سامونڊي پٽيءَ تي نئون شهر اڏڻ تي سنڌ ۽ وفاق آمهون سامهون
پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو پاران چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي شهر اڏڻ واري فيصلي کي مسترد ڪريون ٿا، وفاق کي سنڌ جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. سنڌ جي سامونڊي پٽي ڀنڊار وفاق جي نه پر سنڌ جي ملڪيت آهي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي منظوري کان بغير سامونڊي پٽيءَ تي قبضو نٿي ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاق 18 ترميم کانپوءِ سنڌ جي ڪنهن به وسيلي يا ڪم ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. وفاقي حڪومت هاڻي “انصاف لنگر” تي ڪم ڪري هاڻي ان لاءِ صرف اهو ئي ڪم رهجي ويو آهي. صوبائي وزير چيو ته وفاق مشرف جيان سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. صوبي جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ کان بهتر آهي ته وفاق نوجوانن کي نوڪريون ڏئي ۽ بي گهر ماڻهن کي گهر ڏئي. وفاقي حڪومت پنهنجون ڪمزوريون لڪائڻ لاءِ صوبن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي.

