نئون

ملڪ اندر زلزلو: شدت 6.2

اسلام آباد ۽ لاهور سميت خيبر پختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. خبر موجب ملڪ جي اترين مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن جي شدت 6.2 ريڪٽر اسڪيل رڪارڊ ڪئي وئي آهي. زلزلي جو مرڪز افغانستان جو هندو ڪش هو، زلزلي جي اونهائي 178 ڪلو ميٽر هئي. هوڏانهن هندستان ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.