ڪارونجهر جي ڪر تان اڏندڙ مور جي نيرن پرن ۾ وڌيڪ رنگن جو نکار پسندي اهو محسوس ٿئي ٿو ته سانوڻي رت پنهنجي ڀرپور جوڀن سان موٽي آئي آهي، تاڙن جي تنوار، همرچن هونگار واري ملير جي مٽيءَ تي ولهار وسڻ جا ويس ڪري چڪا آهن، ڀٽن جا سڪل بدن ساوڪ جي پوشاڪ پهري پنهنجي سندرتا جي نئين رنگ سان جرڪڻ وارا آهن، بئراجي علائقن ڏي ويل مال پنهنجي ديس طرف کنوڻن جا تجلا ڏسندي، اڪير مان رنڀندي بي تحاشا خوشيءَ کي ظاهر ڪري رهيا آهن، سانگيئڙن ۾ سرهائيءَ جي هڪڙي جهلڪ پسي سگهجي ٿي. جڏهن هو هڪٻئي کي وٺي جون واڌايون ڏيندي پنهنجي رسمي عيد ملهائي رهيا آهن، ۽ ٿاريلين جي چپن تي فوزيه سومرو جي گيت جا هي ٻول ٻُرن پيا، فوزيه جنهن جي گلي ۾ فطرت جو شاهڪار آواز آهي:
سنڌ سڄي ۽ ڪڇ ڪنارو،
وٺو ويرا واه ڏيپلو ڇارو،
ڏانو ڌانڌل ٻلهياري ري،
کاروڙو کينسر راڄوڙي رم جهم،
ڪاٽڻ پلٽي ڪاري ري،
تل ترائين ٽوڀا ٽم ٽم،
برسي بوند بهاري ري.
آوي مند ملهاري ري .
مينهن پڄاڻان صحرا جو پيٽ چيري نڪرندڙ للر، مريڙو، کنڀيون، ڪونڍير، مانڌاڻي سميت گهڻائي ٻوٽا، وليون، گاهن گلزاريون ٿر جي فطري حسن جي انفراديت جو ڏيک ڏينديون آهن، ٿر ۽ وسڪاري جو هڪ اهڙو سنٻنڌ آهي، جو مينهن بنا ملير اڻپورو ۽ اڌورو آهي. لطيف سائين جي سر سارنگ ۾ وسندڙ ٿر، بڊي جي بادلن ۽ ڊيلن جي صدائن جهڙو ٿر وسڪاري پوڻ سان مرڪي پوندو آهي.
جديد دور جي تقاضائن موجب ٿر ۾ به ڪيتريون ئي تبديليون رونما ٿيون آهن، اڳي جتي ڏاگهن ۽ ڏاندن سان کيٽ کيڙبا هئا اتي هاڻ ٽريڪٽر جو استعمال عام ٿي ويو آهي، اڳ ۾ اونهاري جي لڱ ساڙيندڙ لڪن ۾ کرا کولبا هئا ان جاءِ تي ٿريشر مشين ذريعي ان اپايا وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ٽريڪٽر جي پوک ذريعي ننڍن ڦٽندڙ وڻن جو وڏو نقصان ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪنڍين ۽ ٻيرڙين جا وڻ ختم ٿيندا وڃن ٿا، پر وقت جي بچاءُ جي ڪري ماڻهو ان کي اهميت ڏين ٿا. مينهن وسڻ سان ٿر جا حسين منظر جهومي پون ٿا ۽ سياحن جي اچڻ جو سلسلو جاري رهي ٿو. ڪارونجهر جبل، ڀوڏيسر تلاءُ، انچلاسر، ڪجلاسر، راڻاسر، ڀٽياڻي، سارنگاهه، چوڙيو ڪاسٻو، گوڙي مندر، سنت نيڻورام آشرم، گڊي ڀٽ، چيلهار وغيره سياحن جي گهمڻ لاءِ بهترين تفريح جا ماڳ آهن. ٿر ۾ زمين جي پوکائي دوران گئوچر ، مال جا چراگاهه گهڻي قدر پوکيا وڃن ٿا جيڪو نه رڳو قانوني جرم آهي، پر چوپائي مال جي کاڌ خوراڪ جو اهو واحد ذريعو به بند ڪيو وڃي ٿو. برسات دوران کنوڻ ڪرڻ جا به ڪيترائي واقعا هر سال پيش اچن ٿا، جنهن ۾ انساني زندگين سان گڏ غريب ماروئڙن جي مال جو به وڏو نقصان ٿئي ٿو. انهي اهم ۽ بنيادي مسئلي تي اڃان نه حڪومت ڌيان ڌريو آهي نه ڪي NGOs ادارا ان تي ڪم ڪن ٿا جو ان جا ڪي جوڳا حل ڪڍي ڏنا وڃن يا ان جي بچاءُ جو آلو Lighting Rod لڳائي ڏنو وڃي، جيئن ٿر جون انساني جانيون بچايون وڃن.
وسڪاري جي موسم ۾ ٿر سرسبز ٿيندو آهي ته ڇانهيون، گدريون، چڀڙ، ميها، گوار سان گڏ ڪيتريون ڀاڄيون ۽ ميوا ٿيڻ سان ٿري ماڻهن جو روزگار به ٿيندو آهي.
مينهن جي مند ۾ ٿر جي انڊلٺي سونهن پنهنجي سموري جمالياتي حسن سان موٽي ايندي آهي. سيمن ۾ مال جي سنڀارن، چڙن چنگن جا مڌر آواز ، ڌنارن جون سينڍون، پکين جون ٻوليون، ٻنين ۾ جهار هڪلڻ لاءِ ٽاٽ جا ٺڪاءُ، پوپٽن جا رنگ، جيتن جي چڻ ڀڻ ۽ ڀٽن ڀر عار جو سنهڙو آواز ، راڻليا، ڪجليا، راسوڙا، همرچا ۽ ڪيترن ئي لوڪ گيتن جا آلاپ ان سڄي شاندار منظر جو دلڪش پسمنظر آهن.مينهن وسڻ سان جڏهن مڙهن ماٿارين تان ندين جا گوگهٽ، ڏهرن ۾ تل تراين کي تار ڪري ڇڏين ٿا ته اڃايل ٿر جي واري کي نئون رنگ ملي وڃي ٿو ۽ ٻارڙا ڳوٺ جي ريلن ۾ رانديون کيڏندي ننڍڙا گهر ٺاهين ٿا. ٿر جيڪو مذهبي متڀيد کان آجو رهيو آهي، ۽ پنهنجي روايتن ۽ ريتن جو امر خطو آهي اهو وسا ورنيءَ ۾ سندس سڃاڻپ جو بيمثال نمونو آهي.
حيدر رند جي گيتن ۾ جيئندڙ ٿر هاڻ سندس انهي حسناڪين ڏانهن موٽ کائي پيو. هي رُت دلبرين جي مند آهي، ۽ هن مند لاءِ ٿر سدائين واجهائيندو رهيو آهي.