سنڌ ۾ جتي ٻيا ڪيترائي مسئلا موجود آهن جن ۾ نوجوانن جي بيروزگاري، غير موثر تعليمي نظام، ننڍن آبادگارن جا پاڻيءَ جا مسئلا، سياسي استحصال ان سان گڏوگڏ پوليس جي نااهلي جهڙا مسئلا سنڌ اندر هر عام ۽ خاص ماڻهو روزاني جي بنياد تي ڀوڳي رهيو آهي، جنهن پرامن سنڌ تي هڪ سواليه نشان کڙو ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي وقت ۾ هن وقت سنڌ جي اندر منشيات جو استعمال تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن غريب کان امير، وچولي طبقي کان وٺي مزدور طبقي کي متاثر ڪيو آهي، جنهن جا نتيجا هاڻي ناسور وانگر پوري سماج کي ناڪاره ڪندي نڪري رهيا آهن.
هن وقت سنڌ ۾ منشيات جي علاج ۽ بحالي (ريهيبيليٽيشن) لاءِ ڪيترائي سرڪاري ۽ نجي مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ڪيترائي نجي ادارا غير رجسٽرڊ طور تي به ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس گڏجي منشيات جي عادي ماڻهن جي بحاليءَ تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه ڪراچيءَ ۾ بينظير شهيد ماڊل ايڊپٽس ٽريٽمينٽ اينڊ ريهيبيليٽيشن سينٽر جيڪو منگهو پير ڪراچيءَ ۾ آهي.
ان کان علاوه حيدرآباد ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جو پنهنجو هڪ سينٽر آهي. سرڪاري مرڪزن کان علاوه ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ڪيترائي نجي بحالي مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان ڪجهه معياري آهن ته ڪجهه مرڪزن تي ماڻهو سوال اٿارين ٿا. انهن بحالي مرڪزن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جيڪو پڻ هڪ سوال پيدا ڪري ٿو ته انهن ادارن جو انگ ڇو وڌي رهيو آهي ۽ معاشري مان منشيات جي لعنت ختم ڇو نه ٿي رهي آهي؟ آخر ان جي پٺيان ڪهڙا عوامل ڪم ڪري رهيا آهن جو منشيات هڪ ڪاروبار بڻجي هاڻي هڪ صنعت بڻجي چڪي آهي؟
بدقسمتيءَ سان اها هڪ تلخ حقيقيت آهي ته منشيات جي ڪاروبار ۾ پوليس تي مبينا آشيرواد يا سهڪار جا ڪيترائي الزام لڳندا رهن ٿا، جيڪي عام ماڻهن، سول سوسائٽي جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا طرفان اٿاريا ويندا آهن. ڇو ته شهرن جي اڪثر علائقن ۾ منشيات جا اڏا عام طور تي منشيات جو وڪرو ڪندا رهن ٿا ۽ پوليس انهن تي ڪارروائي نٿي ڪري. اهو تاثر به عام آهي ته ادارا منٿلي وٺي اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اهو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ شين کي نظر انداز ڪري ٿو.
وڏن اسمگلرن جو گرفتار نه ٿيڻ ۽ منشيات خلاف ڪا وڏي مهم نه هلڻ مان خبر پوي ٿي ته هن پاسي سنڌ حڪومت سنجيدگيءَ سان ڪم نه ڪري رهي آهي، جنهن سڄي سماج جي نوجوانن کي خاص طور تي هن وقت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ويندڙ نوجوان جن جو تعلق معاشي طور تي سٺن خاندانن سان آهي انهن کي منشيات جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. ان جا ڪيترائي سبب آهن، سڀ کان وڏو سبب اهو آهي جو والدين مالي وسيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن ٻارن کي ٽائيم نٿا ڏئي سگهن ۽ اهي نظر انداز ٿيڻ سبب اهڙن ريڪٽس ۾ ڦاسي پون ٿا، جتي پهرين انهن کي منشيات جو عادي بڻايو وڃي ٿو ۽ پوءِ انهن کي مهانگن اگهن تي منشيات وڪرو ڪري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون.
ضروري آهي ته حڪومت سان گڏوگڏ سول سوسائٽي ۽ والدين پنهنجو ڪردار ادا ڪن. والدين کي پنهنجن ٻارن کي وقت ڏيڻ ۽ انهن سان دوستاڻو رويو رکڻ جي سخت ضرورت آهي. ان کان علاوه سول سوسائٽي جي به اها ذميداري آهي ته اها پنهنجون اکيون ۽ ڪن کليل رکي ۽ هر ان مشڪوڪ عمل تي نظر رکي جيڪو سندس نڪ هيٺ ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان جو نوجوان، اسان جو پورهيت طبقو، اسان جو ٻار منشيات جي اثر هيٺ رهيو ته پوءِ هن ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ طبقو تباهه ۽ برباد ٿي ويندو.
جنهن جي ڪري هن ملڪ جو مستقبل اونداهو ٿي ويندو. ضروري آهي ته اهڙن گروهن تي نظر رکي وڃي جيڪي ان قسم جو ڪاروبار ڪرڻ ۾ انهن وڏن ڪاروبارين ۽ اسمگلرن جو ساڄو هٿ بڻجي ڪم ڪري رهيا آهن. عوام جي اندر آگاهي مهم هلائي نوجوانن کي منشيات جي نقصانن کان وڌ کان وڌ آگاهه ڪيو وڃي. نوجوانن جي لاءِ راند جا ميدان ٺاهيا وڃن، سرڪاري سطح تي اهڙا ڪلب قائم ڪيا وڃن جتي نوجوان اهڙيون سرگرميون ڪري سگهن جيڪي سندن ذهني ۽ جسماني صحت جي لاءِ مددگار ثابت ٿين ۽ اهي پنهنجي ملڪ ۽ صوبي جي لاءِ مستقبل ۾ بار بڻجڻ جي بجاءِ مددگار ثابت ٿين.
هن وقت اسان جو مزدور طبقو ۽ غريب طبقو گٽڪي ۽ ماوي جي گهڻي استعمال جي ڪري ڳلي ۽ وات جي سرطان ۾ تيزيءَ سان مبتلا ٿي رهيو آهي ۽ اسان سڀني کي ان ڳالهه جو پتو آهي ته سرطان جو علاج صرف پهرين ۽ ٻئين اسٽيج تائين ممڪن آهي ۽ اهو به سرڪار مڪمل طور تي خرچ برداشت نٿي ڪري ۽ تمام گهڻو مهانگو آهي.
ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙين بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ عوام کي انهن منشيات فروشن کان بچايو وڃي، اهو حڪومت جو بنيادي فرض آهي. ڇو ته منشيات هڪ ناسور آهي جيڪو نه صرف هڪ فرد کي يا خاندان کي متاثر ڪري ٿو، پر اهو پوري سماج کي اندران ئي اندران کائي تباهه ڪري ڇڏي ٿو، ڪو هڪ فرد ان سڄي وارتا ۾ وڙهي ۽ نتيجا حاصل نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ ضروري آهي ته سرڪاري ۽ نجي سطح تي گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن.