اُڏام جو ۽ ٻيا خوف قسط-2
الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”
قسط-2
اُڏام جو ۽ ٻيا خوف
الطاف شيخ
بيروت جو شهر پنهنجي ليکي سٺو آهي، پر اهڙو به ڪو هيڪاندو وڏو ناهي، جيڏو پيريءَ اسان جي مغز ۾ ويهاريو هو. ذري گهٽ هر شيءِ نئين آهي. چوڌاري ڪارن فليڪس جي کوکن جهڙيون سوين اڇي رنگ جون عمارتون سنگ مرمر جي ڏيڍين سان آهن. جيڏانهن تيڏانهن گهٽين جي ڀڃ ڊاهه لڳل هئي. آگسٽ جي مهيني ڪري بيروت ۾ چڱي گهم ۽ ڪاڙهو هو. خبر ناهي ڪهڙي رنگ جو هتي گاهه ٿئي ٿو، پر سج جي تپش ڪري ڏاس جي ڇاڻ جي رنگ جهڙو ڀورو ٿي ويو هو. ميڊيٽرينين (ڀوئنوچ) سمنڊ گُليءَ جهڙو نيرو ضرور آهي (پر ايجين سمنڊ کان وڌيڪ ناهي، چاهي پيري ڪيترو به کڻي ان کي پڏائي).
ڪن ڪن ڪُنڊن وٽان بيروت جو شهر ڪجهه اهڙو ٿو لڳي جهڙو اٿينس، ڪاٽو يوناني قلعي جي، هڪ ٽنگو ٽيڙيل ۽ چيلهه چٻي ٿيل مشرقي شهر، جنهن جي چپي چپي تي پراڻين جهريل جاين جي ڀرسان نيون اڀرندڙ عمارتون نظر اچن ٿيون. شهر گهمڻ کانپوءِ توهان کي ڪهڙيون شيون ياد رهي سگهنديون: مسجدن ڀرسان ڪوڪا ڪولا جا اشتهار، برماشيل پيٽرول پمپن جا عربيءَ ۾ لکيل نالا. جتي ڪٿي مکين جا انبار، مرسڊيز ۽ شيورليٽ ڪارن ۾ پوين سيٽن تي منهن ڍڪي ويٺل عرب عورتون. ڪارن جا شيشا پردن سان ڍڪيل، منجهن رکيل اسپيڪرن تان ڪن کائيندڙ وڏي آواز ۾ عربي ميوزڪ جي ڌم. ڪٿي ته پردي جو اهو حال ڪٿي وري عربياڻيون الحمرا اسٽريٽ جهڙين جڳهين تي مني اسڪرٽن ۽ سنهين آرپار نظر ايندڙ چولن ۾ پسار ڪندي نظر اينديون. ساڳي مٿئين گهٽيءَ ۾ تازيون آمريڪن آيل فلمون ۽ ڪتابن جي ڀر مار لڳل. ڪتابن جا دڪان پينگوئن، لائوريس ڊي پوچي، آمريڪن ڪاغذي جلدن وارن ڪتابن ۽ ڪوپن هيگن ۽ ڪئليفورنيا کان آيل تازن فحش ڪتابن سان ڀريل. ايئن محسوس ٿو ٿئي ته واقعي مشرق ۽ مغرب پاڻ ۾ اچي مليا آهن، پر ملڻ سان ڪا سهڻي شيءِ ڄڻڻ بدران ڄڻ ٻئي ڪتن جي حوالي ٿي ويا آهن.

منهنجي ڀيڻ جي فليٽ تي سڄو ڪٽنب اسان جو انتظار ڪري رهيو هو، سواءِ امان بابا جي، جيڪي جاپان ويل هئا ۽ ڪنهن وقت به هتي پهچڻ وارا هئا. اسان جي ڀيڻ رئنڊي هيڏي لوڌ ڄڻڻ بعد به لڳاتار ايئن نخرا ڪري رهي هئي ڄڻ تاريخ جي هيءَ پهرين عورت پيٽ سان ٿي هجي.
مون کي چار سال ننڍي ڀيڻ لالاح کي گهمرا ٿي پيا هئا ۽ هر ڀيري هن ڪاڪوس مان موٽڻ مهل هرهڪ کي پنهنجي ڪاڪوس جو رنگ ۽ پٽڙائيءَ بابت ٻڌايو ٿي. سندس شادي ننڍي هوندي ئي آمريڪا جي هڪ (سندس چواڻي) اڇي ۾ اڇي شيدي باب سان ٿي هئي. باب اڇو خير ڪو آهي، پر چاڪليٽ جهڙو ناسي چئي سگهجي ٿو. بهرحال سندس دل سا اڇي اجري آهي، کير جهڙي. پاڻ ڊاڪٽر آهي. ايم بي بي ايس بعد آرٿوپيڊڪ سرجري ۽ هاڻ هفتي جا چار ڏينهن ماڻهن جون ٽنگون سڌيون ڪندو آهي، ڀڳل هڏن ۾ ڪلا ٺوڪي ڳنڍيندو آهي ۽ انشورنس ڪمپنين کان ڏوڪڙ اوڳاڙيندو آهي. اسان جي اها ڀيڻ سڀني ۾ سُکي آهي. زال مڙس کي ڌار ڌار ڪارون آهن ۽ فرصت ۾ رڳو گهمڻ ڦرڻ هوندو اٿن. اسان اهو پئي سمجهيو ته اهڙن مشغول ماڻهن کي ٻار ڄڻڻ جي لاءِ نه خيال هوندو نه ئي وري واندڪائي! پر اسان ڀليل هئاسين. هوءَ ته ماڳهين “ٻار روڪ” بدران “ٻار ڄم” جون گوريون کائي رهي هئي. (جيئن پوءِ پاڻ ڳالهه ڪيائين ۽ ساڳي وقت اخبارن ۾ به پڙهيوسين). شاديءَ کان پورن ٻن سالن بعد هڪ نه ٻه، يڪا سارا چار ٻار هڪ ئي وقت ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيائين. بهرحال لالاح جي به مون سان نه پوندي آهي، خاص ڪري منهنجو لکڻ پڙهڻ جو شوق کيس ڀانءِ نه پوندو آهي. هر وقت ڏوراپا ڏيندي آهي ته آهي ڇا ان شعر و شاعري ۾؟ ڪا ڪم جي ڳالهه به سجهنئي ٿي يا نه. مون وانگر چار نه ته گهٽ ۾ گهٽ جاڙا ئي کڻي ڄڻ.
هونئن گهر ۾ امان بابا جن منهنجي مڙس کي درويش سمجهي سڀني کان وڌيڪ ان جو خيال رکندا ۽ هر وقت هن کان ڊڄندا رهندا. هنن جي مغز ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته منهنجي مڙس کي ٻين جي دلين جو حال پڙهڻ اچي ٿو، پر اها ڳالهه ناهي. ڪيترا دفعا سمجهايو هوندومان ته: “امان! جڏهن هو خالي دماغ سان توهان ڏانهن گهوري ٿو ڏسي ته ڪو توهان جي اندر جون ڪمزوريون ڪونه پيو جاچي، هو ته ان مهل پنهنجي کٽارا گاڏيءَ جو تيل بدلائڻ، چڪن سوپ ٺاهي پيئڻ ۽ مليريا کان بچڻ جون ترڪيبون ويٺو سوچي.”

چولي منهنجي ٽيو نمبر ڀيڻ آهي مون کان ڇهه سال ننڍي آهي. بيروت پهتس ته هوءَ پنهنجي مڙس جي خطن جي انتظار ۾ ڪانگ اڏائي رهي هئي. هوءَ سڀني ۾ لاڏلي ۽ سهڻي آهي. هن آمريڪا ۾ ئي اسان جي پاڙيسري عبل نالي يهودي سان شادي ڪئي هئي ۽ کيس هڪ ئي پٽ آدم آهي جيڪو ماءُ پيءُ وانگر سهڻو ۽ اڇي رنگ جو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عيد براد ڪٽنب جي گڏجاڻين مهل، اڱڻ ۾ کيڏندڙ ڏوهٽن ڏوهٽين ۾ هڪ آدم ئي آريو لڳندو آهي باقي ٻيا ٽين دنيا جا اڻ آريا.
۽ هينئر ته بيروت جي ڪجهه گرمي ڪري ڪجهه گهڻن مهمانن جي ڪري رئنڊي جا ٻار پڻ ڇتا ٿي پيا سڄو ڏينهن بالڪني ۽ ڇت تي ٽاپيون هڻڻ ۾ پورا هئا، يا نوڪرياڻي کي عربي ۾ گاريون ڏيڻ ۾. (جنهنڪري هن روز سامان ٻڌي گهر ڇڏڻ جي ڌمڪي ٿي ڏني). اسان جي ڀيڻوئي پيريءَ، جيڪو پنهنجي پر ۾ پنهنجو پاڻ کي خليل جبران سمجهي ٿو، گائون پائي گهر جي پٿرائين پٽ تي چڪر هنيا پئي ۽ وچ اوڀر بابت پراڻي زماني جا ڪنا چرچا ٻڌايا ٿي، جن مطابق وڏي ڀيڻ جي مڙس کي باقي ڀينرن تي به ساڳيو حق هو. جڏهن ان قسم جي بڇڙين ڳالهين کان واندڪائي مليس ٿي ته پنهنجي شاعري کڻي ويٺو ٿي، (لڳي ٿو سڀ عرب شاعري ڪن ٿا) جيڪا ڪجهه هن ريت لڳي ٿي:
منهنجو پيار ڪڻڪ جي تهه مثال،
جيڪو کڙيو گل ٿيو پوي.
هن جون اکيون چڻ آسمان ۾ هيرا…وغيره.
“ظلم اهو آهي ته”، چاش جهڙي مٺي عربي ڪافي جون سرڪيون ڀريندي مون پيري کي ٽوڪيو “ڪڻڪ جا تهه ڪڏهن به ٽڙيل ٿيندا ته ناهن.”
“شاعراڻو سرٽيفڪيٽ” هن ڳنڀير ٿي چيو.
“چڱو چڱو هلو ته سڀ بيچ (سمنڊ جي ڪناري) تي هلون.”
مون صلاح ڏني مان، هرڪو ٿڪل هو هر هڪ کي گرمي لڳي رهي هئي، هر هڪ کي سستي چڙهيل هئي، ظاهر آهي بالبيق يا صيدار ڏي وٺي هلڻ لاءِ ته چئي نٿي سگهياسين. ڀلا دمشق… قاهره… ٺهيو ڇڏين کڻي. هلندا هونئن ئي ڪونه. اسرائيل جيتوڻيڪ بارڊر جي هن پاسي آهي، پر اوڏانهن وڃڻ لاءِ پهرين قبرص وڃڻو پوندو ۽ ايندي وقت واري هوائي سفر بعد اوڏانهن وڃڻ جو سوچڻ به عذاب هو، جو عرب ملڪن مان نه سڌو سنئون اسرائيل وڃي سگهجي ٿو نه ئي اتان اچي سگهجي ٿو. سو سڄو ڏينهن گهر جي بيٺڪ ۾ ويهي وقت گذارڻو پيو ٿي.
۽ پوءِ جڏهن امان بابا جن هٿ ٺوڪئي “پر اسرار اوڀر” کان سوکڙين پاکڙين کان ٽٻ ٿي گهر پهتا ته گهر جون حالتون ويتر ابتر ٿي ويون. پهريان ٽي چار ڏينهن اسان جي ڀيڻ هنن کي ڏسي ٺري خوش پئي ٿي، پوءِ جيئن ڏينهن تي ڏينهن پوڻ لڳو ته سندس ڇتائي جي ڊگري وڌڻ لڳي. ڳالهه ڳالهه تي چڪ پائڻ ٿي آئي، جهيڙي خاطر کوٽي کوٽي اڄ کان ويهه سال اڳ جون ڳالهيون ڪڍيائين ٿي. “مئا پَر پٽجن هيل” چوڻي مطابق هاڻ اها به ڪا ڳالهه ته: امان مون کي ننڍي هوندي پيانو سکڻ جي موڪل ڇو نه ڏنئي، ننڍي هوندي منهنجا پيشاب هاڻا ڪڇا سگها سگها ڇو مٽائيندي هئين، يا ڇو نه مٽائيندين هئين؟ مطلب ته هر ڳالهه لاءِ ڏوهاري امان بابا جن. آئون اهو سوچيندي رهيس ته مون کي ڪهڙي ڪاري بلا کاڌو جو آرام لاءِ سڄو جهان ڇڏي هتي بيروت کان اچي نڪتيس. …(هلندڙ)….

