بلاگنئون

ادب جو مقصد ۽ اديب جو ڪردار

سنڌي سماج جيان سنڌي ادب پڻ بُحران جو شڪار رھندو آيو آهي، خاص ڪري تخليق ۽ تنقيد جي معيار جي حوالي کان. نه رڳو ايترو پر اھو پڻ سوال اٿاريو ويو آهي ته ڇا اديب جو نظرياتي ھئڻ لازمي آهي يا ھو پنھنجي زندگي، سوچ، فڪر ۾ ڪنهن به نظريي جي حوالي کان ان جو پابند ناهي. اديب جي ڪردار ۽ ادب جي معيار جو مسئلو پڻ نھايت ڳنڀير رهيو آھي. جتي دنيا جي سمورن ترقي ماڻيل ۽ سڌريل ملڪن ۽ انهن جي ادارن اندر مقابلي ۽ معيار کي وڌ کان وڌ ترجيح ۽ اوليت ڏني پئي وڃي اتي اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ جڙتو قسم جا ۽ نااهل ماڻهو سياسي بنيادن تي ادارن ۾ ڀرتي ڪري اسان جي ادارن کي غير معياري ۽ غير فعال بڻايو ويو آهي. اسان جو سماج ڀڄي ڀري رھيو آهي. ان جا ڪي به مثبت قدر نه بچيا آهن. اسان جا معيار بنھ بدلجي رھيا آھن، تمام وڏي تيزيءَ سان.. ڪٿي آهي رشتن ۽ ناتن جو ڀرم…؟ سمورا آداب ۽ اطوار، ڏسڻ جا ڍنگ ۽ رنگ گهڻو مختلف ٿي ويا آهن. اسان بنا نظريي زندگي گهاري رھيا آھيون. ھڪ ٽٽل تاري وانگي پنهنجي محور کان گھڻو پري بي انت خلا ۾ قلابازيون کائيندي؛ پنهنجو پاڻ تڪراري بڻيل، وساڻيل، وٽ کاڌل، اڌورا اڌورا… ڪٿي ڪو دڳ، ڪو پيچرو، مارڳ ۽ ماڳ نه آهي، ائين پيو لڳي ڄڻ اسان اجايو جيءُ رھيا آھيون. خوش فھمي ۽ خود فريبي جي ڄار ۾ ڦاٿل، لاوارث ۽ لاچار، بيڪار ۽ بيقرار، آنڌ مانڌ جي گرداب ۾ گهوماٽيون پيا کائون، ڪھڙي پاپ جي پيڙا پئي ملي، رڳو اوندهه ئي اوندهه آهي، روشنيءَ جي تلاش ۾ خواب زخمي ٿيا آهن، رت ٺينڍيون ٿي، چوئڪا ڪريو ديوارن تي احتجاج درج ڪرائي پيو من دردن جو درمان ٿي پئي. ڪاميو جي سسي فس وانگي ڳھر ۾ ڳھندا، ڪنجهندا ۽ ڪُرندا رھون ٿا، مطلق غلامي مان ڇوٽڪارو ماڻڻ لاءِ… پر ڪٿي آهي دوامي نجات، ھميشه جي لاءِ ڇوٽڪارو، پاپ جي پيھ کان آزاد ھڪ خوبصورت ۽ سرڳ جهڙي خوشين سان ڀرپور زندگي. اسان مادي شين جي حاصلات پويان ائين ڊوڙي رهيا آهيو جو ان ڊڪ ڊوڙ ۽ گوءِ ۾ پنهنجو پاڻ کان کسڪندا پيا وڃون..!؟ اسان “وجودي بُحران” جي ور چڙھندي اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ائبنارملٽي، بي راهه روي ۽ خود فريبي ھر جيءَ کي جنجهوڙي ڇڏيو آھي. ڪٿان به اُميد جو ڪرڻو، ڪو آسرو ۽ ڏڍ نظر نه پيو اچي. اسان ھڪٻئي جي لاشن کي لتاڙي خسيس خواھشن جي پورائي لاءِ پاڻ ھرتڙيائي ۾ پورا آهيون. انصاف جي ڪٽهڙي ۾ يگن کان سپنا ٽياس تي ٽنگيل آهن. آس نراس جي رُڃ ۾ ھرڻ ھٺيلن وانگي ڇو پيا جيئون، ڇا لاءِ ٿا جيئڻ جا نوان جتن ڪريون؟ انيڪ سوال ۽ ويچار ڌارائون اڳيان اُڀري من ۾ پيا ولوڙا پئدا ڪن. اھڙين ائبنارمل ۽ غير يقيني وارين حالتن ۾ اديب جو ڪم آهي سينواريل سماج جي ڍنڍ ۾ نئين سوچ جو پٿر اُڇلي لھرون پئدا ڪرڻ، “وھ ڀريل زندگي” کي امرت ڌارا جو روپ ڏيارڻ، ته جيئن اسان جو من تلوتما ٿي پوي.. ۽ سماج ۾ رھندڙ ھر فرد ان بُحران مان نڪري پوي، پر جي اديب پاڻ وائڙو ھوندو ته، مسئلن جو حل ڪيئن ڪڍندو. ادب سماج جي عڪاسي ھوندو آھي. جي سماج بيٺل بڻجي ويندو ۽ ترقي نه ڪندو ته ادب به ترقي نه ڪندو، جي سماج پاروٿو بڻجي ويندو ته ان مان نئون ھُڳاءُ ۽ روشنيءَ جي اميد بنھ گهٽ ملندي. ھيءَ دنيا ذاتي انائن ۽ مفادن جي دنيا آهي جتي پيار جو اظھار ڪبيرو گناھ آهي ۽ محبت جو معيار پئسي، عھدي، طاقت ۽ سماجي رتبي جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي. غير مشروط ۽ بنا مطلب جي محبت منع ڪيل ميوو آهي. ھن دنيا ۾ ان جو ملڻ محال آهي. ماڻھو مڪمل ٿيڻ چاهي ٿو ۽ کيس پاڻ جهڙي آدرشي انسان جي تلاش آهي، پر جي اھو ڪٿي نٿو ملي ته سندس دل جي دنيا ڇيھون ڇيھون ٿي، مقدر جي ٻَلي تي چڙهي پنھنجي ارمانن جي آتم ھتيا ڪري ٿي ڇڏي!
***