهڙوڪ؛ امائينو ايسڊ ۽ نائٽريٽس وغيره پيدا ڪندي جيڪا مڇي يا جهينگن جي واڌ تي نه صرف ناڪاري اثر ڪندي، پر انهن کي بيمار ڪري يا ماري به سگهي ٿي.
بايو فلاڪ جديد ماهيگري جو اهڙو طريقو آهي جنهن تحت اسان ٿوري پاڻي ۽ گهٽ جڳهه ۾ ڪنٽرول قسم جي طريقي سان مڇي يا جهينگا پالي هڪ ٻن ايڪڙن جيتري پيداوار حاصل ڪري سگهون ٿا. هن سسٽم ۾ اسان بايوفلاڪ جي سائيز موجب 500 کان 20000 مڇيون يا جهينگا پالي سگهون ٿا. جيئن ته مڇي يا جهينگا پالڻ جو هيءَ طريقو ڪنٽرولڊ آهي، انهي لاءِ ضروري آهي ته روزانو پاڻي جي چڪاس ڪجي جنهن ۾ پي ايڇ، پاڻيءَ جي تيزابيت، پاڻي ۾ حل ٿيل ناڪاري جزا ۽ تري ۾ بچيل خوراڪ لاءِ احتياط ڪرڻ لازمي آهي. جديد ماهيگريءَ جي طريقن مان هيءَ بايو فلاڪ طريقو خاص ڪري سنڌ ۾ بيروزگار نوجوانن يا سائيڊ بزنس ڪندڙن لاءِ اهم ۽ روزگار جو هڪ بهترين طريقو آهي. هن طريقي موجب جهينگا يا مڇي پالڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن کي شوق هجي ۽ ڪا رهنمائي وٺڻي هجي ته حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر فشريز سنڌ هيچريز لڳ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج سان يا پنهنجي ضلعي ۾ موجود فشريز آفيس سان رابطو ڪري. بايوفلاڪ سسٽم تحت اوهان پنهنجي گهر جي ڇت، ڪنهن ڪاروباري جاءِ، اوطاق يا پنهنجي زرعي زمين ۾ پڻ مڇيءَ يا جهينگي جي پالنا ڪري نه صرف پنهنجي گهر جي ضرورت لاءِ مڇي حاصل ڪري سگهو ٿا، پر ان کي مارڪيٽ ۾ کپائي ناڻو به ڪمائي سگهو ٿا. بايو فلاڪ جو تيار ٿيل ماڊل پڻ ڪجهه لکن جي ٿوري سيڙپ سان ٺهيل به ملي سگهي ٿو يا جيڪڏهن ڪنهن دوست کي تيار ٿيل بايوفلاڪ وٺڻ جي وصيت ناهي ته اهو سيمنٽ ۽ سرن وغيره يا ڪچي مٽيءَ مان عام تلاءَ وانگر به ٺاهي سگهي ٿو. هن جي ڊزائن ۽ سائيز اوهان تي منحصر آهي ته اوهان ڪيتري سيڙپ ڪري سگهو ٿا. دير نه ڪريو پنهنجي قيمتي وقت وڃائڻ بجاءِ ماهيگيريءَ جي فش ڪلچر جي هن جديد طريقي مان فائدو حاصل ڪريو.