ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: گهاٽو وڻ

گهاٽي وڻ سان ڪيترين ئي سادڙين مائين جون اميدون لڳل هيون. هر سومر تي عورتن جو هڪ ميڙ هن وڻ وٽ اچي پنهنجون آسون ۽ اميدون پوري ٿيڻ لاءِ باسون باسيندو هو.

سومار جو ڏينهن هو. مائي وسائي صبح سوير جاڳي پئي. هن مٺو ڀت رڌيو، ڇاڪاڻ ته هن  گهاٽي وڻ جي ڪري سندس هڪ آس پوري ٿي هئي ۽ هاڻي کيس لڳاتار ست سومار هن وڻ تي حاضري ڀرڻي هئي.

هوءَ مٺي ڀت جو ٿال کڻي مائي ڀاڳي وٽ وئي، پوءِ اتان پاڙي جون ڪجهه ٻيون مايون به هن قافلي ۾ شامل ٿي ويون.

اهو گهاٽو وڻ ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو هو. صدين کان ڳوٺاڻا  هن وڻ کي هڪ درگاهه جي حيثيت سان ڏسندا هئا. هن وڻ سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌايون وينديون هيون، ڄڻ ته سڄي ڳوٺ ۾ اهو وڻ ماڻهن جي اميدن ۽ آسن جو مرڪز بڻيل هو.

مائي ڀاڳيءَ هڪ ڀيري مائي وسائيءَ کي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ هڪ ڀيري اهڙو زوردار مينهن وسيو جو بند ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. مينهن جيئن جو تيئن زور ٿيندو ٿي ويو، ماڻهن جا گهر ڊهي پيا هئا. پوءِ ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ ان گهاٽي وڻ وٽ وڃي پهتو، اتي وڻ هيٺ بيهي ماڻهن دعائون گهريون، باسون باسيون تڏهن وڃي مينهن بس ڪئي.

اهڙي قسم جا ڪيترائي قصا هن وڻ سان لاڳاپيل هئا.

هڪ ٻيو واقعو به مشهور هو ته ڳوٺ جي هڪ مائي جنهن جو نالو مائي زينب هو، تنهن جو هڪ پٽ هو جيڪو ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم هو. مائي زينب به ست سومار هن وڻ تي حاضري ڀري. چون ٿا ته پوءِ سندس پٽ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جي قابل ٿي ويو.

هاڻي اهي سڀ ڳالهيون پراڻن وقتن جون هيون، جيڪي هن وڻ سان لاڳاپيل ڪيون وينديون هيون۔.

ساڳئي ڳوٺ ۾ مولوي سڪندر به رهندو هو. مولوي سڪندر هڪ ڪٽر مولوي هو. هن اهڙين عجيب ۽ غريب رسمن ۽ ريتن کان سخت نفرت هئي. هو اهڙين سڀني ريتن ۽ رسمن کي شرڪ سمجهندو هو. مولوي سڪندر اڳ ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ رهندو هو، پر اتان کيس ان بنياد تي ڪڍيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته هن اتي پنهنجي هڪ شاگردياڻيءَ کي ڀڄائي شادي ڪري ورتي هئي. هتي اچي هو هڪ مسجد ۾ پيش امام ٿي ويو هو.

ڪيترن ئي سالن کان هن وڻ وٽ باسون باسڻ جو سلسلو هلندو پئي آيو. مرد توڙي عورتون ان وڻ وٽ وڃي باسون باسيندا هئا. هر سومار ۽ جمعي تي ڳوٺ جا غريب ٻار مٺي ڀت جي انتظار ۾ هوندا هئا ۽ عورتن جي ان ميڙ جي پٺيان لڳي ويندا هئا. گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ ٻه ڀيرا ته هو پيٽ ڀري مٺو ڀت کائيندا هئا.

انهن ٻارن ۾ شعبان نالي هڪ يتيم ٻار به هو، جنهن جو پيءُ جهاد ۾ شامل ٿيو هو ۽ وڙهندي شهيد ٿي ويو هو. شعبان جو پيءُ حاجي سائيِنداد مولوي سڪندر جي جهاد بابت ڪيل تقرير کان ايترو متاثر ٿيو هو جو هن پنهنجو عيال ڇڏي الله جي راهه ۾ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي.

جڏهن مولوي سڪندر کي اها خبر پئي ته ڳوٺ ۾ هڪ گهاٽو وڻ آهي، جنهن تي وڃي ڳوٺ جا ماڻهو باسون ٿا باسين، سندس خيال ۾ اها ڳالهه شرڪ برابر هئي، تڏهن هن ارادو ڪيو ته ڪنهن به طرح هن وڻ سان لاڳاپيل هن ڀڏي رسم کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو.

هڪ رات مولوي سڪندر پنهنجي مدرسي جي ڪجهه شاگردن کي ساڻ ڪري خاموشي سان نڪتو. هنن جي ذهن ۾ هڪ ئي ارادو هو،  هن گهاٽي وڻ کي ڪنهن به صورت ۾ پاڙان پٽڻ ته جيئن هن جاءِ تان هميشه لاءِ شرڪ جو هيءُ سلسلو ختم ٿي وڃي.

رات جي گهري اونداهي، خاموش هوا ۽ سنسان واٽون سندن ساٿي هيون. سڀئي تيز ڌار ڪهاڙيون کڻي ان جاءِ تي پهتا جتي اهو پراڻو گهاٽو وڻ خبر ناهي ته ڪيتري وقت کان اتي بيٺل هو. پوءِ رات جي پهر جو فائدو وٺندي هنن ڪهاڙيون وڻ جي تن تي وسايون ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ اهو وڻ، جيڪو ورهين کان ماڻهن جي اميدن جو سهارو بڻيل هو، زمين تي ڪري پيو.

اڳيون ڏينهن سومار جو هو. عورتن جو هجوم، جيئن هميشه ٿيندو هو، مٺي ڀت ۽ ڪٽي جا ٿالهه کڻي وڻ ڏانهن روانو ٿيو. ٻين ٻارن سان گڏ شعبان به سندن پٺيان لڳي ويو.

ٻار اڄ به اڳ وانگر ڏاڍا خوش هئا، ڄڻ سندن ننڍڙي دنيا ۾ عيد اچي وئي هجي، پر جيئن ئي سڀئي وڻ جي ويجهو پهتا ته سندن قدم اوچتو پندپهڻ ٿي ويا. هنن ڏٺو ته سندن صدين کان سهارو بڻيل اهو گهاٽو وڻ پٽ تي هيٺ ڪريل هو. تازوئي کيس ڪنهن وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو ڪنهن لاش وانگر هيٺ پيل هو.

هاڻي ان جاءِ تي نه ڇانوَ هئي نه ئي پکين جي چهڪڻ جو آواز هو. مائي ڀاڳي اهو منظر ڏسي سيني تي هٿ هڻي دانهن ڪئي، هي ڪهڙو ظلم ٿي ويو! ڪهڙي ظالم هن بزرگ وڻ کي ڪٽي وڌو.

هن جي دانهن سان گڏ ٻين عورتن جون جون دانهون به بلند ٿيون. سڀئي عورتون گڏجي روڄ راڙو ڪرڻ لڳيون ڄڻ سندن ڪو گهر ڀاتي موڪلائي ويو هجي.

اتي آيل ٻار به زارو قطار روئڻ لڳا. انهن جي روئڻ ۾ رڳو وڻ جي جدائي نه، پر پنهنجي بک، پنهنجي آس ۽ پنهنجي ننڍڙين خوشين جي ٽٽڻ جو ڏک به شامل هو.

انهن ٻارن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکويل ٻار شعبان هو،  هو ائين روئي رهيو هو، ڄڻ ڪنهن سندس آخري سهارو به کسي ورتو هجي.

***