سيف عباس ڪي اي ڊي ۾ ملازم نه آهي: ڪي ڊي اي
نيب هٿان گرفتار ٿيل سيف عباس جي باري ۾ ڪي ڊي اي چيو آهي ته هو ڪي ڊي اي جو ملازم نه آهي. سيف عباس ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (KMC) ۾ ملازم آهي ۽ اڃان تائين به ان سان ئي واسطو رکي ٿو. واضح رهي ته سيف عباس کي بطور ڊائريڪٽر اسپورٽس اينڊ ڪلچر ڪي ايم سي گرفتار ڪيو ويو هو، ان تي الزام هو ته هن عهدي کان اڳ هو ڪي ڊي اي جي ڊائريڪٽر واري عهدي تي به رهي چڪو آهي ۽ ان وقت ۾ هو 265 ايڪڙ سرڪاري زمين جي 300 پلاٽن جي غير قانوني وڪري ۽ ليز ۾ شامل هو.