بلاگنئون

ڪارونجھر تي دانھڙي

ڪي ڪي ڪتاب ۽ ليکڪ قومن جي شناخت ۽ ورثو ھوندا آھن. جيئن لطيف جو رسالو آھي، شيڪسپيئر جو ھيمليٽ آھي ۽ ٽيگور جي گيتانجلي آھي. اھڙا ڪتاب ۽ ڏاھا،  قومن جي نه صرف شناخت ھوندا آھن، پر اتساھ جو محور رھيا آھن. اسان سنڌي، شاھ جي رسالي جو ذڪر ڪري ڪيڏي نه سرھائي محسوس ڪندا آھيون. اھڙي طرح انگريز ۽ بنگالي به شيڪسپيئر يا ٽيگور بابت ساڳيا جذبا رکندا آھن. ڏٺو وڃي ته ڪير به ماڻھو اھڙا ڪتاب فقط ان ڪري ناھي لکندو يا پڙھندو ته ھن وٽ ٻي ڪا مصروفيت ناھي، پر اھو انسان پنھنجن مسئلن جا نه صرف حل تلاش ڪرڻ چاھيندو آھي، پر پنھنجي لاءِ ڄاڻ ۽ راحت جي تلاش پڻ ڪندو آھي. تنھنڪري ئي شايد چوندا آھن ته ڪتاب لکڻ يا پڙھڻ ھڪ قسم جي ‘ذھني عياشي’ آھي. سچ ۾ به ڄاڻ يا خوشي ملڻ سان ماڻھو پاڻ کي ڪيڏو نه آسودو محسوس ڪندو آھي. ارڙھين صدي واري صنعتي انقلاب يا پرنٽنگ پريس جي اچڻ کان وٺي اڄوڪي سوشل ميڊيا ۽ مصنوعي ذھانت جي انقلاب تائين نه صرف ڪتاب لکڻ، پر پڙھڻ پڻ ڏاڍو آسان ٿي ويو آھي. مصنوعي ذھن رکندڙ اڄوڪي دور جي مشين کي علاوالدين جي چراغ وانگر صرف حڪم ڏيڻ جي دير آھي، ڪتاب لکڻو آھي ته ڪتاب لکي ڏيندي، جيڪڏهن ڪتاب پڙھڻو آھي ته ڪتاب پڙھي ڏيندي، پر باوجود ايتري قابليت جي، اھي مشينون، انساني دماغ جو نعم البدل ناھن. اهو ئي سبب آھي جو پوري دنيا ۾ اڄ به ڪيئي ماڻھو پنھنجو دماغي پورھيو ڪري ڪروڙين ڪتاب نه صرف لکي، پر پڙھي رھيا آھن.

باقي دنيا وانگر اسان وٽ به ڪتاب لکڻ ۽ پڙھڻ جي رفتار تيز ٿي چڪي آھي. شاعري ۽ ناول ته عام جام لکجي ۽ پڙھجي رھيا آھن، پر ان سان گڏوگڏ ترجما پڻ جام ٿي رھيا آھن. دنيا ۾ ڪو ڪتاب مشھور ٿئي ٿو ته اٺن پندرھن ڏينھن ۾ ان جي سنڌي ترجمي جا ڪتاب اسان وٽ مارڪيٽ ۾ وڪامجڻ لڳن ٿا. نه ترجمه نگار، نه ئي ڇپائي وارا ادارا اصل مالڪن کان ڪا اجازت وٺن ٿا يا حق ۽ واسطا خريد ڪن ٿا. اھڙي طرح ڪجھ ماڻھو سنڌي مان ٻين ٻولين ۾ ترجما ڪري رھيا آھن. اھڙا ترجما مصنوعي ذھانت جي استعمال کانسواءِ ايترو جلد ممڪن ناھن. اخلاقي طور اھو ڪيترو درست ۽ ڪيترو غلط آھي ان جو فيصلو ھر ڪنھن کي پاڻ ڪرڻو آھي، پر آئون سمجھان ٿو ته اھو قانوني ۽ اخلاقي طور نامناسب آھي.

گذريل ھفتي مون Karoonjhar’s Cry  نالي انگريزي ۾ لکيل ھڪ ڪتاب پڙھيو، جيڪو سائين نور احمد جنجھي نالي ڪنھن سنڌي اديب ۽ اسڪالر جو لکيل آھي. ھي ڪتاب انگريزي ۾ لکڻ جو ظاھري مقصد اھو آھي ته انھن چونڊ ماڻھن لاءِ لکيو ويو آھي، جيڪي سنڌي پڙھي نٿا سگھن. جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته ڪتاب سنڌي ۾ به لکجي پئي سگھيو، پر سائين نور احمد بھتر سمجھيو ته ڪتاب کي انگريزي ۾ لکجي. ھن ڪتاب کي پڙھڻ کان اڳ مون سائين نور احمد صاحب جو پروفائل پڙھيو. سائين نور ھن ڪتاب کان اڳ، ڪيترائي ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي ۾ لکي چڪو آھي. ان کان علاوه سائين آڪسفورڊ لغت تي پڻ ڪم ڪيو آھي، جيڪا ھڪ ساراھ جوڳي ڳالھ آھي. سائين جو تعليمي ۽ ادبي سفر پڙھي، آئون حسرت ۾ پئجي ويس ته ڪاش آئون به ايترو پڙھيل ھجان ھا، پر چوندا آھن ته ھرڪو پنھنجي قسمت جو ڌڻي ھوندو آھي. شايد سنڌ جي لکين ٻين ماڻھن جيان، منھنجي قسمت ۾ ايتري تعليم لکيل ئي نه ھئي. بھرحال سائين نور احمد جو ھي ڪتاب ٿرپارڪر جي ادبي ۽ سماجي تاريخ تي لکيل آھي. آئون سمجھان ٿو ته ان ساڳئي ئي موضوع تي اڳ ۾ به گھڻو ڪجھ لکيو ويو آھي. ٻيو نه ته به جيڪڏهن شيخ اياز جي آتم ڪٿا ۽ رائچند کي پڙھبو ته به ھن ڪتاب کان وڌيڪ مواد ٻنھي وٽان ملي ويندو. اياز ته آتم ڪٿا ۾ پاڻ تي لکڻ کان جين مت تي تمام گھڻي تفصيل سان لکيو آھي. باقي ھن ڪتاب ۾ اھڙي ڪا خاص ۽ نئين ڳالھ ناھي جيڪا اڳ ۾ نه لکي وئي ھجي. ھا، اھو ممڪن آھي ته اھو پھريون دفعو ھجي جو ڪنھن سنڌي چوٽيءَ جي ڏاھي، ان موضوع تي انگريزي ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ھجي. بھرحال، ڪتاب تي تبصرو ڪرڻ کان اڳ، آئون چاھيان ٿو ته آئون ڪتاب جي مختصر ڪھاڻي لکان ۽ پوءِ ڪو قدم کڻان.

ھن ڪتاب ۾ پيش لفظ ۽ ڪتاب جي تعارف کان علاوه ڪل ڇھ باب آھن. پھرين باب ۾ ٿر جا رنگ ۽ ثقافت کان شروعات ٿئي ٿي ۽ آخري باب پارڪر ۾ آزادي جي جنگ تي ختم ٿئي ٿو. باب ٽيون، چوٿون ۽ پنجون ٿر جي تاريخ ۽ جاگرافي، ٿرپارڪر جي ڏند ڪٿائن ۽ ان جي ورثي بابت آھن. سائين نور ٻڌائين ٿا ته ڪارونجھر جبل ٽي کان پنج ارب سال پراڻو آھي. ھن ئي علائقي، جنھن کي پري يا پارينگر چئبو ھو، ڪنھن زماني ۾ سمنڊ وھندو ھو، جنھن جا نشان اڄ به رڻ ڪڇ جي صورت ۾ موجود آھن. ھن علائقي تي ڪڏھن سوڍن ڪڏھن راڻن، ڪڏھن ٽالپرن ته ڪڏھن انگريزن حڪومت ڪئي. مختلف وقتن تي، مختلف قومن پڻ ڪاھون ڪيون. ھتان جا ماڻھو نه صرف ڌارين سان وڙھيا، پر ٽالپرن سان پڻ جنگ جوٽي پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون. ھن علائقي تي مڪمل گرفت رکڻ لاءِ ٽالپرن مختلف جڳھين تي قلعا پڻ تعمير ڪرايا. 1859 ۾ ھتان جي سوڍن ۽ روپلي ڪولھي، انگريز سرڪار سان پڻ جنگ ڪئي، جنھن جنگ کانپوءِ روپلي ڪولھي کي چالبازي سان گرفتار ڪري 22 آگسٽ 1859 ۾ ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويو.  سائين نُور ھن ڪتاب ۾ جين مت بابت به ڪافي تفصيل سان لکيو آھي. سائين ٻڌائين ٿا ته جين مت وارا ماڻھو ڏاڍا امن پسند ۽ شريف ھئا. اھي نه ٻين جي عقيدن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندا ھئا، نه ئي اھو چاھيندا ھئا ته ڪير انھن جي مذھبي زندگي ۾ عمل دخل ڪري، اھي ڌنڌي وارا ماڻھو پڻ ھئا. جين مت وارن ٿرپارڪر ۾ مختلف جاين تي پنھنجا مذھبي مقام جوڙيا جن کي ھو ڏيرا چوندا ھئا. چيو وڃي ٿو ته جين مت وارا مذھبي تعليم ڏيڻ لاءِ انھن ڏيرن ۾ رھندا ھئا. وقت ۽ حالات جي ستم ظريفي جي ڪري، آھستي آھستي، انھن ھي علائقو ڇڏڻ شروع ڪيو ۽ آخري جين ماڻھو، ھي علائقو 1971 واري جنگ کانپوءِ ڇڏيو. ھن ڪتاب ۾ سائين نُور ٿر جي ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ ادب جو پڻ ذڪر ڪيو آھي. ھوٿل پاري ۽ مارئي جي ذڪر کان علاوه ٻين ڪيترن ئي قصن جو ذڪر ڪيو آھي، جن جا اھڃاڻ لوڪ ادب ۾ ته ملن ٿا، پر اھي حقيقي نٿا لڳن. ان کان علاوه سائين نُور احمد ھن ڪتاب ۾ ٿر جي رھڻي ڪھڻي، ٻولي، تھذيب، شادي، مرڻي پرڻي، ريتن رسمن سميت ھر سماجي عمل جو پڻ ذڪر ڪيو آھي. سماجي صورتحال کان علاوه ڪتاب ۾ ٿر جي معاشي حالات جو ذڪر پڻ آھي.

ڏٺو وڃي ته انگريزي ھڪ ڌاري ٻولي آھي، جنھن ۾ لکڻ ڪو سولو ڪم ناھي. تنھنڪري سائين نُور احمد صاحب کي جس ھجي جو ھن ايتري ھمت ۽ مردانگي ڪري ھي ڪتاب انگريزي ۾ لکيو. سائين جي ھن ڪوشش کي جيترو ساراھجي اھو گھٽ آھي. ھن ڪتاب جو مواد تمام سٺو آھي، پر ڪا نئين ڳالھ ناھي. تنھنڪري آئون ڪتاب جو مجموعي جائزو ھيٺ پيش ڪيان ٿو.

سڀ کان پھريان ته ھن ڪتاب جي انگريزي بلڪل به چڱي ناھي. ھن ڪتاب ۾ ٻوليءَ کانپوءِ ٻيو جيڪو مسئلو آھي، اھو مواد کي پيش ڪرڻ جو آھي، جنھن کي جديد دور ۾Presentation چيو وڃي ٿو. ڪي ڪيParagraph  ته ٻن ٻن ٽن ٽن پنن تي آھن. ھڪڙي Paragraph ۾ وري ڏھ مختلف قسمن جون ڳالھيون آھن جيڪي نه صرف بور ڪن ٿيون، پر اھو پڻ ٻڌائين ٿيون ته لکڻ وارو ھمراھ مڙئي فرض پورو ڪري رھيو آھي ۽ لکڻ سان سنجيده بلڪل به ناھي. جيئن ته ھي ڪتاب غير سنڌي پڙھندا، ان لاءِ منھنجو عرض آھي ته ڪتاب جي انگريزي بھتر ڪري ٻيھر ڇپرايو وڃي. جيڪڏھن ائين نه ٿيندو ته پوري دنيا وارا يا جيڪي غير سنڌي ھي ڪتاب پڙھندا، اھي اسان سڀني سنڌين تي کلندا ۽ ٽوڪون ڪندا. آئون ڪتاب مان اھڙا پنجاھ جملا کڻي ھيٺ ڏئي سگھان ٿو، پر ھيٺ فقط پندرھن جملا ڏيڻ کانپوءِ، آئون صرف ايترو چوڻ ڪافي سمجھان ٿو ته پھرئين باب ۾ جيڪو البرٽ ڪاميو جو قول ڏنو ويو آھي، ان جي انگريزي ئي سڌي ناھي غلط ڪوٽ لکيو ويو آھي. پروف ريڊنگ ته ننڍو مسئلو آھي. ڪتاب ۾ گرامر ۽ جملن جي جوڙ جڪ جون بي حساب غلطيون آھن. فائل، فئل ۽ مفعولن جون غلطيون آھن. جملن جو اظھار درست ناھي. مطلب ته جڏھن ليکڪ جي ٻوليءَ تي دسترس نه ھوندي آھي ته ھو جيڪا ڳالھ چوڻ چاھيندو آھي، اھا ڳالھ به درست نموني بيان نه ڪري سگھندو آھي. ھن ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ ايئن معلوم ٿئي ٿو ته سائين نُور کي انگريزي ٻوليءَ تي دسترس بلڪل به ناھي جنھن جي ڪري ڪتاب پڙھڻ جو اصل مزو خراب ٿي وڃي ٿو، پر اھا لک شاباس ۽ آفرين ھجيس جو ادبي ايمانداري جو مظاھرو ڪندي، مصنوعي ذھانت جو سھارو نه ورتو اٿائين. ھاڻي ڪتاب جي چند پنن مان چونڊيل انھن پندرھن جملن جو مزو وٺون ٿا جن جو ذڪر آئون مٿي ڪري آيو آھيان.

  1. People of Parker has been very patriot and committed to their motherland (P.13)

  2. The had love and do love with their motherland (P.13)

  3. It has been remained under different rulers simultaneously. (P.18)

  4. Because of its unique topography it has been remained isolated and remained even beyond go the tail end. (P.23)

  5. People do shopping and buy dressing and other household items . (P.23)

  6. Dear, Nilgai, wild ass , jackal and cat (P.25)

  7. Dug wells are sung during the season. Goats and sheep smaller one become worth to be sold and cows bear the calves (P.24)

  8. Bricks are baked somewhere and somewhere those are brought from urban areas of Umerkot , Naukot and Wango (P.26)

  9. They do solemnization ceremony of Chathee. (P.28)

  10. During these activities they sing and enjoy it a lot as weeding activitywith Hamarcho at farmland. (P29)

  11. Children of Mamo and Chacho are called Saut. (P.29

  12. It is less known about the people who established Pari Nagar and other settlements in Parkar. (35)

  13. However, he had no sovereign authority but people of the call him Rano. (P.37)

  14. The coconut trees were there because of being a beach city (P.38)

  15. Despite all the commitments and promises the issue of the banditti was remained the same.(P.41)

دراصل مٿي ذڪر ڪيل جملن ۾ مون کي گرامر جي غلطين کان وڌيڪ انھن جيExpression  يا اظھار تي تحفظات آھن ۽ ليکڪ جو بنيادي فرض آھي ته انھن کي درست ڪري ته بھتر آھي. ان کان علاوه ھن ڪتاب ۾ تحقيق جي وڌيڪ ضرورت آھي. جيئن ته انگريزي جي ڪري سائين بھتر نموني بيان نه ڪري سگھيا آھن. ان لاءِ ضروري آھي ته وڌيڪ تحقيق ڪجي. سائين لکن ٿا ته ٿر ۾ مامي جي پٽ کي سئوٽ چئبو آھي يا ٿر جا ماڻھو قرض صرف سياري ۾ ادا ڪندا آھن يا سائين پنھنجي چيل ڳالھ جي پاڻ انحرافي ڪندي چون ٿا ته جين مت جي مذھبي جاين کي مندر نه، پر ڏيرو چئبو آھي، پر پاڻ ئي ھر جاءِ تي جين مندر لکندا آيا آھن. اھڙيءَ طرح روپلي ڪولھي يا 1859 واري جنگ جو ڪو خاص تحقيقي مواد ناھي. روپلي ڪولھي جي حسب نسب، عمر، قد ڪاٺ جي ڪا خبر ناھي. ھو ڪيترو پڙھيل ھو يا نه ھو يا ھن کي جنگ وڙھڻ جو جذبو ڪيئن ۽ ڪنھن ڏياريو؟ جيئن ته ھن ڪتاب جو اصل موضوع ئي 1859 جي جنگ ھئي، ان لاءِ لازمي آھي ته ان بابت وڌيڪ تفصيل ڏجن ھا.

حقيقت اھا آھي ته نه صرف ھي ڪتاب، پر ھر اھو ڪتاب جيڪو ليکڪ لکي ٿو، اھو ڪتاب لکجڻ ۽ ڇپجڻ کانپوءِ سنڌي قوم جي امانت ۽ ورثو آھي. اسان شاھ جي رسالي بابت جيترو فخر سان پنھنجائپ ڏيکارندا آھيون، ٻين ڪتابن لاءِ به ايتري ئي ڏيکاريندا آھيون، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جيڪي ماڻھو ڪتاب جو مھاڳ لکن ٿا، اھي ڪتاب پڙھن ئي نٿا. رڳو ليکڪ تي ڏوھ ڏيڻ به وڏي ناجائزي آھي. ھن ڪتاب جي انگريزي پڙھڻ کانپوءِ آئون اھو يقين سان چئي سگھان ٿو ته جنھن ماڻھو ھن ڪتاب جو مھاڳ لکيو آھي، ان ھي ڪتاب پڙھيو ئي ناھي. جيڪڏهن مھاڳ لکندڙ سائين گل محمد عمراڻي صاحب جن ھي ڪتاب پڙھن ھا ته لازمي طور تي مھاڳ لکڻ کان اڳ سائين نُور احمد کي ڪتاب جي انگريزي درست ڪرڻ لاءِ چوي ھا. انھن ڪتاب جو مھاڳ سلام دعا ۾ ته لکيو آھي، جيڪو ادب خاص ڪري اھڙي سنجيده موضوع تي لکيل ڪتاب جي لاءِ بلڪل به چڱو ناھي. ھن ڪتاب جي قيمت ٻه ھزار رپيا آھي. پنو به تمام بھترين آھي، پر ڪتاب جي اندر جيڪا ٻولي آھي، ان کي به ڪتاب جي پني وانگر سٺو ۽ معياري ڪرڻو پوندو، جيئن ڪير به اسان سنڌي ماڻھن تي کلڻ بجاءِ اسان جي قابليت تي اسان کي داد ڏئي دشمنن جي منھن تي دانگي گھمائي.

باقي اڪثر پڙھڻ وارا اھو سوچيندا ته مون ھن ڪتاب جي ڪابه تعريف نه ڪئي آھي ته ائين ناھي. دراصل مون کي ھن ڪتاب ۾ تعريف ڪرڻ واري ڪابه شيءِ نظر نه آئي سواءِ ان جي ته سائين وڏي بھادري ڪري بغير مصنوعي ذھانت جي استعمال سان ھي ڪتاب لکيو آھي. باقي ڪتاب ۾ اھڙي ڪابه شيءِ ناھي جنھن جي منافقن وانگر ويھي تعريف ڪري پنھنجي قيامت ڪاري ڪيان. ھي ڪتاب سنڌ جو ورثو آھي، ان ورثي جي بچاءُ ۽ ڀلائي لاءِ آئون جيڪو ڪردار ادا ڪري سگھان ٿو، آئون لازمي ڪندس ڇو ته نه صرف ڪارونجھر، پر ان سان لاڳاپيل تاريخ خاص ڪري ٿر جي رھڻي ڪھڻي سنڌين جو گڏيل ورثو آھي ۽ ان کي دنيا آڏو موثر نموني پيش ڪرڻ اسان سڀني جو گڏيل فرض آھي.