بلاگنئون

سائين جي ايم سيد جي 120 هين سالگرهہ جي نسبت سان مختصر سياسي تعارف

 جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو ٺھراءُ پيش ڪيو ته ان وقت جي مشهور سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي، اسيمبليءَ ۾ ان تي تبصرو ڪندي چيو ته: “هي قرارداد پيش ڪندي هڪ شاگرد ۽ صحافي جي حيثيت سان ان ڳالھه سان مڪمل اتفاق ٿو ڪريان ته جيڪڏهن ڪنھن کي ڌرتي ماءُ جي تصور کي سمجهڻو آهي ته سائين جي ايم سيد کي پڙهڻ گهرجي، سنڌ جي ان سيد سان منھنجي پھرين ملاقات 1979 ۾ منھنجي دوست اسماعيل کوسو ۽ پير بخش پٺاڻ ڪرائي هئي، مون پھرئين ملاقات ۾ سائين جي ايم سيد کي پنھنجو سياسي مرشد بڻايو هو، ۽ جيئي سنڌ محاذ طرفان قائم اسٽڊي سرڪل ۾ جي ايم سيد جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو. سائين سان گذاريل پندرهن سورهن سالن ۾ مون سائين کي ڪارڪنن لاءِ هڪ شفيق پِيءُ جيئان ڏٺو، ان سياسي پِيءُ جنھن رات جو اويلو ايندڙ ڪارڪنن کي پنھنجي هٿ سان ماني کڻي اچِي ٿي کارائي، ان ڪنھن ڪارڪن سائين کي چيو ته سائين نوڪر چاڪر پاڻھين ڪم ڪندا، توھان ٻه گهڙيون اسان سان ويھو ان تي سائين وراڻيو ته اُهي منھنجي سياسي ٻچڙن جي سڄو ڏينھن خدمت ڪري وڃي ستا آهن انهن کي جاڳائڻ چڱو عمل نه آهي ان مھربان انسان ۽ آئون ايئن لکندس ته دنيا جي ڏاهي قومپرست سياستدانن مان دنيا جي ڏاهو قومپرست اڳواڻ جو مختصر لفظن ۾ تعارف ڪرائيندس پوءِ مختصر سياسي تاريخ جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪندس ته هي سنڌ جو هي ڏاهو ۽ سادگيءَ سان زندگي گذاري ويندڙ قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد جو اصل نالو غلام مرتضيٰ سيد هو، جيڪو 17 جنوري 1904ع تي سن ۾ سنڌ جي مشھور سادات گهراڻي ۾ ڄائو هو. اڃا ننڍو هو ته سندس والد محمد شاھه خانداني تڪرار سبب مارجي ويو. سائين جي ايم سيد ابتدائي تعليم سن هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي. 1920ع دوران سورهن سالن جي عمر ۾ سياست جي شروعات خلافت تحريڪ سان ڪئي. 1937ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1938ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. 1942ع ۾ سر حاجي عبدالله هارون جي وفات کان پوءِ هو سنڌ مسلم ليگ جو صدر ٿيو. 1948ع ۾ هن خان عبدالغفار خان سان گڏجي پاڪستان جي پھرين سياسي پارٽي پيپلز پارٽي آف پاڪستان جو بنياد رکيو. 1956ع ۾ هن NAP ؛ (نيشنل عوامي پارٽي) جي قيام ۾ ڀرپور حصو ورتو. جنھن ۾ بنگال ۽ پاڪستان جي وڏين وڏين شخصيتن حصو ورتو.
1970ع جي عام چونڊن ۾ حصو ورتو، پر سائين ڪامياب نه ٿي سگهيو. ان سان گڏ هن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو به بنياد رکيو. سائين جي زندگيءَ جو وڏو حصو جيل ۽ نظربندي ۾ گذريو. هن جي آخري نظربندي هن جي موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ ختم ڪئي وئي هئي، پر هو 25 اپريل 1995ع تي 91 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. هونئن جيڪڏهن سائين جي 16 سالن ۾ شروع ٿيندڙ سياست کان سندن جي 91 سال جي عمر تائين سياسي تاريخ کي لکندا سين ته هڪ وڏو ڪتاب جڙي ويندو. ان ڪري آئون فقط سائين جي سياسي جدوجھد مان ون يونٽ جي خلاف ڪيل جدوجھد تي لکندس، جنھن سلسلي ۾ محترم خادم حسين سومرو صاحب پنهنجي ڪتاب (سنڌ سلامت ۽ سائين جي ايم سيد) ۾ لکي ٿو ته: “سيد صاحب جون صوفياڻيون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون، تڏهن 4 مارچ 1967ع تي سنڌ جي شاگردن ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ ٻين مسئلن خلاف احتجاج ڪيو ۽ پوءِ حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور خان سختيءَ سان عمل ڪندي شاگردن تي تشدد ڪري کين جيلن ۾ وڌو، پوءِ شاگردن جي ان عمل سڄي سنڌ ۾ تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، کيس جون 1967ع ۾ قيد ڪيو ويو ۽ صدر ايوب خان خلاف سياسي تحريڪون شروع ٿي ويون. اهڙيءَ طرح دٻاءُ هيٺ، حڪومت ٻين سياستدانن کي آزاد ڪيو، پر سائين جي ايم سيد کي آزاد نه ڪيو، جنهن سنڌ جي قومپرستن جي نمائندگي ٿي ڪئي.
سومرو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: “ملڪ جي نئين سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، سيد صاحب 9 مارچ 1969ع تي سنڌ متحده محاذ جو اجلاس منعقد ڪيو، جنھن ۾ وڏن وڏن سياستدانن شرڪت ڪئي، ان کان پوءِ سيد صاحب شيخ اياز کي بنگال جي قومپرست اڳواڻ مجيب الرحمان سان رابطو ڪرائي کيس سنڌ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ آگسٽ 1969ع ۾ جڏهن شيخ مجيب الرحمان سنڌ آيو ته سيد صاحب ڪراچي ۾ ڪيل ان جلسي جي افتتاحي تقرير ۾ فرمايو ته: “ون يونٽ سنڌ جي عوام جي خود اعتمادي جي احساس کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين آزادي جي نعمت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، حقيقت ۾ موجوده صورتحال ۾ آزادي جي ڪا به معنيٰ ناهي. “جڏهن حالتون اهڙيون هجن ته ڪنهن علائقي جي شھرين کي اهو به حق نه هجي ته هو پنهنجا ميونسپل جا ڪم سنڀالي سگهن. ”
جڏهن سيد صاحب اها ملاقات ختم ڪئي ته هن بلوچستان جو دورو ڪيو ۽ بلوچستان جي نواب غوث بخش رئيساڻي کي ون يونٽ جي خاتمي جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ۽ نواب صاحب سنڌ متحده محاذ وانگر 5 آڪٽوبر 1969ع تي بلوچستان يونائيٽيڊ فرنٽ جو قيام عمل ۾ آندو. سيد صاحب هڪ ترقي پسند ۽ کليل ذهن رکندڙ سياستدان هو، پر اها به حقيقت آهي ته شروعاتي ڏينهن ۾ سيد صاحب مذهبي جنونيت ۾ مبتلا هو، جنهن کي هن پنهنجي ڪتابن ۾ واضح طور تي لکيو، پر پوءِ “جيئن ڏٺو آهي مون”. ڪتاب ۾ لکي اهو ثابت ڪيو ته انسان هميشه ڪنهن به عقيدي ۾ نظرياتي يا متعصب نه رهندو آهي، پر هو بدلجندو رهندو آهي. پروفيسر اعجاز قريشي پنهنجي ڪتاب (ون يونٽ سنڌ) ۾ لکي ٿو ته: “محترم سائين جي ايم سيد، سنڌ جي عظيم شخصيت آهي، جنهن پنھنجي سڄي زندگي سنڌ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس جدوجھد ۽ ڪاميابيون ڪنھن کان ڳجهيون نه آهن، هن عملي سياست جي شروعات خلافت تحريڪ سان ڪئي، سيد صاحب ون يونٽ جي قلعي کي ڊاهڻ لاءِ ڀرپور جدوجھد ڪئي، چاهي پارليامينٽ ۾ هجي يا عوام سان جيل ۾ هجي يا نظربنديءَ ۾، سندن پھرين ترجيح سنڌ ۽ سنڌين جا اجتماعي مفاد هئا. “1954ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ جي حمايت ۾ ٺھراءُ پاس ٿي رهيو هو ته جي ايم سيد جي مخالفت کي نظر ۾ رکندي گرفتار ڪيو ويو ۽ جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو ته هن ملڪ گير تحريڪ شروع ڪئي.
قريشي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: “سيد صاحب 27 آڪٽوبر 1955ع تي حيدر منزل ڪراچي ۾ اينٽي ون يونٽ جو ڪنوينشن منعقد ڪرايو، جنهن ۾ ٻين صوبن جي وڏن سياسي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ۽ ان ڪنوينشن جو بيان پريس کي جاري ڪيو. جيڪو ڪجهه هن ريت ڪيو ويو “حڪمران ون يونٽ بل کي قانون ساز اسيمبليءَ مان پاس ڪري ان کي قانوني شڪل ڏيڻ چاهين ٿا، جيڪو 1940ع جي لاهور واري ٺھراءَ جي نفي آهي، جنھن ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن تي ون يونٽ مسلط ڪيو ويو آهي. غير جمھوري طريقي سان، اهو عوام جي حقن تي قبضو ڪرڻ جي برابر آهي ۽ نقصانڪار ثابت ٿيندو، تنهنڪري اسان پرامن آئيني ۽ قانوني طريقن سان ان جي مزاحمت ڪنداسين ۽ پنجاب ۽ بنگال جهڙن وڏن صوبن کي گذارش ڪريون ٿا تہه سنڌ جي مفاد، اتحاد ۽ سالميت جي نالي تي، پاڪستان، ننڍن صوبن جي صوبائي خودمختياري کي پنھنجي خودمختياري جي تناظر ۾ ڏسو ۽ ان غير جمھوري عمل کي رد ڪريو.
ان دوران سيد صاحب بزم صوفياءَ جوڙي سنڌ جي ماڻهن ۾ سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪيو، پر 23 جون 1967ع تي سيد صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ بزم صوفياءَ تي پابندي لڳائي وئي، کيس ڪنهن وڏي شھر ۾ علاج ڪرائڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. بيماريءَ سبب ان وقت جي گورنر محمد موسيٰ حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ ڪيل تقريرن ​​۾ چيو هو ته “حيدربخش جتوئي ۽ جي ايم سيد کي ان ڪري قيد ڪيو آهي جو هو ون يونٽ جي مخالفت ڪن ٿا، ون يونٽ جي ڳالهه لکڻ دوارن مونکي هڪ تاريخي ڳالھه ياد آئي ته 1980 واري ڏھاڪي ۾ پنھنجي گھر واري سان گڏجي ساڻس هڪ ملاقات ڪئي جنھن ملاقات دوران منهنجي گهر واري کي سائين جي نياڻي، جيجي دريشھوار سان ڪچھري جو موقعو مليو. مون سان ڪچھريءَ دوران سائين جي ايم سيد مونکي ون يونٽ جو اهو تاريخي قصو به ٻڌايو هو جيڪو مون مولا بخش لغاري ۽ چاچي علڻ ٿيٻو کان به ٻڌو هو ته جڏهن حيدر منزل تي ون يونٽ جي خلاف هڪ گڏجاڻي ٿي رهي هئي جنھن گڏجاڻي ۾ حيدر بخش جتوئي، عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيا موجود هئا جنھن موقعي تي اوچتو بغير ڪنھن دعوت جي ذوالفقار علي ڀٽو هلندڙ گڏجاڻي ۾ اندر هليو آيو ۽ مونکي چيائين ته انڪل (ذوالفقار علي ڀٽو سائين جي ايم سيد کي پنھنجي والد شاھنواز ڀٽو سان دوستي جي تعلق سبب چاچا يا uncle چوندو هو). آئون به ايوب خان جي مڙهيل ون يونٽ خلاف توهان سان گڏ ڪم ڪندس. سائين ٻڌايو ته ان وقت حيدر بخش جتوئي، ڀٽو جي اوچتو اچڻ تي اعتراض ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو کان پڇو ته “ڇا تون شاهنواز ڀٽو کان اجازت وٺي پوءِ هن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيو آهين؟ سائين ٻڌايو ته شاهنواز ڀٽو جي ڪري ذوالفقار مونکي گهڻو عزيز هو، ان ڪري مون حيدر بخش جتوئي کي راضي ڪري ۽ ٻين جي اجازت سان کيس گڏجاڻي ۾ ويھاريو، مونکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته سائين پلنگ تي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو ۽ پوءِ اوچتو سڌو ٿي ويٺو ۽ مونکي پنھنجي لائبريري ۾ وٺي وڃي ذوالفقار ڀٽو جو ٽائيپ ٿيل اهو خط ڏيکاريو جيڪو حيدر منزل جي گڏجاڻيءَ مان وڃڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو کيس لکيو هو جنھن ۾ لکيو هئائين ته اَنڪَل آئون توهان سان ون يونٽ جي تحريڪ ۾ گڏ نٿو هلي سگهان ڇو جو بابا جو چوڻ آهي ته مونکي سنڌ جي نه، پر پاڪستان جي سياستدان ڪرڻي آهي، سائين ان دوران مونکي اهو به ٻڌايو جيڪو مون پوءِ سراج ڪلھوڙو جي ڪتاب ۾ به پڙهيو هو ته سنڌ اسيمبليءَ جي 110 ميمبرن مان ون يونٽ ٺھڻ جي خلاف ووٽ ڏيندڙ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي (بيريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جو پٽ ضلعو عمر ڪوٽ). شيخ خورشيد احمد، ضلعو حيدرآباد، عبدالحميد جتوئي، ضلعو دادو، (جنھن جي پٽ لياقت علي جتوئي، جنهن جنرل مشرف جي دؤر حڪومت ۾ بحيثيت وفاقي وزير براءِ ايريگيشن ۽ پاور اعلان ڪيو ته سڄي سنڌ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ آئون مھم هلائيندس) پير الاهي بخش ضلعو دادو، پير مظهر جو ڏاڏو سراج ڪلھوڙو پنھنجي ڪتاب (اڄ جي ڳالھه) ۾ افسوس ڪندي لکيو آهي ته 1970ع واري اليڪشن ۾ سائين جي ايم سيد جي سامهون پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوار ملڪ سڪندر (سردار ملڪ اسد جو پيءُ) جنھن اليڪشن کَٽي هئي، پر ضلعي دادو جي ان سردار به سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر طور ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو.(جنھن جو پٽ ملڪ اسد ڪيترائي ڀيرا ايم پي اي، ايم اين اي رهڻ باوجود پنھنجي پيءُ جي نقشي قدم تي هلندي سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿارڻ جو ته ڪو به رڪارڊ قائم ته نه ڪري سگهيو آهي باقي جيئي سنڌ جو نعرو هڻندڙن کي چيڀاٽڻ ۾ ڪيترا ڀيرا پنهنجي تاريخ رقم ڪري چڪو آهي)
سراج لکيو ته دادو ضلعي جي سردار ملڪ سڪندر سميت باقي اسيمبلي جا جيڪي ميمبر هئا انھن سنڌ جو سودو ڪري ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏنا، پاڻ وري ذڪر ڪيون ٿا گورنر محمد موسيٰ جي حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ ڪيل ان تقرير جو جنھن جو ذڪر آئون مٿي ڪري آيو آهيان ته محمد موسيٰ ان تقرير ۾ چيو هو ته اسان جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي کي ان ڪري قيد ڪيو هو جو هنن ون يونٽ جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ جي زمين غير سنڌين کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد ۾ سياسي تحريڪن کي زور وٺرايو ان دوران بنگال جي قومپرست اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان به ون يونٽ جي مخالفت ڪئي ۽ ان جي بحاليءَ لاءِ اسيمبليءَ اندر توڙي عوامي سطح تي سخت احتجاج ڪيا، جنھن کانپوءِ يحيٰ خان قومپرستن جي مسلسل جدوجھد بعد ون يونٽ جي اهميت ۽ وقت ۽ حالتن جي نزاڪت کي محسوس ڪندي پھرين جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي سنڌ، بلوچستان، سرحد، پنجاب ۽ بنگال صوبا بحال ڪيا.
سائين جي ايم سيد جي قومي جدوجھد سان اختلاف رکندڙ سائين جي سچائي ۽ علم کي مڃيندي چوندا هئا تہه “سيد صاحب جي سياسي نظرين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو ۽ تعميري تنقيد به ڪري سگهجي ٿي، پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سيد صاحب جو علمي، ادبي ۽ ثقافتي موضوعن تي گهري مطالعي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. هُن جديد قومپرستي کي ثقافت جو درجو ڏنو آهي ۽ تھذيب، ثقافت ۽ اجتماعي مفادن جو احترام ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هو قومن جي پنهنجي ڌرتي ۽ قومي تشخص سان محبت جو حامي هو. ان ڳالهھ کي اڄ سڀ تسليم ڪن ٿا ته سائين جي ايم سيد جي اڻ ٿڪ جدوجهد، فڪري ۽ سياسي تعليم توڙي قومي تحريڪ جي ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي جاکوڙ ۽ قربانين عيوض سنڌ جو آواز سڄي سنڌي دنيا تائين پھچي چڪو آھي.
سنڌ جي سدا حيات قومي رھبر شاھه عبداللطيف به سنڌ جي سُڪار سان گڏ عالم کي آباد رکڻ جي الله کي پارت ڪئي ھئي، سائين جي ايم سيد به ڪيترا ڀيرا شاھه لطيف جي ان بنيادي فلسفي جي تعريف تشريح ۽ تبليغ ڪندو رھيو ۽ پنھنجي ڪتاب؛ “دياراء دل داستانِ محبت” ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس ۽ سائين چوندو رھيو ته اسان جي جدوجھد رڳو سنڌ جي آزاديءَ تائين محدود نہه آھي، پر سنڌ جي جدوجھد ترقي بني آدم لاءِ به آھي. انھيءَ فلسفي تحت سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪراچي نشتر پارڪ واري سالگرهه واري جلسي ۾ اقوام متحده جي نئين سر جوڙجڪ جو به خاڪو پيش ڪيو ھو.
جيئي سنڌ محاذ جي تڏھوڪي چيئرمين عبدالواحد آريسر ھڪ مثال ڏئي سٺي سمجهاڻي ڏني هئي ته جڏھن ڪا عورت پنھنجي گهر ۾ ھار سينگار ڪري ويھي ته سڀ سندس تعريف ڪندا، پر جيڪڏھن ھوءَ ھار سينگار ڪري پراون گهرن ۾ اجايو سجايو ليئا پائيندي رھندي ته کيس بَد لَڇڻ چيو ويندو. پنجاب وارا به پنھنجي ڏيھه ۾ ويھي بلي شاھه ۽ فريد جا ڪلام جهونگاريندا ته ڏاڍا فضيلت وارا سڏبا، پر جڏھن ھو ڪني عورت جيان پنھنجي سرحدن مان نڪري سنڌ ڏانھن ميري اک کڻندا ته اھي به ان ڪني عورت جيان آھن، سائين جي ايم سيد به ساڳي ڳالھه ڪندو هئو ته اسان ڪنھن جي آباد رھڻ ۾ اُرھا نه آھيون، بس اھو ٿا چاهيون ته ڪو اسان جي سنڌ امڙ ڏانھن ميري اک کڻي نه ڏسي
جان جان هئِي جِيئري، ورچِي نہه ويٺِي،
وڃِي ڀُونءِ بيٺِي، ساريندي کي سڄڻين.