بلاگنئون

پاڪستان جي سر زمين تي افغاني چوڪين تان ٿيندڙ حملن جو جواب نيٺ ڏيڻو پئجي ويو

ڊي جي ISPR جي نيوز ڪانفرنس مطابق، “پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺيان افغاني آھن” ته پوءِ سنڌ ۾ سندن موجودگي ڇو رهندي اچي؟ ان ڳالهه جو جواب سنڌ سرڪار طرفان عوام کي ملڻ گهرجي. تازو افغانستان جا حڪمران پنهنجي دشمنيءَ سبب پاڪستان مٿان مسلسل حملا آور ٿي رهيا آهن، پوءِ به پاڪستان پاڙيسري ملڪ جي حوالي سان درگذر ڪندو رهيو. پوءِ جڏھن بيگناھ شهرين جي موت ۾ اضافو ٿيڻ لڳو تڏھن انهن وحشياڻين ڪارروائين جو جواب کين پاڪ آرمي ٺاھوڪو ڏيڻ شروع ڪيو آھي. رب سائين پاڪستان جي دشمنن کان حفاظت فرمائي ۽ پاڪ فوج کي ڪاميابين سان سرشار ڪري.

ھنن حالتن ۾ دوست نما دشمن کان ڪابه چڱائي جي اميد نه رکندي افغان پناهگيرن کي واپس سندن وطن روانو ڪري سندن ملڪيتون بَحقِ سرڪار ضبط ڪري افغانستان روانو ڪرڻ جو عوامي مطالبو زور وٺڻ لڳو آھي. جڏھن سعودي عرب ۽ ارب عمارات ۾ رهائش ۽ ملڪيتن جي خريداري جو قانون ناهي اتي پاڪستان سو به سنڌ ۾ ڌارين درندن کي ملڪيتون خريد ڪرڻ توڙي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل وغيره ٺهرائڻ جون اجازتون ڇو ڏنيون ويون آھن. يقينن اهي اسانجي غلط رياستي پاليسين جو نتيجو آهي، جو اهي ماڻهو رياست جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن. ڌارين خاص ڪري افغانين کي سندن غدارين ۽ نمڪ حرام روين جي ڪري سنڌ واسي پسند نٿا ڪن، جنهن ڪري انهن کي واپس وطن موڪلڻ وارو مطالبو درست ۽ بجا سمجهيو وڃي ٿو. ڇو جو کين پناھ ڏيڻ وارو وقت ڪڏھوڪو گذري ويو هاڻ کين پنهنجي  وطن واپس موڪليو وڃي.

ھن ڏس ۾ موجوده جنگي حالتن ۾ سنڌ حڪومت کي ھنگامي سطح تي سموري سنڌ مان افغانين جون ناجائز ورتل غير قانوني ملڪيتون، رجسٽريون، شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ڊوميسائيل، وغيره سڀ رد ڪري کين پنهنجي ملڪ روانو ڪرڻ گهرجي. ٻي حالت ۾ ھي سنڌ ۽ خاص طور پاڪستان لاءِ تمام گهڻا نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿا.

تازي صورتحال ۾ ٽي ٽي پي جي مسلسل دھشتگردي وارين ڪارروائين ۽ جنگي حملن جي ڪري اسان جا فوجي جوان شهادتون ڏئي رهيا آهن. جواب ۾ پاڪستان پاران جتان جتان جنهن جنهن چوڪين تان پاڪستان خلاف حملا ٿيندا ھئا انھن چوڪين مٿان پنهنجي ملڪ جي بقا خاطر جواب ڏنا ويا آھن. جنھن ڪري پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ خطرناڪ جنگ شروع ٿي چڪي آھي جنھن ۾ هندستان جي سازش ۽ چرچ به شامل نظر اچي ٿي. اھڙي حالت ۾ افغانين جي پوري پاڪستان ۾ آمد ۽ سندن وسندين تي خصوصي نظر رکندي خاص ڪري سنڌ جي وسندين مان کين نيڪالي جا ھنگامي بندوبست ٿيڻ گهرجن، پر ٻڌڻ ۾ ائين پيو اچي ته اهي هڪ هنڌ کان لڏي وري ٻئي ڪنهن ڳوٺ يا شهر ۾ لڏو لاهي ويهن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو انهن کي اتي تحفظ به فراهم ڪن ٿا، حقيقت ۾ هن وقت افغان مهاجرن کي سنڌ مان ڪڍڻ حڪومت جي ذميداري آهي. ڇو ته سنڌ عالمي يتيم خانو ناهي ان مناسبت سان پاڪستان خاص طرح سنڌ صوبي کي ڪنهن به ڌارين جي يلغار کان تحفظ فراھم ڪيو وڃي.