بلاگنئون علم، ادب ۽ سگھڙائپ جو نشانبَرُ: فقير ميانداد سيلاني چانڊيو June 7, 2024 Zahida Abro ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ اھڙي شخص جي آمد ٿيندي آھي، جنهن جي اثر هيٺ زندگيءَ جو نقشو ئي بدلجي ويندو آهي. سوچڻ جو نظريو، ڳالهائڻ جو انداز تان جو زندگيءَ جو مقصد به مٽجي ويندو آھي. اتفاق سان منھنجي به زندگيءَ ۾ هڪ اھڙي شخص جي آمد ٿي، جنھن جي اثر ھيٺ آئون به علم ۽ ادب ڏانھن مائل ٿيس. مون کي ياد آھي ته جڏهن آئون ڪِڊس پبلڪ اڪيڊمي قاضي احمد جي هڪ خانگي اداري ۾ 9000 ھزارن جي معاوضي تي بطور ھڪ استاد جي پڙهائيندو هئس ته مون کي پنهنجي ھڪ ٻالڪي غلام عباس چانڊيو ڪال ڪري عرض ڪيو ته سائين مھرباني ڪري اسان جي ٻارن کي ھوم ٽيوشن پڙھايو. ان وقت پنھنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رھندو هئس، سو ھن جي ڪيل آڇ تي مون حامي ڀري. ٻئي ڏينهن ھن سان گڏ آئون ھن جي ڳوٺ ويس، جيڪو لڳ ڀڳ پنجن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ھو. جيئن ئي اوطاق نما ڪوٽ ۾ داخل ٿيس ته منهنجي نگاھ اڇي ڏاڙهي سان گيڙو ويس پھريل، ھٿ ۾ لڪڻ کنيل، جيڪو پکين کي داڻو ڏيئي رھيو ھو، ان شخص تي پئي. سلام ورائي مليس ته سندس چھري مان سمنڊ جي سِپ ۾ لڪل موتيءَ جھڙي چمڪ نروار ٿي رھي هئي. تعارف ڪرائڻ کانپوءِ خبر پئي ته جنهن صوفي صفت شخصيت فقير ميانداد چانڊيو سيلاني جون ڳالھيون شھر ۾ اڪثر دوستن کان ٻڌندا رھندا هئاسين، اھو اڄ منهنجي اکين آڏو موجود آھي. فقير سان منهنجي اھا پھرين ملاقات هئي، ان کانپوءِ ھر روز ٻارن کي پڙهائڻ کانپوءِ فقير سان ڪچھري ٿيندي رھندي هئي. فقير جي ڪچھري ۾ ايڏو ته سُرور ايندو ھو، جو ٻئي ڏينهن ٿيڻ جو انتظار رھندو ھو. فقير سائين سان هر روز ملڻ سان ڪجھ نئون ٻُڌڻ ۽ سِکڻ وٽان ملندو ھو. فقير سائين جو والد محترم دائم خان، شاھ صاحب جي شاعريءَ جو وڏو پارکو ھو ۽ ڀلوڙ اديب ۽ سگھڙن سان سندس رھاڻيون اڪثر ٿينديون رھنديون ھيون، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻيڙو فقير ڪنڀار ۽ ٻيا کوڙ سارا معزز اچي وڃن ٿا. پنهنجي والد محترم جي صحبت ۾ اھڙين شخصيتن سان ملاقاتون ڪرڻ کانپوءِ فقير کي به شاھ صاحب سان حُب، چاھت ۽ عشق ٿي ويو، جو پاڻ به اڄ شاھ جي رسالي جو ياد حافظ آھي. فقير سائين سان ملڻ کانپوءِ ئي پرک پئي ته علم ۽ ادب ڇا آھي؟ اسان جي ٻولي ڪيڏي نه وسيع ۽ ذرخيز آھي. حيرانگي ته ان وقت ٿي، جڏهن مون فقير کان سندس تعليم بابت سوال ڪيو ته جواب ڏنائين ته فقط ھڪڙو درجو پڙھيو آھيان. آئون سندس جواب ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويس ته فقير جھڙو شخص جيڪو علم جو اھو سمنڊ آھي، جيڪو بي ڪنار آھي، لا ساحل آھي ۽ اسان ان جي آڏو بلڪل واريءَ جي ذري مثل آھيون. فقير اڪثر ڪچھريءَ ۾ موقعي ۽ مناسبت سان شاھ صاحب جو ڪو نه ڪو بيت ضرور پڙھندو ھو. ھڪ ڏينهن فقير پنهنجي شاعري پڙھڻ لاءِ پيش ڪئي، پوءِ خبر پئي ته فقير ھڪ بھترين صوفي شاعر پڻ آهي. فقير جي شاعري ان وقت ڪنهن ڪتابي صورت ۾ موجود نه هئي. مون فقير کي عرض ڪيو ته توهان پنهنجي شاعري منهنجي حوالي ڪيو ته انهن لاڪ ڊائون وارن ڏينهن ۾ آئون توهان جي شاعريءَ کي سھيڙي، ترتيب ڏئي ۽ ڪمپوز ڪري ڏيان ته جيئن توھان پنهنجو ڪلام شايع ڪرائي سگھو. فقير سائين منهنجي گھڻي اصرار تي ها ڪئي ۽ اھو ڪتاب مون فقط پنجويهن ڏينهن جي اندر مڪمل ترتيب ڏئي، جوڙي فقير سائين جي حوالي ڪيو، جيڪو اڄ ڪتابي صورت ۾ موجود آھي، جنهن جو عنوان فقير ميانداد سيلاني چانڊيي جو ڪلام “ڪڇان سڙن ڪاف” آھي. فقير سائين جي شاعريءَ جا اھم موضوع فطرت، رومانيت، تصوف ۽ انساني پيڙائون آھن. فقير ميانداد کان اڪثر پنهنجي باري ۾ ڪو نه ڪو سوال ڪندو رھندو هئس. ھڪ ڏينهن سوال پڇيم ته پنهنجي زندگيءَ جو ڪو يادگار واقعو ٻڌايو ته فقير سائين ھي واقعو پيش ڪيو: آئون دبئي ۾ انجڻيون ٺاھڻ جو ڪم ڪندو هئس ته اتي ڪجھ دوستن سان گڏجي حج ڪرڻ جي صلاح جوڙيسين، سڀني حامي ڀري. سن 1961ع ڌاري دبئي کان لانچ ذريعي “قبين جي بندر” تائين چوڏھن ڏينهن جو سفر ھو. ست ڏينهن سفر ۾ تمام بھترين گذريا، اٺين ڏينهن صبح جو 7:00 وڳي اچانڪ تيز ترين ۽ خطرناڪ طوفان شروع ٿي ويو، جيڪو ڏسندي ڏسندي خطرناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ روپ اختيار ڪري ويو، سمنڊ جي ڇولي لڳ ڀڳ 30 کان 40 فوٽ جي ٿي وئي، اسان سڀني ڪلمو پڙھڻ شروع ڪيو، پر شاھ صاحب جي بيت جيان: ناکئيو نگھبان، مُعلم مُنجي خبرون، جن ساري کنيو، سمونڊ ۾ سفر جو سامان، لطف ساڻ لطيف چئي، تن لنگهئيو طوفان، سنڀاري سبحان، وڃي عدنئيون اڪريا. طوفان تقريبن منجھند 2:00 وڳي جھڪو ٿيو، ڪجھ دير ۾ ڪنارو ٿورڙو ظاھر ٿيو، لانچ ڪناري ويجھو آڻي، اسان کي لانچ تان اڇلائڻ شروع ڪيائون. اهو تمام خطرناڪ منظر ھو. آئون ٿورو گھڻو تارُو هئس، ھٿ پير ھَڻِي ڪناري تي رسيس، پر اھو منظر نٿو وسري ته انھيءَ ٻيڙي ۾ ھڪ ماءُ ۽ ڌيءَ، جيڪي ھڪٻئي کي ڀاڪر ھنيو ويٺيون ھيون، اھي منهنجي اکين آڏو ٻڏي ويون ۽ ڪجھ پيرسن به بي ڪفن ٻڏي ويا ۽ حقيقي پرور سان ملاقاتي ٿيا. ڪناري کان ستاويھه ڏينهن پيادل سفر ڪرڻ کانپوءِ قبين جي بندر تي پھتاسين. رِدومُ شھر پھچڻ کان اڳ ھڪ کوھ وٽ ترسياسين، ٻيا رفيق نه ترسيا، اھي اڳتي نڪري ويا. مون سان گڏ سفر ۾ ٿيل دوست اتي ترسي پيو. ڪجھ ئي دير ۾ ٻه ھٿياربند بَدُو پھتا ۽ اسان کان ھر شيءِ ڦُر ڪري ويا، ايتري قدر جو سفر جو سَمرُ ۽ ثَمرُ به ڦر ڪري ويا. ڏٿ گھڻائي ڪن، ان اورانھن ڏيھ جو، سندا کاھوڙين، پري سجھن پيچرا. اتان کان ٿورو اڳتي وڌي جبل اورانگھيوسين ته ٻه سرڪاري گاڏيون بيٺل نظر آيون، جيئن ئي اسان تي نگاھ پين ته اسان کي گُھرائي پڇاڻو ڪيائون ته سمورو احوال ٻڌايوسين. احوال ٻڌڻ سان ئي اسان کي اتي ترسڻ لاءِ چيائون ۽ پاڻ گاڏيون ڪاھي روانا ٿي ويا. ڪجھ ئي دير ۾ ٽن بَدُن کي گرفتار ڪري آيا، جن اسان کي پنھنجو ڦُر ڪيل سڄو سامان واپس ڪيو. ان کانپوءِ اسان کي پنهنجي گاڏين ۾ رِدومُ شھر ۾ ڇڏيائون ۽ اسان پنهنجو سفر جاري رکيو. سمورو يمن جھاڳڻ کانپوءِ آخر سعودي عرب جي بارڊر وٽ پھتاسين ته رمضان جو چنڊ به نظر اچي ويو. سپاھي مليا، پر رمضان جي احترام جي ڪري اسان کي ڇڏي ڏنائون. ڪجھ ئي ڏينهن ۾ جِيزانَ جو شھر اچي ويو. ھڪڙي رات جِيزانَ ۾ ترسياسين. ٻن ڏينهن جي سفر کانپوءِ اچانڪ هوائي فائرنگ شروع ٿي وئي، چار ھٿياربند کوھ جي ڀرسان بيٺل هئا، اڳتي وڌي سُڌ ورتيسين ته خبر پئي ته کوھ ۾ ڏاچي ڪِرِي پئي هئي، اھا فائرنگ ماڻھن کي آگاھي ڏيڻ جو ھڪ اشارو ھو، ڪجھ ئي منٽن ۾ ڪافي تعداد ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويا، سڀني گڏجي ڏاچيءَ کي ٻاھر ڪڍيو، پر ڏاچيءَ جو ڪنڌ ڀڳل ھو، جنهن ڪري اتي ئي ذبح ڪيائون. اسان کي رات ترسڻ جي دعوت ڏنائون ته ترسو ۽ گوشت کائي پوءِ وڃجو، پر اسان معذرت ڪري سفر کي جاري رکيو. ھڪ مھيني ۽ ڪجھ ڏينھن جي ڪٺن سفر کانپوءِ مڪي پھتاسين. حج جو وقت قريب ٿيو ته حج به ادا ڪيوسين ۽ مديني جون زيارتون به ڪيوسين. ھاڻي واپس به وڃڻو ھو، پر نه سامان ھو نه ئي وري پئسو ھو، ان وقت دبئي فري پورٽ ھو، ان ڪري پاڻ کي پوليس جي ھٿان گرفتار ڪرايوسين. انهن مڪي مان کڻي اسان کي “الخُبر جيل” ۾ رکيو. جتان گورنمينٽ اسان کي لانچ ذريعي دبئي روانو ڪيو. شاھ صاحب جي بيت جيان: ڏونگر منجھ ڏٽيون، صبح ٻريون سڃ ۾، سڀ وسائي وري آيا، سنديون پٻ پٽيون، جي گھميا حق گھٽيون، تن ڏسڻ ٿيو ڏوٿين. دبئي ۾ تيرهن سال رھڻ کانپوءِ گھر واپسيءَ جو ارادو ڪيو، لانچ ۾ سفر ڪري گوادر بندر تي لٿس. دبئي مان مِٽن مائٽن لاءِ سوکڙيءَ طور جهجهو سامان خريد ڪيو، جنهن ۾ ڪپڙا، ٽيپ، ريڊيا، گھڙيون ۽ پرفيوم هئا. ڪراچي پھچڻ تائين فقط تن تي پھريل ڪپڙا بچيا، باقي سڀ سامان اسان جا جانباز ۽ بھادر سپاھي کسي ويا. واپس سنڌ ۾ پھچڻ کانپوءِ خواهش جاڳيم ته لطيف جي سھڻيءَ سنڌ کي چڱي نموني گھمان ۽ پرکيان، جيڪا اڄ سوڌو جاري آھي. فقير سائينءَ جو اولاد پڻ نيڪ صالح ۽ اٿي ويٺيءَ ۾ فقير سائينءَ جو عڪس آهي. سندس ٻه پٽ رضوان علي ۽ ڪامران علي پڙهيل ڳڙهيل، بااخلاق ۽ صوفي راڳ رنگ سان رڱيل آهن، جيڪي بيحد سريلا ۽ ناميارا فنڪار پڻ آهن. سندس هڪ نياڻي پوليس ۾ گولڊ ميڊلسٽ پڻ آهي. فقير سائين جي پنهنجي ثقافت سان محبت جو نشان سندس ڳوٺ ۾ قائم ڪيل ميوزيم جيڪو فقير سائين پنهنجي ذاتي ڪاوشن سان جوڙيو آھي، جنهن ۾ پنهنجي ثقافت جي ذري پرزي سان عشق جي انتھا نظر اچي ٿي، خاص طور تي ھر ثقافتي اوزار ۽ نادر شين مٿان ان جي مناسبت سان شاھ صاحب جو ڪو چونڊيل بيت به لکيل آھي. دبئي مان واپسي کانپوءِ 1978ع کان سنڌ جي ثقافت متعلق کيس جيڪي به شيون سفر دوران مليون، اھي سنڀاليندو رھيو، جيڪي اڄ قاضي احمد شھر کان پنج ڪلو ميٽر اولھ طرف ڏيڙان روڊ تي ڪوٽ فقير ميانداد چانڊيو اندر ھڪ خوبصورت ميوزيم جي صورت ۾ ھر وقت عام ماڻهن جي تفريح لاءِ رکيل آھن. سنڌ جون تقريبن سڀ ثقافتي شيون هن ميوزم ۾ رکيل آهن. اتي پراڻا ساز، سامان، ڪنڀارڪا، لوهارڪا، ڊکڻڪا ۽ ڪورڪا اوزار ۽ سامان موجود آهن. ڀٽائي سائينءَ جي شاعريءَ ۾ آيل سامان ۽ اوزار پڻ اتي ملندا. سنڌ جا ڪيترائي ناميارا سُگهڙ، اديب، ڏاها ۽ مختلف سياسي، سماجي ۽ علمي شخصيتون اهو تاريخي عجائب گهر گهمي چڪيون آهن. ان کان علاوه ان ميوزيم ۾ فقير سائينءَ ھڪ لائبريري پڻ قائم ڪئي آهي، جنهن ۽ هزارين ناياب، نادر ۽ املھ ڪتاب موجود آهن. فقير سائين پاڻ سنڌ جا ڀلوڙ سگهڙ پڻ آھن. هر سال پاڻ مچ ڪچهري ڪرائيندا آهن، جنهن ۾ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان مختلف فِڪر جا ماڻهو ڪَهِي ايندا آھن. ھو پاڻ سگهڙن جي سنڌ سطح جي تنظيم “سلاوا” جا گذريل ڪيترن ئي سالن کان سرواڻ آھن. فقير ميانداد سيلاني چانڊيو جھڙا بي لوث ۽ کاھوڙي ڪردار جس لھڻن جيڪي سنڌي ادب ۽ ثقافت جي بي بھا خزاني ۾ پنھنجي وس آھر حصو پتي ڏيندا رھن ٿا. *** Post Views: 137